23 منگل , اکتوبر 2018

واٽس ايپ تي هاڻي رقم به منتقل ٿي سگهندي

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)پيغام موڪلڻ جي سڀ کان مشهور ايپلي ڪيشن”واٽس ايپ“صارفين لاءِ هاڻي نئي اپ ڊيٽ جي تسلسل کي برقرار رکندي هاڻي مالي ڏي وٺ جي سهولت به متعارف ڪرائي رهي آهي. جڏهن ته ”واٽس ايپ ايزي پيمنٽ “جي نالي سان نئين فيچر جي آزمائش ڪري رهيو آهي جنهن تحت صارفين محفوظ طريقي سان رقم منتقل ڪري سگهندا. هي فيچر في الحال بي ٽا ورزن ۾ آهي جنهن کي مڪمل ڪامياب تجربي کان پوءِ باقاعده طور تي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو.

هي فيچر” اٽيچمنٽ“ مين ڏسي سگهجي ٿو جتي گيلري، آڊيو ۽ لوڪيشن وغيره جا آپشن موجود هوندا آهن، هن کي استعمال ڪرڻ لاءِ” پي منٽ“ دٻائڻ سان نئين اسڪرين ۾”يو پي آئي“ اڪائونٽ جي لنڪ کلندي ، جيڪڏهن ”يو پي آئي“ اڪائونٽ ناهي ته صارف کي پهريان هي اڪانٽ لازمي ٺاهڻو پوندو. ٻڌايو پيو وڃي ته هي فيچر آزمائش جي آخري مرحلي ۾ مڪمل ٽيسٽ کان پوءِ هن کي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Invent another cheap way of making electricity from sunlight

سج جي روشني مان بجلي ٺاهڻ جو هڪ وڌيڪ سستو طريقو ايجاد

انڊيانا(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن سج جي حرارت مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ شمسي( سولر) پئنل بجاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے