24 بدھ , اکتوبر 2018

پاڪستاني دوا پهريون ڀيرو ڊبليو ايڇ او جي عالمي فهرست ۾ شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري پهريون ڀيرو هڪ پاڪستاني دوا تسليم ڪندي ان کي پنهنجي عالمي فهرست ۾ جاءِ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻ ان دوا کي ٻاهرين ملڪ به موڪلي سگهبو. ڊبليو ايڇ او ڪراچي جي ملٽي نيشنل دوا ٺاهيندڙ ڪمپني ”گيٽز فارما“ جي ”موڪسي فلوگزاسن“ نالي دوا کي پنهنجي انٽرنيشنل ٽينڊر لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي. ان فهرست ۾ شامل دوائن کي دنيا جا ٻيا ملڪ درآمد ڪري سگهن ٿا. پاڪستان جي جنهن دوا ”موڪسي فلوگزاسن“ کي ان فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اها دنيا جون ٻيون ڪمپنيون به ٺاهينديون آهن. اها دوا ”ٽي بي“ جي مريضن لاءِ هوندي آهي. صحت جي عالمي اداري ”موڪسي فلوگزاسن“ جي 4 سئو ملي گرام ٽِڪين کي پنهنجي ٽيندر فهرست ۾ شامل ڪري ڄاڻايل پاڪستاني ڪمپني جا صنعت لاءِ نوان رستا کولي ڇڏيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Due to the change of climate, the citizens started to suffer from acute diseases

موسم جي تبديليءَ سان شهري چمڙي جي بيمارين ۾ وڪوڙجڻ لڳا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ موسم جي تبديلي جي دوران چمڙي جي بيماري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے