22 پیر , اکتوبر 2018

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 7 دهشتگردن کي ڦاهي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 7 دهشتگردن کي ڦاهي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد معصوم شهرين، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪ فوج تي حملن ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد 85 ڄڻن جي قتل ۽ 109 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ ۾ ملوث رهيا، دهشتگردن وٽان بارودي مواد ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا جڏهن ته سندن فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪيو ويو. دهشتگردن ۾ اطلس خان، محمد يوسف خان، فرحان، ڪالي خان، نذر مون، نيڪ مائيل خان ۽ اڪبر علي شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته انهن دهشتگردن مجسٽريٽ جي سامهون پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے