19 جمعہ , اکتوبر 2018

فيض آباد ڌرڻو ڪيس: راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران راجا ظفر الحق ڪميٽيءَ جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.  جسٽس شوڪت عزيز صديقي فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف ڪمشنر، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي جي آءِ بي عدالت جي روبرو پيش ٿيا.  ڊائريڪٽر جنرل انٽيليجنس بيورو وائرل آڊيو رڪارڊنگ بابت رپورٽ پيش نه ڪري سگهيو جنهن تي عدالت کيس ڇنڊ پٽيندي 12 فيبروري تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري کي ٻيهر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته بچاءَ وارو سيڪريٽري رپورٽ ۾ ٻڌائي ته مظاهرين سان ٺاهه ۾ آرمي چيف جو نالو ڇو استعمال ڪيو ويو آهي.  جسٽس شوڪت عزيز رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ۾ رپورٽ جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shutdown in Kashmir a day after forces gun down two militants

قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري چئن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر( ويب ڊيسڪ) قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري 4 ڪشميرين کي شهيد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے