18 اتوار , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ ۾ پارٽي سربراهي ۽ سينيٽ چونڊن لاءِ ٽڪيٽن ڏيڻ جو بحث

اليڪشن ايڪٽ 2017ع خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته  جيڪڏهن سياسي پارتين جو قانون ئي رد ڪيو ويو ته پوءِ پارٽي سربراهه پاران سينيٽ چونڊن لاءِ ڏنل ٽڪيٽن جي حيثيت ڇا رهندي؟

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس  ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ چونڊ سڌارا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت 1997ع ۾ ٿيل 14هين ترميم جو رڪارڊ طلب ڪندي اٽارني جنرل آفيس کي حڪم ڏنو ته 14هين ترميم وقت ٻنهي هائوسز جو پارليامينٽري بحث عدالت ۾ پيش ڪري. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته اهو به ٻڌائڻو آهي ته 14هين ترميم وقت ڪير حڪومت ۾ هيو، ترميم ڪيتري وقت ۾ پاس ٿي ۽ ان ۾ ڪهڙو بحث ٿيو، ان حوالي سان سمورا رڪارڊ پيش ڪيا وڃن. ٻڌڻي دوران مسلم ليگ ن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا پارٽي سربراهي جي اهليت بابت دليل ڏنا. سلمان اڪرم راجا  جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 19 ۽ 17 پارٽي ميمبرن کي ليڊر جي چونڊ جي آزادي ڏين ٿا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا چوري ڪندي پڪڙيل شخص به پارٽي جو سربراهه ٿي سگهي ٿو. جنهن تي مسلم ليگ  ن جي وڪيل چيو ته جورابا چوري ڪندڙ به پارٽي جو سربراهه بڻجي سگهي ٿو، سربراهه جي چونڊ پارٽي کي مليل اختيار آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پارلياماني جمهوريت ۾ پارٽي سربراهه جو ڪردار اهم هوندو آهي، پارٽي سربراهه سڌو سنئون گورننس تي به اثرانداز ٿيندو آهي، جنهن تي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته پارليامينٽ کان ٻاهر ويٺل شخص ڪا هدايت نٿو ڏئي سگهي ۽ پارلياماني پارٽي سياسي جماعت جي آئين جي پابند ناهي هوندي. ن ليگ وڪيل دليلن ۾ چيو ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اسيمبلي ميمبر ئي پارليامني پارٽي جي چوڻ تي نااهل ٿيندو، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته پارلياماني پارٽي به ته پارٽي سربراهه ئي بڻجندو آهي. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اسيمبلي ميمبرن کي هدايت پارلياماني پارٽي ڏيندي آهي سربراهه نه، جڏهن ته آئين ۾ نااهلي جي حوالي سان عام طريقي ڪار داخل آهي. چيف جسٽس چيو ته پارلياماني ڪميٽي سربراهه سفارش جو پابند ناهي هوندو ۽ اصل فيصلو ته سربراهه کي ئي ڪرڻو هوندو آهي، جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي سياسي جماعت جو اندروني معاملو هوندو آهي. چيف جسٽس ٻڌڻي دوران چيو ته ڏسون پارٽي ٽڪيٽ ڪير ٿو جاري ڪري ۽ ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن کان رڪارڊ گهرايو آهي، ڏسڻو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ ٽڪيٽون ڪنهن جاري ڪيون. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن اهو ڊڪليئريشن ٿي وڃي ٿو ته نواز شريف پارٽي سربراهه ناهي رهيو ته جيڪي سينيٽ جون ٽڪيٽون ڏنيون ويون، انهن جو ڇا ٿيندو ۽ ڇا ڊڪليئريشن جي صورت ۾ واڪ اوور ٿيندو.

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چيف جسٽس جي بيان کي ساڙ ڀريو بيان ڪوٺيو آهي. ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾  چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جا چيل لفظ ته ”ڇا ڪنهن چور کي سربراهه بڻائي سگهجي ٿو“ شئير ڪندي چيو ته اهي لفظ پڙهي ۽ فيصلو ڪيو وڃي ته ڇا اهو ساڙ ۽ پلئه؟ هن چيو ته نيب طرفان هڪ کان پوءِ ٻي ننڍي ريفرنس داخل ٿيڻ ان جو ثبوت آهي ته نه ڪجهه مليو ۽ نه  ڪجهه نڪتو. هن وڌيڪ چيو ته اقامو انصاف ۽ عدل جي تاريخ تي ڪارو فيصلو آهي جنهن کي عوام رد ڪري چڪو آهي. ان سنگين غلطي کي ورجائڻ سان وڌيڪ سنگين غلطي ٿيندي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته جمهوري عمل ۾ نواز شريف وڏي رنڊڪ هو، هن ميمو اسڪينڊل ۾ ميثاق جمهوريت تي ٽوڪ ڪئي، جيڪڏهن ميثاق جمهوريت تي عمل ٿئي ها نواز شريف کي هي ڏينهن نه ڏسڻو پئي ها. نيب طرفان شريف ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ واري درخواست تي ردعمل ڏيندي خورشيد شاهه چيو ته گهرو وزارت نيب جي خط تي عمل ڪندي جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا، اسان ڪوشش ڪئي ته پاناما مسئلو پارليامينٽ ۾ حل ٿي وڃي، نيب تي گڏيل قانون آڻڻ جو چيوسين ته ن ليگ مخالفت ڪئي، نواز شريف جو خيال هو ته معاملو عدالت ۾ وڃڻ تي کيس فائدو ٿيندو. هن چيو ته سڀني سان قانون موجب ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، خط تي عمل نه ڪيو ويو ته شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻو پوندو.

پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته نواز شريف سدائين عدالتي فيصلن جي حمايت ڪندو رهيو، هاڻ جڏهن سندس خلاف فيصلو آيو آهي ته ججن تي ٽارگيٽيڊ حملا ڪري رهيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته پ پ جي اقتدار دوران اپوزيشن ۾ رهي توهان حڪمرانن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو، توهان لانگ مارچ ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون پر اسان اهو نه چيوسين ته پلاند وٺي رهيا آهيو، اهو توهان جو جمهوري حق هو پر اڄ توهان حڪومت ۾ ويهي ڪنهن جي خلاف ڳالهائي رهيا آهيو، اڄ هڪ عدالتي فيصلو نواز شريف جي حق ۾ ناهي آيو بقول ان جي ته هو روز عوامي عدالت لڳائي رهيو آهي، ججن کي خدا جو خوف ڏياري رهيو آهي ۽ بتن جو مثال ڏئي رهيو آهي، فيصلو ڪوڙ ڳالهائڻ تي آيو آهي، ان کي اقامي ۾ نه الجهايو. هن چيو ته نواز شريف روز عدالتن کي پاراتا ڏئي رهيو آهي، نواز ليگ اصول جي نه پر هڪ شخص کي بچائڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.

ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اها ڳالهه چٽي ٿي ويندي، ته ميان نواز شريف جي لاهور، چڪوال ۽ لوڌران ۾ ڪيل سياسي بئٽنگ کان پوءِ کيس ڪيتري تيز بالنگ سان منهن ڏيڻو ٿو پئي ۽ 3 مارچ جي سينيٽ چونڊن کان اڳ کيس ڪهڙا ڪهڙا ڪرتب ڪرڻا پون ٿا؟

خميس  15 فيبروري  2018ع،  28  جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے