16 منگل , اکتوبر 2018

ڪراچي: شهر جي مختلف علائقن رينجرز ڪارروائيون، 10 ڄڻا گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ڌاڙن ۽ منشيات فورشي سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان طرفان جاري پڌرائي موجب قانون لاڳو ڪندڙ اداري ڪراچي جي علائقي بغداري ۾ ڪارروائي ڪندي گينگوار جي ڪارندي يوسف خان اختر کي گرفتار ڪيو، جوابدار ڀتا خوري سميت دهشتگردي جي سهولتڪاري ۾ ملوث آهي. پڌرائي موجب رينجرز طرفان کوکرا پار ۽ ملير ۾ ڪارروائي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار چوري ۽ ڌاڙن سميت ٻين سنگين وارداتن ۾ ملوث آهن. ٻئي پاسي رينجرز شاهه لطيف ٽائون ۾ ڪارروائي ڪئي جتان 5 منشيات فروش گرفتار ٿيا، جوابدارن وٽان هٿيار، گوليون ۽ ٻيو سامان ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ آمريڪي سفارتخاني جي گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ آمريڪي سفارتخاني جي گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے