19 جمعہ , اکتوبر 2018

عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪُڪڙ جو گوشت استعمال ڪرڻ سان هارمونز ۾ تبديليون ٿي رهيون آهن: چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار ڪڪڙين کي ڏني ويندڙ خوراڪ جو ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيڻ سان گڏ بازار ۾ وڪرو ٿيڻ وارين ڪڪڙين جا نمونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم به ڏنو آهي.  سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ڪڪڙين جي خوراڪ بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عورتون ۽ ٻارن ۾ چڪن جي استعمال سان هارمونز ۾ تبديليون ٿي رهيون آهن. جنهن بعد عدالتي مددگار آگاه ڪيو ته ڪڪڙين جي خوراڪ ۾ قدرتي جزن سان هارمونز ۾ وڌيڪ فرق نٿو پوي. ٻڌڻي کان پوءِ عدالت چڪن جي نمونن کي ٽيسٽ لاءِ 33 رڪني ڪميٽي جوڙيندي حڪم ڏنو ته ڪميٽي پولٽري فارمن مان ڪڪڙين ۽ ان جي خوراڪ جا نمونا ٽيسٽ ڪري .

هي به ڏسي سگهو ٿا

World Food Day 2018:These Are Foods Lowest In Fat Content

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے