24 بدھ , اکتوبر 2018

ڪامن ويلٿ گيمز لاءِ پاڪستان جو 4 رڪني ٽيم جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) ڪامن ويلٿ گيمز لاءِ 4 رڪني پاڪستاني بيڊمنٽن ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪامن ويلٿ گيمز 4 کان 15 اپريل تائين آسٽريليا جي شهر گولڊ ڪوسٽ ۾ ٿيندي جنهن ۾ پاڪستان جون 2 نارين ۽ 2 نوجوانن تي ٻڌل 4 رڪني بيڊمنٽن ٽيم حصو وٺندي. ٽيم ۾ ماهه حور شهزادي، پلوشه بشير، حافظ عرفان ۽ مراد علي شامل آهن جڏهن ته پاڪستاني رانديگر انفرادي ۽ ٽيم ايونٽ ۾ حصو وٺندا. پاڪستاني ٽيم ڀارت، اسڪاٽ لينڊ ۽ سري لنڪا سان گروپ اي ۾ شامل آهن ۽ روايتي حريف ڀارت جي خلاف پاڪستان جو مقابلو 5 اپريل تي ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرفراز جي فٽنيس ۾ سڌارو، ڪينگروز خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ لاءِ پراميد

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي فٽنيس ۾ بهتري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے