21 اتوار , اکتوبر 2018

اسان جي پوليس مثالي آهي، سپريم ڪورٽ جا ريمارڪس سخت پر اصلاح جي لاءِ به ضروري آهن: پرويز خٽڪ

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسان جي پوليس مثالي آهي جيڪا هر قسم جي سياسي وابستگي کان آزاد آهي، سپريم ڪورٽ جا ان حوالي سان ريمارڪس سخت ته آهن پر اصلاح جي لاءِ به ضروري آهي، تنهن هوندي ادارن تي تنقيد ايتري نه ڪئي وڃي جو هو ڪم ئي نه ڪري سگهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪي پ ڪي جي وڏي وزير چيو ته بلين ٽري منصوبو خواب نه پر حقيقت آهي مخالفن جا سمورا اعتراض رد ڪيون ٿا، نواز شريف کي چيلينج آهي ته هو صوبي ۾ اچي کيس سمورا وڻ ڏيکارينداسين، اسان جي حڪومت نه رڳو نوان وڻ پوکيا پر ان جي واڍ تي به پابندي لڳائي آهي. هن چيو ته ميٽرو بس منصوبو به پنجاب کان بهترين هوندو جنهن ۾ اسان الڳ پارڪنگ پلازه ڏئي رهيا آهيون، ان منصوبي جي مهانگي ٿيڻ واري پروپيگنڊه بي بنياد آهي، پنجاب حڪومت پنهنجي منصوبي ۾ رڳو ان جي انفرااسٽريڪچر جي ڳالهه ڪئي پر اسان جيڪو ڪاٿو لڳايو ان ۾ بسن جي قيمت به شامل آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته صوبي ۾ سئو سالن کان ليب بابت سوچيو پيو وويو ان جو ڪريڊٽ به اسان جي حڪومت ڏانهن وڃي ٿو جن ليب کي آپريشنل ڪيو هان اسان کي ڪنهن ٻئي صوبي مان ان سلسلي ۾ سهڪار جي ضرورت نه پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي پارٽيون متحد ٿي حڪومت خلاف قرارداد پيش ڪن: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے