19 جمعہ , اکتوبر 2018

چيف جسٽس شاهه رخ جتوئي کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار شاهه زيب قتل ڪيس جي مک جوابدار شاهه رخ جتوئي کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو نوٽيس ورتو آهي. چيف جسٽس شاهه رخ جتوئي کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي جيل کاتي جي آءِ جي کان 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ گهري ورتي آهي. واضح رهي ته پهرين فيبروري تي سپريم ڪورٽ شاهه زيب قتل ڪيس بابت سول سوسائٽي طرفان داخل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ڪيس جي مک جوابدار شاهه رخ جتوئي سميت سجاد ٽالپر ۽ سراج ٽالپر کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. گرفتاري کانپوءِ ايندڙ ڏينهن ئي شاهه رخ جتوئي کي آسلام آباد کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو، جتي ٻن ڏينهن کانپوءِ چيلهه ۾ تڪليف سبب شاهه رخ کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسلم ليگ ن جي 6 ايم پي ايز جي پنجاب اسيمبليءَ ۾ داخلا تي پابندي، احتجاج

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن پاران 6 ميمبرن جي ايوان ۾ داخلا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے