16 منگل , اکتوبر 2018

سٺين فلمن باوجود موسيقيٰ جو شعبو زوال جو شڪار آهي: ساره لورين

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اداڪاره ۽ ماڊل ساره لورين چيو آهي ته انڊسٽريءَ ۾ سٺيون فلمون ٺهڻ باوجود موسيقيءَ جو شعبو تمام گهڻو پوئتي رهجي ويو آهي. هڪ انٽرويو ۾ ساره لورين چيو ته هڪ دور هو جڏهن هر ڪو پاڪستاني فلم ۽ سئنيما تي تنقيد ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندو پر هاڻي وقت تبديل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾سٺيون ۽ معياري فلمون پروڊيوس ٿيڻ لڳيون آهن، فلمن جون ڪهاڻيون، ڊائيگلا ۽ لوڪيشنز سان نوجوان فنڪارن جي آمد هڪ نئين فلم انڊسٽريءَ جي شروعات ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته بي شڪ اسان جي ملڪ ۾ ٽيلنٽ جي ڪابه کوٽ ناهي، فلمن ۾ پوئتي رهڻ واري شيءَ رڳو موسيقي آهي. ساره لورين چيو ته موسيقيءَ جي شعبي ۾ تمام گهڻي محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mt. Tee Tikha took over in India, some films rolled out

ڀارت ۾ مي ٽو تحريڪ زور وٺي وئي، ڪيئي فلمون رولڙي جو شڪار

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ ۾ اڄ ڪلهه مي ٽو تحريڪ زور ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے