24 بدھ , اکتوبر 2018

اجي ديوگن جي ”ريڊ“ فلم ۾ به استاد نصرت فتح علي خان جو گانو شامل

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن جي فلم ”ريڊ“ ۾ استاد نصرت فتح علي خان جو مشهور گيت ”سانو اڪ پل چين نا آوي“ به شامل ڪيو ويو آهي جنهن کي راحت فتح علي خان ڳايو آهي. استاد نصرت فتح علي خان کي پنهنجي مداحن کان وڇڙندي 21 سال گذري چڪا آهن پر سندس آواز ۽ ڳايل گيت اڄ به سر وکيري رهيا آهن. ڀارتي فلم نگري جي مشهور اداڪار اجي ديوگن پنهنجي ٻي فلم ۾ استاد نصرت فتح علي خان طرفان ڳايل مشهور گيت شامل ڪيو آهي، سندس ايندڙ نئين فلم ”ريڊ“ ۾ ”سانو اِڪ پل چين نه آوي“ کي راحت فتح علي خان جي آواز ۾ شامل ڪيو ويو آهي. استاد نصرت فتح علي خان هي گيت 1993ع  ۾ هڪ ڪنسرٽ دوران ڳايو هو، ان کان اڳ فلم ”بادشاهو“ ۾ به مشهور گيت ”ميري رشڪِ قمر“ کي به استاد نصرت فتح علي خان ۽ راحت فتح علي خان جي آواز ۾ شامل ڪيو ويو هو. ٻئي گيت اجي ديوگن ۽ الينا ڊي ڪروز تي فلمايا ويا آهن ۽ فلم ”بادشاهو“ جي گيت کي يوٽيوب تي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي. فلم ”ريڊ“ 16 مارچ تي نمائش جي لاءِ سينيما گهرن ۾ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Better choice of words next time Ms Minister, Ahad Raza Mir hits back at Mazari

”ڪوڪو ڪورنيا“ تي تنقيد: سجل علي، احمد رضا مير جي حمايت ۾ ميدان تي اچي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز ) ڪوڪو اسٽوڊيو جي 11 هين سيزن ۾ ” ڪوڪو ڪورينا“ گيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے