19 جمعہ , اکتوبر 2018

فيس بُڪ واهپيدارن جي ذاتي پوسٽن جو خواهشمند

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ جي خواهش آهي ته ماڻهو وائرل ويڊيوز ۽ خبري مضمونن بدران پاڻ بابت ان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي وڌيڪ پوسٽون شيئر ڪن، جنهن لاءِ ڪمپني پنهنجي نئين هٿيار لسٽ متعارف ڪرائي آهي، ان فيچر جو مقصد ماڻهن ۾ ذاتي پوسٽن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. ان فيچر ۾ واهپيدار فهرست ٺاهي سگهندا ۽ ان جو مقصد دوستن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه يا صلاح مشورن کي هٿي ڏيڻ آهي، مثال طور توهان پنهنجي پسند جي هنڌن کي نمبر يا بلٽ لسٽ سان گڏ پوسٽ ڪري دوستن جي رد عمل ۽ صلاح مشوري جي اميد ڪري سگھو ٿا يا ڪنهن سيريز جي مختلف فلمن جي درجا بندي ڪري سگھو ٿا ته جيئن سرگرمي ۽ بحث شروع ٿي سگھي، توهان ان فهرست ۾ رنگن ۽ ايموجيز جو واڌارو ڪري ان کي وڌيڪ رنگين بڻائي سگھو ٿا. اهو قدم ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن فيس بُڪ طرفان نيوز فيڊ ۾ تبديليون ڪيون پيون وڃن. گذريل مهيني فيس بڪ اعلان ڪيو هو ته هاڻ خبرن کي عام واهپيدارن جي نيوز فيڊ تي ترجيح نه ڏني ويندي پر دوستن ۽ گھروارن جون پوسٽون وڌيڪ اڳڀريون هونديون، ان کانپوءِ ڪمپني چيو ته خبرن جي درجا بندي واهپيدارن طرفان انهن کي اعتبار جوڳو قرار ڏيڻ تي ڪئي ويندي، اهڙي ريت فيس بڪ مقامي خبرن کي قومي يا عالمي خبرن کي ترجيح ڏيڻ جو اعلان به ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ جو آخري ڪتاب”بريف آنسرز ٽو دي بِگ ڪوئسچنز “ پڌرو ٿي ويو

لنڊن( ويب ڊيسڪ) اسٽيفن هاڪنگ جو نئون ڪتاب پڌرو ٿي ويو آهي جنهن کي ”بريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے