19 جمعہ , اکتوبر 2018

سلمان مجاهد تي الزام، ارم عظيم فاروقي به ميدان تي اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ ارم عظيم، علينا نالي عورت طرفان سلمان مجاهد بلوچ تي جنسي زيادتي جو الزام هڻڻ کانپوءِ ميدان تي اچي وئي آهي. ارم عظيم پنهنجي تازي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته علينا نالي عورت ڊسمبر ۾ مون سان رابطو ڪري پاڻ سان ٿيل ظلم بابت ٻڌايو هو، جنهن کانپوءِ مان کيس ايم ڪيو ايم اڳواڻن جا نمبر ڏنا هئا ته جيئن هوءَ انهن سان رابطو ڪري معاملي بابت آگاهه ڪري سگهي ۽ علينا کي صلاح ڏني هيم ته جيڪڏهن ڪير به سندس مدد نه ڪري ته پوءِ هوءَ پريس ڪانفرنس گهرائي سلمان مجاهد خلاف ميڊيا کي ٻڌائي. ارم عظيم موجب مان آمريڪا ۾ رهڻ سبب ان وقت علينا جي مدد نه پئي ڪري سگهيس پر پوليس به علينا جي ڪا مدد نه ڪئي، ويتر متاثر عورت جي گهر تي ڇاپو هڻي مٿس ڪيس تان پوئتي هٽڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن علينا نالي عورت سلمان مجاهد بلوچ تي جنسي زيادتي جو الزام هنيو هو، جنهن کي سلمان مجاهد رد ڪري ڇڏيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسلم ليگ ن جي 6 ايم پي ايز جي پنجاب اسيمبليءَ ۾ داخلا تي پابندي، احتجاج

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن پاران 6 ميمبرن جي ايوان ۾ داخلا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے