16 منگل , اکتوبر 2018

ڪارڪن ڪامران ٽيسوري جي ايتري اهميت سمجهڻ کان قاصر آهن: فيصل سبزواري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فيصل سبزواري چيو آهي ته پارٽي جا ڪارڪن ڪامران ٽيسوري جي ايتري اهميت سمجهڻ کان قاصر آهن. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل سبزواري چيو ته موجوده صورتحال سبب پارٽي جا ڪارڪن هزارين شهيدن جا وارث اذيت ۾ مبتلا آهن. سندس چوڻ هو ته مسئلي جو جلد کان جلد حل چاهيون ٿا. هن چيو ته 5 فيبروري کان پارٽي جون سرگرميون معطل آهن، اسان ڪير به روڪي ناهي رهيو پر ڪارڪن پي آءِ بي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن پر قدم رڳو پاسي کان ئي کنيا پيا وڃن، مون کي خبر ناهي ته فاروق ستار جي ٽيم کي ڪير روڪي رهيو آهي ۽ نه ئي ان ڳالهه جو علم آهي ته فاروق ستار کي ڪير ڪهڙا مشورا ڏئي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي فاروق ستار جي مرضي تي ڪو به اعتراض ناهي پر جيڪڏهن پارٽي ڪنوينر جي مرضي پارٽي جي اصولن جي خلاف هوندي ته اسان ان کي نٿا قبولي سگهون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته عوام کي حساب وٺڻ جو حق حاصل آهي: عالمگير خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي تڪ اين اي 243 تان ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے