20 ہفتہ , اکتوبر 2018

اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اختيار پارٽي سربراهه وٽ ئي آهي: اليڪشن ڪميشن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اختيارين جو چوڻ آهي ته پارٽي سربراهه وٽ ئي اميدوارن کي ٽڪيٽ جو اختيار هوندو آهي. اليڪشن ڪميشن اختيارين موجب پارٽي جو سربراهه ئي اميدوارن کي ٽڪيٽ جاري ڪري سگهي ٿو. فاروق ستار ۽ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي رابطا ڪميٽي ۾ سينيٽ چونڊن جي ٽڪيٽ واري معاملي تي سخت اختلاف برقرار آهن ۽ رابطا ڪميٽي اليڪشن ڪميشن کي پارٽي سربراهه جي اختيار جي حوالي سان خط لکيو. خط جي متن موجب پارٽي جي آئين شق 19 اي جي تحت اليڪشن لاءِ اميدوارن کي ٽڪيٽ رابطا ڪميٽي ڏيندي ۽ هر طرح جي چونڊن لاءِ اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اختيار رڳو رابطا ڪميٽي وٽ ئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے