20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ڀارتي سپريم ڪورٽ تاج محل جي مستقبل بابت حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ تاج محل جي مستقبل بابت حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڀارتي سپريم ڪورٽ طرفان رياست اترپرديش جي حڪومت کان تاج محل جي مستقبل بابت منصوبي جي تفصيل طلب ڪري ورتي ڀارتي رياست اترپرديش جي شهر آگرا ۾ موجود تاج محل کي مغل شهنشاهه شاهه جهان پنهنجي گهرواري ممتاز بيگم لاءِ محل تعمير ڪرايا هو، تاج محل پنهنجي خوبصورتي سبب صدين کان سموري دنيا جي ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي ۽ دنيا مان هر هر لکين ماڻهو محبت جي هن يادگار کي ڏسڻ لاءِ ڀارت جو رخ پڻ ڪن ٿا. پر ماحولياتي گدلاڻ ۽ صفائي جي ناقص انتظامن سبب تاج محل پنهنجي خوبصورتي وڃائيندو پيو وڃي. عالمي ميڊيا جي موجب ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ تاج محل جي حفاظت لاءِ منصوبي بابت ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت اترپرديش جي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت صدين پراڻي هن عظيم تعمير ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت لاءِ هڪ ايڊ هاڪ سوچ سانڍي ويٺو آهي. عدالت اترپريش جي حڪومت کان تاج محل لاءِ مستقل بنيادن تي حفاظتي منصوبي جي تفصيل طلب ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ اهو به چيو آهي ته حڪومت اهڙا ڪاغذ تيار ڪري جنهن ۾ ٻڌايو ويو هجي ته عالمي عجوبن ۾ شامل  هن محل جي حفاظت لاءِ حڪومت ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي. حڪومت اهڙي رپورٽ هڪ مهيني اندر سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ فائرنگ سبب قنڌار پوليس چيف مارجي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان صوبي قنڌار جي گورنر ڪمپائونڊ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ صوبائي پوليس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے