23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: ميرپور بٺوري ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو ، ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل

ميرپور بٺوري ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن،  سياسي سماجي ۽ قوم پرست تنظيمن پاران حيدر آباد روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو

نوازخان زنئور ، ھاشم شاھه ، آڪاش زنئور ، عبدالغني ملاح،   غفور ميمڻ ، عبدالرحمان کٽي ، عُثمان زنئور ، شاھنواز لُنڊ ، ڏاڏا اسماعيل شورو، امام بخش خاصخيلي ، عرفان خواجه، ساگر مجيد پرھياڙ، اسماعيل گگھڙجي اڳواڻي ۾ روڊ  تي ڌرڻو هڻي ٽائر ساڙيا ويا

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته

 گنج بحر ڪئنال سميت 20 کان مٿي شاخن جو گذريل ٻن مھينن کان پاڻي بند ھجڻ ڪري  ھزارين ايڪڙن تي پوکيل زرعي فصل سُڪي تباھه ٿي ويا آھن

 هنن چيو ته شھرن ۽ ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ به شدت اختيار ڪري ويئي آھي ، اڳواڻن چيو ته گنج بحر ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ جا ذميوار تڪ جا چونڊيل نمائندا ۽ حڪومتي وزير آھن.

مظاهرو ڪندڙن چيو ته ميرپوربٺورو شھر ۾ پيئڻ جو پاڻي نه آھي پر ٽائون چيئرمين اياز ميمڻ شھرين کي مُتبادل طور تي پيئڻ جو پاڻي ڏيارڻ لاءِ ڪي به ڪوششون نه ورتيون آھن.

 اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته ٽن ڏينھن جي اندر گنج بحرڪئنال ۽ شاخن ۾ پاڻي نه کوليو ويو ته ٻيھر ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے