19 جمعہ , اکتوبر 2018

نيوز: ڀٽ شاهه ڀرسان تيز رفتار موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ هڪ عورت فوت

ڀٽ شاهه ڀرسان تيز رفتار موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي.

ٽنڊو آدم روڊ تي شهباز پمپ وٽ بيٺل موٽر سائيڪل پريان کان ايندڙ موٽر سائيڪل جي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 35 ورهين جي شهربانو ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

اطلاع تي پوليس پهچي فوتي عورت جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي، جڏهن ته موٽر سائيڪل  سوار ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم کانپوءِ شهربانو جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: نوشهري فيروز واسين پاران پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج

 ڪراچي ۾نوشهري فيروز واسين پاران حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ بااثرن خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے