15 جمعرات , نومبر 2018

ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز: نيوزيلينڊ انگلينڊ کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، 12 رنسن تان شڪست

ويلنگٽن(ويب ڊيسڪ) نيوزي لينڊ ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ميچ ۾ انگيلنڊ کي 12 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ويلنگٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ مهمان انگلش ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر ٽاس کٽي پهرين نيوزي لينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ته ميزبان ٽيم شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون بڻايون جنهن جي جواب ۾ انگلش ٽيم 9 وڪيٽين تي 184 رنسون بڻائي سگهي. انگلش ٽيم کي 14 جي گڏيل اسڪور تي جوئي روٽ جي صورت ۾ خساري کي منهن ڏيڻو پيو جيڪو رڳو 8 رنسون بڻائي ٽم سائوٿي جو شڪار بڻيو. اليڪس هيلز ۽ ڊيوڊ مالان ٻئين وڪيٽ تي جارحاڻو انداز  اختيار ڪيو ۽ 65 رنسون ٺاهيون. هيلز 3 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 24 بالن تي 47 رنسون بڻايون ۽ ايش سوڌي جو شڪار بڻيو، جنهن بعد وڪيٽون ڪرڻ وارو سلسلو جاري رهيو پر ڊيوڊ مالان مزاحمت جاري رکي. 158 جي گڏيل اسڪور تي مالان جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ميچ انگلينڊ جي هٿن مان نڪري وئي، جيڪا 2 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 59 رنسون بڻائي نمايان رهي، ٻين بيٽسمينن ۾ جي ايم ونز 10، ڪپتان بٽلر 2، سيم بلنگ 12، ويلي 21 ۽ جورڊن 6 رنسون بڻائي آئوٽ ٿيا. نيوزي لينڊ طرفان ٽرينٽ بولٽ، ايش سوڌي ۽ مچل سينٽنر 2-2 جڏهن ته ٽم سائوٿي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ان کان اڳ نيوزي لينڊ بيٽنگ ڪئي ته اوپننگ بيٽسمين مارٽن گپٽل انگلش بالرن کي مار ڏني ۽ گرائونڊ جي چئني پاسي زبردست اسٽروڪس کيڏندي 3 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 40 بالن تي 65 رنسون بڻائي آئوٽ ٿيو، ڪولن منرو 11، ماڪ چيپمين 20 ۽ گرينڊ هوم بنا رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو. ڪيويز ڪپتان ڪين وليمسن شاندار ۽ ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 46 بالن تي 72 رنسن جي اننگ کيڏي جنهن ۾ 4 ڇڪا ۽ 4 چوڪا به شامل هيا ۽ ميچ ۾ انهيءَ ڪارڪردگي جي بنياد تي کيس مين آف دي ميچ جي اعزاز سان به نوازيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے