20 ہفتہ , اکتوبر 2018

عورت ملازم پئسا گم ٿيڻ جو الزام نانگ تي مڙهي ڇڏيو

ابوجا (ويب ڊيسڪ) نائجيريا ۾ هڪ عورت ملازم پئسا گم ٿيڻ جو ڏوهه نانگ تي وجهي ڇڏيو، پئسن جي کوٽ تي ڄاڻايل ڪلارڪ عورت آڊيٽرن اڳيان دعويٰ ڪئي ته اهي پئسا نانگ کائي ڇڏيا آهن. نائجيريا اگزيمينيشن بورڊ ۾ فلومينا چيشي نالي ڊيوٽي ڪندڙ ڪلارڪ پئسن جي کوٽ تي پنهنجي صفائيءَ ۾ نانگ کي ئي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو. آڊٽ دوران جڏهن پئسن جي کوٽ ٿي ته ڪلارڪ فلومينا دعويٰ ڪندي چيو ته اهي سڀ پئسا نانگ کائي ويو آهي، اهڙي صورتحال کانپوءِ نائجيريا جي اينٽي ڪرپشن ايجنسي فلومينا چيشي کي معطل ڪري پنهنجي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن اهڙي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پڻ ماڻهو مختلف قسمن جا تجزيا ڪري رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ فائرنگ سبب قنڌار پوليس چيف مارجي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان صوبي قنڌار جي گورنر ڪمپائونڊ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ صوبائي پوليس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے