18 جمعرات , اپریل 2019

اي ٽي ايم فراڊ ۾ ملوث چيني شهري تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اي ٽي ايم فراڊ ڪيس ۾ ملوث چيني شهري تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب اي ٽي ايم فراڊ ۾ ملوث چيني شهري کي ڪراچي جي ماتحت عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کي شڪ جي بيناد تي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار خلاف فريادي وٽ ڪو به ثبوت نه هو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ چيني شهري تي فرد جرم لاڳو ڪيو تنهن هوندي جوابدار ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت فريادي کي 20 فيبروري تائين شاهد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا ورلڊ ڪپ جي ٽيمن جي اعلان ۾ رُڌل پر اسان…..! وسيم اڪرم جون ڳالهيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پي سي بي جي ڪرڪيٽ ڪميٽي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے