20 ہفتہ , اکتوبر 2018

دپيڪا پڊوڪون  ڪترينا ڪيف سان نفرت جي حد پار ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي  مشهور اداڪارائون دپيڪاپڊوڪون ۽ ڪترينا ڪيف وچ ۾ اختلافن کان پوري فلم انڊسٽري واقف آهي پر دپيڪا ڪترينا سان ان حد تائين نفرت ڪندي آهي جو پنهنجي زندگي کي سڀ کان اهم ڏينهن تي ان کي شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گذريل جئين سال ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪاشرما جي شادي کان پوءِ ماڻهن جون نظرون دپيڪا ۽ رنويرسنگهه جي شادي ڏانهن آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي 2018 ۾ شادي ڪري رهيا آهن. جئين ته دپيڪا پنهنجي خوشين ڀري ڏينهن جنهن اداڪارا جي موجودگي برداشت نه ڪري سگهندي اها بالي ووڊ جي ڊول ڪترينا ڪيف آهي. جڏهن ته هڪ تقريب دوران  دپيڪا کان شادي جي باري ۾ سوال ڪيو ته دپيڪا خاموش ٿي وئي پر ان سان گڏ ان جي ڀيڻ انيشا پنهنجي ڀيڻ طرفان جواب ڏيندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته شادي ۾ ڪترينا ڪيف کي نه گهرايو وڃي. جڏهن ته دپيڪا ۽ ڪترينا جي وچ ۾ اختلافن جو سبب رنڀير ڪپو رآهي. شروعات ۾ دپيڪا ۽ رنڀير ڪپور هڪ ٻئي کي پسند ڪندا هئا ته ٻنهي جي محبت ۾ ڪترينا ڪيف اچي وئي ۽ رنڀير دپيڪا کي ڇڏي ڪترينا جي پيار مبتلا ٿي ويو ان وقت کان ٻنهي اداڪارائون جي وچ ۾ خاموشي جي جنگ جاري آهي. سالن کان هڪ ٻئي سان گڏ رهڻ کان پوءِ به رنڀير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف ۾ به هاڻي عليحدگي ٿي چڪي آهي پر دپيڪا ۽ ڪترينا جي وچ ۾ اختلاف گهٽ نه ٿي سگهيا آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳائڻي شويتا پنڊت جو موسيقار انو ملڪ تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي موسيقار انو ملڪ به ”مي ٽو“ مهم جي وڪڙ ۾ اچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے