20 ہفتہ , اکتوبر 2018

اسرائيل عسڪري ڪارروائي ڪئي ته حيران ڪندڙ حالتن کي منهن ڏيندو: شام جي ڌمڪي

دمشق (ويب ڊيسڪ) شام، اسرائيل کي تنبيهه ڪندي چيو آهي ته اهي شامي رياستي علائقي ۾ ٻيهر ڪنهن به قسم جي عسڪري ڪارروائي کان پاسو ڪن. شام جي نائب پرڏيهي وزير ايمن سوسن موجب جيڪڏهن اسرائيل ٻيهر اهڙو ڪجهه به ڪيو ته مستقبل ۾ ان کي وڌيڪ حيران ڪندڙ حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. شام ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي رياستي حدن ۾ حملو ڪندڙ هڪ اسرائيلي ايف 16 جنگي جهاز ڪيرائي وڌو هو. اسرائيل تصديق ڪئي هئي ته اهو ايف 16 جهاز شامي حدن ۾ نشانو بڻايو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے