24 بدھ , اکتوبر 2018

اسرائيلي وزيراعظم تي ڪرپشن ڪيسن ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي سفارش

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي پوليس وزيراعظم نيتن باهو بن يامين تي ڪرپشن جي 2 ڪيسن ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن باهو خلاف ڪرپشن جي ٻن ڪيسن ۾ پوليس جاچ مڪمل ڪري ورتي ۽ ان حوالي سان رپورٽ اٽارني جنرل ڏانهن موڪلي ڇڏي جنهن ۾ مٿس فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته وزيراعظم خلاف رشوت وٺڻ سميت فراڊ ۽ ڀروسو ٽوڙڻ جهڙن ڏوهن جا ثبوت موجود آهن جيڪي فرد جرم لاءِ ڪافي آهن. پوليس رپورٽ تي اٽارني جنرل کي ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي جڏهن ته مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل وزيراعظم خلاف سفارشن جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو. وزيراعظم نيتن باهو کي ٻه مختلف ڪيسن کي منهن ڏيڻو آهي جنهن ۾ پهرين ڪيس ۾ سياسي فائدا ڏئي امير واپارين کان قيمتي تحفه وٺڻ ۽ ٻئي ڪيس ۾ هڪ اخبار سان گڏ ان جي نمايا ۽ هاڪاري ڪوريج لاءِ معاهدو ڪرڻ شامل آهي. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم قوم سان خطاب ڪندي چيو ته هو اقتدار ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ پوليس طرفان فرد جرم جي سفارش جو ڪو نتيجو نه نڪرندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافي خاشقجي جا باقي حصا سعودي قونصل خاني مان مليا: برطانوي ميڊيا جي دعويٰ

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته جمال خاشقجي جي لاش جا باقي حصا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے