24 بدھ , اکتوبر 2018

ليبيا ۾ پناهگيرن جي ٽرڪ اُونڌي، 19 فوت، 80 زخمي

طرابلس (ويب ڊيسڪ) ليبيا جي تخت گاهه طرابلس جي ڏاکڻي شهر بني وليد ۾ روڊ حادثي 19 پناهگير فوت ٿي ويا. حادثي جو شڪار ٿيندڙ ٽرڪ 3 سئو غير قانوني پناهگير سوار هئا ۽ فوت ٿيندڙ جو واسطو صوماليا ۽ اريٽيريا سان ٻڌايو پيو وڃي. ليبيا جي شهر بني وليد جي هڪ اسپتال جي مئنيجر 19 فوتين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته حادثي ۾ 80 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو امڪان آهي. رپورٽن موجب غير قانوني پناهگيرن سان ڀريل ٽرڪ نبي وليد کان 80 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي اونڌي ٿي پئي، زخمين مان 8 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. واضح رهي ته اتر آفريڪي ملڪ ليبيا جي شهر نبي وليد کي انساني اسمگلرن جو ڳڙهه سمجهيو ويندو آهي. اهي انساني اسمگلر غير قانوني پناهگيرن کي ليبيا جي سامونڊي پٽيءَ کان روم سمنڊ جي خطرناڪ رستي ذريعي يورپ پهچائيندا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے