16 منگل , اکتوبر 2018

سينيٽ چونڊون، سنڌ مان 47 ۽ پنجاب مان 34 فارم جمع، اسماعيل راهو، مخدوم خليل سميت 9 ميمبر ووٽ لاءِ نااهل

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ جي خالي ٿيندڙ 52 سيٽن تي 144 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. 104 سينيٽرن تي ٻڌل ايوان جا 52 ميمبر 11 مارچ تي رٽائر ٿي ويندا، رپورٽن موجب پنجاب مان 34 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن، پنجاب ۾ مشاهد حسين، چوڌري سرور ۽ ٻين جا فارم جمع ڪرايا ويا آهن. مشاهد حسين ق ليگ ڇڏي، نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي اميدوار نامزد ٿيو آهي. ايندڙ سينيٽ ۾ چيئرمين جو اميدوار آهي. خيبرپختونخوا مان به 34 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. جن ۾ جنرل سيٽن تي 20، 8 عورتن، ٽيڪنوڪريٽ جي 6 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. بلوچستان مان 28 سينيٽ اميدوارن فارم جمع ڪرايا آهن، جن ۾ 15 جنرل سيٽن، 7 ٽيڪنوڪريٽن لاءِ مخصوص سيٽون ۽ 6 عورتن لاءِ مخصوص سيٽون شامل آهن. فاٽا مان سينيٽ چونڊن لاءِ ڪنهن به نامزدگي فارم جمع ناهن ڪرايا، جڏهن ته اسلا آباد ۾ ٽيڪنوڪريٽ سينيٽر جو فارم جمع ڪرايو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن 2018ع جي سينيٽ جي چونڊن ۾ رٽرننگ آفيسرن کي ڇنڊڇاڻ دوران ضروري سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ چئني صوبائي آفيسن ۾ سهولت مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن پاران جاري پڌرائي موجب 3 مارچ تي ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ آن لائين ٽيڪنالاجي مدد سان نادرا، نيب، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ادارن کان ڪئي ويندي. انهن ادارن کان ملندڙ معلومات سمورن لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن کي مهيا ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن ان ڏس ۾ نيب چيئرمين، نادرا، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ادارن سان رابطو ڪيو آهي ۽ انهن کان مدد گهري آهي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري پاران سمورن لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي خط پڻ موڪليا ويا آهن جن ۾ انهن کي چيو ويو آهي ته اهي فوڪل پرسن نامزد ڪري ڪميشن کي آگاهه ڪن. اليڪشن ڪميشن پنهنجي اثاثن جا گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي جيڪي گوشوارا جمع ڪرائڻ کانسواءِ سينيٽ جي چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ جي اهل نه هوندا، انهن ۾ سنڌ اسيمبلي جا 7 ۽ پنجاب اسيمبلي جا 2 ميمبر شامل آهن. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن محمد اسماعيل راهو، مخدوم خليل الزمان، مسمات ثانيه ناز، محمد ڪامران، رخسانه پروين، بلقيس مختار، ارم عظيم فاروقي ۽ پنجاب اسيمبلي جا سردار محمد جمال خان لغاري ۽ عبدالمجيد نيازي شامل آهن. اليڪشن ڪيمشن واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن انهن ميمبرن پنهنجا گوشوارا جمع نه ڪرايا ته اهي ووٽ جو حق استعمال نه ڪري سگهندا.033041

ڪراچي ( رپورٽر ) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ سينيٽ جي 9۽ عورتن جي ٻن مخصوص سيٽن تي فارم ڀرائيندڙ 47 اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل چارٽ موجب سينيٽ جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ فارم ڀرائيندڙ اميدوارن ۾ پيپلز پارٽي جي رضا رباني، مولابخش چانديو، مصطفيٰ نواز کوکر، سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ، امام الدين شوقين، اياز احمد مهر، مرتضيٰ وهاب، دوست علي جيسر، محمد قاسم، جاويد ناياب لغاري، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سيد مظفر حسين شاهه، پي ايس پي مان سيد مبشر امام، ڊاڪٽر صغير احمد، حسن صابر، ايم ڪيو ايم پاڪستان مان محمد ڪامران ٽيسوري، سيد امين الحق، فرحان چشتي، محمد فروغ نسيم خان،  عامر ولي الدين چشتي، احمد چناءِ سرفراز خان جتوئي شامل آهن، جڏهن عورتن جي ٻن مخصوص سيٽن تي پيپلز پارٽي جي ندا کهڙو، حميراعلواڻي، ڪشو ٻائي، قرت العين مري ايم ڪيو ايم پاڪستان جي نسرين جليل، منگلا شرما، نگهت شڪيل خان ۽ ڪشور زهرا شامل آهن. پي ايس پي مان صوفيا سعيد شاهه شامل آهن. ٻئي پاسي ٽيڪنو ڪريٽ لاءِ فارم ڀرائيندڙن ۾ سڪندر منڌرو، رخسانه زبيري، يونس حيدر سومرو، تاج حيدر، ايم ڪيو ايم مان عبدالقادر خانزاده، محمد فروغ نسيم، پي ٽي آءِ محمد نجيب هارون، پي ايس پي صوفيا سعيد شاهه، احمد چناءِ، سيد علي رضا عابدي، جسٽس ( ر ) حسن فيروز فارم جمع ڪرايا، جڏهن ته اقليتن جي مخصوص سيٽن جي لاءِ پ پ جي انور لال دين، انٿوني جاويد، ايم ڪيو ايم جي سنجي پارواڻي، پي ايس پي جي موهن منجهاڻي شامل آهن. صوبائي اليڪشن ڪميشن يوسف خٽڪ چيو آهي ته سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي فارم سنڌ ۾ 12 سيٽن لاءِ هن وقت تائين 37 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن.جڏهن ته 161فارم ورتا ويا هئا، صوبائي  اليڪشن ڪميشن پاران  چيو ويو ته پ پ 20 ، پاڪ سر زمين پارٽي 6 ، فنڪشنل ليگ جو 1 ،ايم ڪيو ايم فاروق ستار جا 2 ،رابطه ڪميٽي پاران 6 .مسلم ليگ نون جا2 ۽ تحريڪ انصاف جي پاران 1 فارم جمع ڪرايو ويو آهي. سنڌ ۾ 7 جنرل، ٻن ٽيڪنوڪريٽ، ٻن عورتن ۽ هڪ اقليتي ميمبر لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايا پيا وڃن، جڏهن ته چونڊون 3 مارچ تي ٿينديون .صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ مسلم ليگ نون پاران آصف خان ۽ بابوسرفرازجتوئي فارم جمع ڪرايا .جڏهن ته تحريڪ انصاف پاران نحيب هارون ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي فارم جمع ڪرايو آهي .پي ايس پي پاران 4 فارم جمع ڪرايا جنهن ۾ ڊاڪٽر صغير احمد،انيس هارون، حسان صابر ۽ صوفيه سعيد شامل آهن .جڏهن ته ايم ڪيو ايم فاروق ستار پاران ڪامران ٽيسوري ۽ فيصل  چستي جمع ڪرايا آهن .جڏهن ته ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي پاران نسرين جليل ،ڪشور زهرا، عامر چشتي، امين الحق، بئيرسٽرفروغ نسيم ۽ عبدالقادرخانزادو فارم جمع ڪرايا آهن.033041

متحده ڌڙن ۾ معاملا نه ٺهيا، فاروق ستار رابطا ڪميٽي وفد سان ملاقات ئي نه ڪئي

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ٻنهي ڌڙن ۾ نبيرو نه ٿيو، فاروق ستار پي آءِ بي پهتل رابطا ڪميٽي وفد سان ملاقات ئي نه ڪئي. رات دير سان رابطا ڪميٽي وفد پي آءِ بي ڪالوني ۾ فاروق ستار جي رهائشگاهه پهتو پر دير تائين ويهڻ باوجود ساڻس ملاقات نه ڪئي وئي. عامر خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سموري رابطا ڪميٽي آئي هئي پر ملاقات نه ٿي. ٻيهر به اچي وينداسين. فيصل سبزواري چيو ته ڪارڪنن کي مونجهاري کان بچائڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. فاروق ستار چيو آهي ته صورتحال بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سمورا نالا صلاح مشوري سان ڏنا، سڀني جو اسان وٽ ساڳيو احترام آهي. گذريل ڏينهن پي آءِ بي ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراھ ڊاڪٽر فاروق ستار پنهنجي رهائشگاھ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته رابطا ڪميٽي جي ميمبرن معاملا سِڌا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن گڏجي ويهي سينٽ اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏينداسين. پر في الحال ٻنهي ڌار ڌار فارم جمع ڪرايا آهن. فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان سينٽ جي جنرل سيٽ لاءِ پهريون نالو ڪامران ٽسوري جو آهي. جڏهن ته سي پي ايل سي جي اڳوڻي چيف ۽ واپاري احمد چنائي جو نالو ٻئي نمبر تي آهي. ان کان علاوه جنرل سيٽن جي وڌيڪ اميدوارن ۾ فرحان چشتي جو نالو پڻ شامل آهي. جيڪو خالد بن وليد شهيد جو ڀاءُ آهي. هن چيو ته سينٽ جي ٽيڪنوڪريٽ سيٽن ۾ به احمد چنائي جو نالو شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته رٽائرڊ جسٽس حسن فيروز جو نالو پڻ شامل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن فاروق ستار ڪيناڊا مان ساڻس رابطو ڪندڙ حيدر عباس رضوي کي ڇنڊ پٽي. هن چيو ته بهادر آباد گروپ جي حمايت بعد ڪهڙي حيثيت ۾ رابطو ڪيو پيو وڃي.033041

پ پ بلوچستان مان سينيٽ سيٽ کٽي ته هارس ٽريڊنگ ثابت ٿي ويندي: راڻا ثناءُالله

لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته اسما قتل ڪيس جو جوابدار پنجاب فارنزڪ ليب پڪڙايو، عمران خان کي ٿورا مڃڻ گهرجن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته پنجاب فارنزڪ ليب جوابدار جو نالو ٻڌايو ته ڪي پي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، اسما قتل ڪيس جو جوابدار پنهنجي گهر ۾ ئي موجود هو. هن چيو ته بلوچستان ۾ اسان جون 4 سيٽون هيون، هاڻي به 2 ملڻ جو امڪان آهي، مخالف ڌر گڏ ٿي وڃي ته پنجاب مان سينيٽ جي هڪ سيٽ کٽي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري پ پ جو اهو حشر ڪيو جيڪو پريز مشرف ۽ ضياءَ الحق نه ڪري سگهيا آهن. راڻا ثناءَ الله چيو ته پ پ کي سنڌ جي مختلف علائقن تائين محدود ڪيو ويو آهي.  هن چيو ته آصف زرداري پاڻ اي ٽي ايم آهي، سندس بلوچستان اسيمبلي ۾ هڪ به ميمبر ناهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن بلوچستان مان پ پ سينيٽ جي سيٽ کنئي ته هارس ٽريڊنگ ثابت ٿي ويندي. راڻا ثناءُ الله چيو ته رائو انوار کي گرفتار ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، جيڪڏهن زرداري هائوس ۾ هجي ها ته گرفتار ٿي چڪو هجي ها.063041

ڪيتري به مخالفت ٿئي، سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺندس: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم ۾ اختلافن جو سبب بڻيل ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ڪنهن کي ڊاڪٽر فاروق ستار جي نيت ۽ قابليت تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي. ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڪا به لالچ يا مجبوري ناهي، هو مهاجر قوم لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار جي 35 سالن جي سياست ۾ مخالف به مٿس ڪرپشن جو الزام نه ٿا هڻي سگهن. سندس چوڻ هو ته اختلاف سڳن ڀائرن ۾ به ٿيندا آهن پر ڪنهن کي ڇڏيو نه ويندو آهي. ڪامران ٽيسوري چيو ته جيڪڏهن فاروق ستار کيس چيو ته هڪ منٽ ۾ هٿ کڻندو ٻي صورت ۾ ڪيتري به مخالفت ٿي وڃي مان چونڊن ۾ حصو وٺندس. هن چيو ته فاروق ستار 23 آگسٽ تي ڏکي صورتحال مان پارٽي کي ڪڍي آيو، کيس اميد آهي ته هاڻي به اختلاف ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار دا ڪندو.033041

اليڪشن ڪميشن ۾ فيصل سبزواري روئي ويٺو، فاروق ستار جي ڳراٽڙي

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ فيصل سبزواري فاروق ستار ڀاڪر پائي روئي ڏنو، ان موقعي تي ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو ته اوهان وڏا آهيو پارٽي جي ورهاست کي روڪيو. فاروق ستار خاطري ڪرائي ته مان پارٽي ورهائڻ نه ڏيندس. فاروق ستار فيصل سبزواري کي تسلي ڏني. صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ ڪامران ٽيسوري آيو ته موجود فيصل سبزواري ۽ سردار احمد هن کي نظرانداز ڪيو، جڏهن ته ڪامران ٽيسوري ۽ خواجا اظهار الحسن هڪ ٻئي سامهون اچي ويا، هڪ ٻئي سان هٿ ملايو، خواجا اظهار الحسن چيو ته لڳي ٿو منهنجي سياسي رٽائرمينٽ جو وقت قريب اچي ويو آهي.033041

ايم ڪيو ايم ۾ وڏا ڏار پوڻ سان سنڌ جي سياست تي فرق نه پوندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (م ڊ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ وڏا ڏار پئجي چڪا آهن پر سنڌ جي سياست تي ڪو به فرق نه پوندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته جڏهن پارٽي ٽٽندي آهي ته ڏار پوڻ شروع ٿيندا آهن. هن چيو ته ايم ڪيوا يم ۾ سامهون ايندڙ گروپنگ جو سنڌ جي عوام تي ڪو به فرق نه پوندو. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم ۾ ڌڙا بندي سندن اندروني معاملو آهي. خورشيد شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم سبب سنڌ جو عوام نه ٿو رلي سگهي، سنڌ جي عوام جا پنهنجا فيصلا آهن.063041

اميد ته متحده جا سمورا ميمبر پ پ کي ووٽ ڪندا: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي اختلافن جي ور چڙهيل ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اسيمبلي ميمبرن توڙي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته جيڪڏهن هو پرامن ڪراچي ۽ پرامن سياست چاهين ٿا ته هو پ پ ۾ شامل ٿي وڃن، ڪالهه بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني، وقار مهدي، محمد علي ڀٽو ۽ ٻين سان گڏ  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان اندروني اختلافن جو شڪار آهي، ان ڪري اها سياسي طور ڪم نه پئي ڪري سگهي، هر ڪو مفادن لاءِ ڪم پيو ڪري ۽ پنهنجا سينيٽر چونڊرائڻ ۾ لڳو پيو آهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اسٽرينٿ پوري هجي ته اها 4 سينيٽر چونڊرائي سگهي ٿي پر موجوده صورتحال ۾ اها صرف هڪ ئي سينيٽر مشڪل سان چونڊرائي سگهي ٿي، سعيد غني چيو ته سينيٽ جي ٽڪيٽ تي ايترا اندروني اختلاف آهن ته پوءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪهڙي صورتحال هوندي، ان ڪري ڪراچي ۾ سياست ڪندڙ پرامن ۽ شريف ماڻهو سٺي سياست جي شروعات ڪندي پ پ ۾ شامل ٿي وڃن، هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا عوام ۾ خوف پيدا ڪري ماضي جي سياست کي زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جيڪا سياست الطاف حسين ڪئي هئي، پر هاڻي صورتحال تبديل آهي، جيڪي ڪراچي کي پرامن ۽ ترقي جي راهه تي آڻڻ چاهين ٿا اهي انهن لاءِ پ پ جا در کليل  آهن، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي عوام دهشتگردي ۽ ڏکي صورتحال کي منهن ڏنو آهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري ڪراچي تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهن، ايم ڪيو ايم وارن کي هاڻي مهاجر سياست کان نڪري وفاقي سياست ۾ اچڻ گهرجي، ان ڪري ايم ڪيو ايم وارن وٽ پ پ جو پليٽ فارم موجود آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم جي ايم پي ايز جو ڪو به انگ پ پ سان گڏ نه آهي، 10 يا 15 نه پر اميد آهي ته ايم ڪيو ايم جا سمورا ميمبر سينيٽ ۾ پ پ کي ووٽ ڏيندا.043041

غلط ۽ صحيح جي پرک ڪندڙن کي شاباس ڏيان ٿو: رضا هارون

ڪراچي (رپورٽر) پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻ رضا هارون چيو آهي ته اسان جي پارٽي اڳواڻن سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوندڙن کي خراج پيش ڪيان ٿو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي رضا هارون چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ تاريخي آهي، اسان جي اميدوارن سڀني ڪيٽيگرين ۾ فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. سندس چوڻ هو ته پي ايس پي آهستي آهستي سڄي پاڪستان ۾ پکڙجي ويندي، مختلف پارٽين جي اڳواڻن اسان سان رابطا ڪيا آهن.033041

سينيٽ جون چونڊون روڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل

لاهور (م ڊ) 3 مارچ تي ٿيندڙ سينيٽ جون چونڊون روڪرائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. جوڊيشل ايڪٽوازم پينل جي سربراهه ايڊووڪيٽ اظهر صديقي طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم سان آرٽيڪل 62 ۽ 63 بي اثر ٿي ويا آهن، جنهن کي چئلينج ڪيو ويو آهي، ان بابت درخواستون لاهور هاءِ ڪورٽ وٽ ٻڌڻي هيٺ آهن، جن تي فيصلي تائين سينيٽ جون چونڊون روڪيون وڃن.063041

ڪنهن کي به ويٽو پاور ناهي، ڪنوينر بدلائي سگهجي ٿو:  رابطا ڪميٽي

ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ڪنهن کي به ويٽو پاور ناهي، رابطا ڪميٽي ڪنوينر کي آڻي ۽ هٽائي سگهي ٿي.  ڪراچيءَ ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي رئوف صديقي چيو ته پارٽي جي آئين ۾ لکيل آهي ته 2 ڀاڱي ٽي اڪثريت سان فيصلا ڪيا ويندا. ايم ڪيو ايم اڳواڻ فروغ نسيم چيو ته رابطا ڪميٽي ڪنوينر آڻي ۽ هٽائي به سگهي ٿي ڪنهن کي ويٽو پاور ناهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي طرفان ميرٽ تي عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. 03

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے