20 ہفتہ , اکتوبر 2018

دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ پاڪستانين بابت جاچ شروع

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ پاڪستانين جي فهرست قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ۾ پيش ڪئي وئي آهي. وفاقي جاچ اداري طرفان دبئي ۾ رئيل اسٽيٽ سيڙپڪاري ڪندڙ پاڪستانين جي فهرست قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪئي وئي. اسٽيڊنگ ڪميٽي  پيش ڪيل رپورٽ موجب دبئي ۾ 100 پاڪستانين رئيل اسٽيٽ سيڙپڪاري ڪري رکي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر ايف آءِ اي جي رپورٽ دبئي اختيارين ڏانهن موڪلي جنهن ۾ 55 پاڪستانين جي سيڙپڪاري جي تصديق ٿي آهي. ذريعن موجب ڪميٽي دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪندڙن جو ڪيس نيب جي حوالي ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي ايف آءِ اي به دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ پاڪستانين جي خريداري جي جاچ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي اسٽيٽ بينڪ کان نار ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي مني ٽريل ۽ ٽيڪس ريٽرن جي تفصيل گهري ورتي آهي.  ان کان سواءِ اسٽيٽ بينڪ مان ملڪيتن خريد ڪندڙن جي اڪائونٽن جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے