16 منگل , اکتوبر 2018

عاطف اسلم جو نئون گانو” جب ڪوئي بات “ انٽرنيٽ تي مشهور ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم جي نئين گاني ” جب ڪوئي بات“ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. عاطف اسلم ڪيترين ئي بالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪري پنهنجي آواز سان حڪمراني ڪئي آهي. هاڻي 1990ع ۾ رليز ٿيل بالي ووڊ فلم جرم جو مشهور گانو جب ڪوئي بات بگڙ جائي جي ريميڪ سان عاطف اسلم جي واپسي ٿي آهي جيڪو هن ڀارتي گلوڪارن شرلي سيٽيا ۽ ڊي جي چيتاز سان گڏجي ڳايو آهي. گاني جي پروڊڪشن وينس ۽ ورلڊ وائڊ انٽرٽينمينٽ جي آهي.  6 فيبروري تي رليز ٿيل گاني جي وڊيو يو ٽيوب ٽاپ لسٽ ۾ شامل آهي ۽ ٻن ڏينهن دوران 10 ملين کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي. وڊيو لاءِ ٽنهي گلوڪارن ٿائي لينڊ ۾ ٿيل هڪ شادي ۾ اوچتو اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ گهوٽ ڪنوار سميت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Me Too : The Wrong Attack on the kangana ranaut

مي ٽو مهم: ڪنگا رناوت جا ڪرن جوهر تي لفظي حملا

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ ۾ تيزي سان مشهور ٿيندڙ مي ٽو تحريڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے