24 بدھ , اکتوبر 2018

فلم ”ڪِڪِ“ جي سيڪوئل مان سريلنڪا جي حسينا جيڪولين فرنينڊس ٻاهر

ممبئي(ويب ڊيسڪ) سلمان خان جي فلم ”ڪِڪِ“ سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ 2014ع ۾ پيش ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ساڻس گڏ ادارڪارا جيڪولين فرنينڊس مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو ۽ اِها فلم باڪس آفيس تي سپر هٽ پڻ بڻي هئي. ڪجھه ڏينهن اڳ فلم جي پروڊيوسر ساجد ناڊياڊ والا فلم ”ڪِڪِ“ جي سيڪوئل جو اعلان ڪيو هو جنهن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر مداح فلم ۾ سلمان ۽ جيڪولين فرنينڊس کي گڏ ڏسڻ لاءِ بيتاب هئا پر فلم جي سيڪوئل مان جيڪولين کي ٻاهر ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن جي موجب سلمان خان سان گڏ فلم ”ڪِڪِ 2“ لاءِ نئين اداڪارا جي ڳولها شروع ڪئي وئي آهي جيڪا اِن فلم ۾ جيڪولين جي جاءِ تي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي. فلم ساز پاران ڪيترين ئي اداڪارائن کي فلم لاءِ چيو ويو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به اداڪارا جو نالو سامهو اچي ناهي سگهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Better choice of words next time Ms Minister, Ahad Raza Mir hits back at Mazari

”ڪوڪو ڪورنيا“ تي تنقيد: سجل علي، احمد رضا مير جي حمايت ۾ ميدان تي اچي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز ) ڪوڪو اسٽوڊيو جي 11 هين سيزن ۾ ” ڪوڪو ڪورينا“ گيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے