19 جمعہ , اکتوبر 2018

لوڌران ۾ علي ترين کي ٽڪيٽ ڏيڻ مجبوري هئي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته لوڌران ۾ علي ترين کي ٽڪيٽ ڏيڻ اسان جي مجبوري هئي، ڇو ته علي ترين کانسواءِ ڪو به شخص ان لائق نه هو پر اسان اڳتي اهڙيون غلطيون نه ورجائينداسين. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته لوڌران چونڊ لاءِ رڳو 6 هفتن ۾ ڪيل مهم دوران 92 هزار جي لڳ ڀڳ ووٽ مليا، علي ترين کي ٽڪيٽ ڏيڻ اسان جي مجبوري هئي، ڇو ته علي ترين کانسواءِ ٻيو ڪو به شخص ان جي لائق نه هو، جيڪو ان تڪ تي چونڊ وڙهي سگهي. سندس چوڻ هو ته لوڌران ۾ اسان جو اميدوار نئون هو، عام چونڊون ڀرپور طريقي سان وڙهنداسين ۽ پراڻيون غلطيون نه ورجائينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب پاڪستانين لاءِ عمري جي واڌو فيس معاف ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت ٻن سالن دوران ٻيهر عمرو ڪرڻ تي لاڳو ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے