21 اتوار , اکتوبر 2018

عدليه جي بالادستي نه قبولي وئي ته بدامني ڦهلجندي: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته احتساب ادارن جي ڪمن ۾ رنڊڪون وجهڻ جمهوري رويو ناهي. سراج الحق لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عدليه جي بالادستي تسلي نه ڪئي وئي ته ملڪ ۾ بدامني ڦهلجي ويندي. سراج الحق چيو ته ڪرپٽ مافيا ملڪ جي مستقبل سان کيڏي رهي آهي، قوم عدليه ۽ احتساب ادارن سان گڏ بيٺل آهي. هن پارٽي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڦورن کان دولت واپس وٺڻ وارن کي عوام اکين تي ويهاريندو. ادارن جي ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ جمهوري رويو ناهي.  سندس چوڻ هو ته ايمنسٽي اسڪيمون چوري جي پيسي جي حفاظت لاءِ بڻايون پيون وڃن، وڏن واڳن ۾ هٿ وجهڻ سان عوام ۾ اطمينان پيدا ٿيو آهي، ان سلسلي کي جاري رهڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته احتساب ادارن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ گهرجي، عدليه جي بالادستي قبولي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي پارٽيون متحد ٿي حڪومت خلاف قرارداد پيش ڪن: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے