24 بدھ , اکتوبر 2018

هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان کي سعودي عرب طرفان ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسيلينس ايوارڊ سان نوازيو ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان کي سعودي عرب طرفان ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسيلينس ايوارڊ سان نوازيو ويو. رائل سعودي آرمڊ فورسز جي چيف جنرل اسٽاف جنرل عبدالرحمان بن صالح البنيان ايئر فورس جي سربراهه کي ايوارڊ سان نوازيو ۽ ميڊل پارايو. هوائي فوج  جي ترجمان موجبن ايئر چيف پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي وارن آپريشنن ۾ پاڪستان جي هوائي فوج جي ڪليدي ڪردار تي روشني وڌي ۽ رائل سعوديه ايئر فورسکي پنهنجي ملڪ ۾ ملٽري ۽ هوابازي جي تربيت ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي. ترجمان موجب ايئر چيف سعودي عرب جي بچاءَ واري وزارت جو به دورو ڪيو جتي هن سعودي نائب بچاءَ واري وزير محمد عبدالله العيش سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دلچسپي وارن معاملن ۽ ٻه طرفي بچاءَ وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ايئر چيف سهيل امان ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ موجود دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو عزم ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوليس اهلڪارن کي ڌمڪائيندڙ عورت ڊاڪٽر جي ضمانت منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پوليس اهلڪارن سان بداخلاقي ڪندڙ عورت ڊاڪٽر شهلا جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے