21 اتوار , اکتوبر 2018

فاروق ستار بهادر آباد اچي، ميٽنگ ۾ جيڪو فيصلو ٿيو اهو قبوليو ويندو: فيصل سبزواري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته فاروق ستار بهادر آباد آفيس اچي ميٽنگ ڪري ان ۾ جيڪو به فيصلو ٿيو ان کي رابطا ڪميٽي قبول ڪندي.  ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل سبزواري چيو ته ايم ڪيو ايم جي روڇ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي مسئلو رڳو سينيٽ اليڪشن جي ٽڪيٽ جو ناهي، پارٽي کي اڳتي وڌڻو آهي ته اصولن جو پابند رهڻو پوندو. هن چيو ته پيسي جي بنياد تي پارٽي ۾ ڪنهن جو وس نه هلندو، سينيٽ چونڊن لاءِ پارٽي کي داو تي نٿا لڳائڻ چاهيون،  پيپلز پارٽي 3 سيٽون ڦرڻ جو منصوبو بڻائي رکيو آهي. فيصل سبزواري چيو ته اهڙي صورتحال رهي ته عام چونڊن ۾ ڇا ٿيندو؟ اسان ڪنهن کي وفاداري جو سرٽيفڪيٽ ناهيون ڏئي رهيا. هن چيو ته فاروق ستار رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري جيڪو به فيصلو ٿيو اهو سڀني کي مڃڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪاني ادارن واري وزير جو ڪراچي ۾ بجيل بندش تي ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني ڪراچي ۾ روزاني بجلي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے