21 اتوار , اکتوبر 2018

جدوجهد، اتساهه ۽ ويساهه جو وڇوڙو

امير ڀنڀرو

هڪ 66 سالن جو جياپو  ايڏو وڏو اتساهه، ويساهه ۽ جدوجهد جا مثال قائم ڪندو، اهو شايد ميڊم عاصمه جهانگير جي گهر وارن ئي نه سوچيو هوندو ته هو هڪ زندگيءَ ۾ ايتري جدوجهد جو مثال قائم ڪري سگهي ٿي جو اها جدوجهد هزارين جنمن ۾ ممڪن نه آهي، ملڪ جي لاءِ ڪهڙي به جدوجهد هجي، انسانيت جي حقن لاءِ ڪهڙو به ميدان هجي، قانون جي بحاليءَ لاءِ ڪهڙي به قرباني هجي جمهوريت جي جياپي لاءِ ڪهڙو به وقت هجي، هن پنهجي عمر صحت ۽ ذاتي زندگيءَ کي نه ڏٺو، بس جڏهن به آواز ٿيو، هن انهن آوازن کي اهڙو ته ورنايو جو هن جو آواز نه صرف پنهجي پويان ڪاميابيون کڻي آيو پر انهيءَ سان گڏوگڏ اهڙا مثال به قائم ڪري ويو جو اهي صدين تائين مثال رهندا ته جدوجهد ان کي چئبو آهي، آواز ان کي چئبو آهي، هن پنهجي 66 سالن جي مختصر سفر ۾صدين تائين قائم ٿيندڙ جدوجهد جا اهي حوصلا ڇڏيا آهن، جيڪي نه صرف انسانيت پر اسان جي بهتر معاشري جي تربيت سفر بڻجي سگهن ٿا،

عاصمه جهانگير هڪ انهيءَ جدوجهد جي علامت جو نالو آهي، جنهن علامت اسان جي ملڪ جي انساني حقن، اسان جي ملڪ جي عدالتي نظامن ۽ اسان جي ملڪ جي جمهوريت جي بحالي ۾ اها ڪردار ادا ڪيو جيڪو تاريخ  ۾ شايد ڪنهن ادا نه ڪيو هو، سڀ کان پهريان انساني حقن جي علمبردار هئي، شايد هن پهريون پنهنجي زندگيءَ جو مقصد انهيءَ لاءِ پاڻ کي بڻايو هو ته اسان جي ملڪ ۾ انساني حقن جي بحالي وڏي چئلينج هئي ۽ هن انهي چئلينج کي نه صرف قبول ڪري انساني حقن جي جدوجهد جو اهو مان مٿانهون ڪيو، جيڪو تاريخ جي سنهري اکرن ۾ صدين تائين زندهه رهندو،

عاصمه جهانگير ڪڏهن به ڪنهن ڏاڍ کان نه ڏڪي پر هن هر ڏاڍ ۽ ڏمر کي ڏڪايو. هوءَ جيئڻ لاءِ حوصلو ۽ مسڪينن لاءِ مددگار هئي، هن جي آواز ۾ جيڪا گونج هئي اها گجگوڙ ڪيترن ئي استحصالي قوتن جي منهن ۾ گهنج وجهي ڇڏيندي هئي، هن جو آوز سگهارو ۽ ساراهه جوڳو هو، هن جي حق سچ واريون صدائون جابرن لاءِ وڏي گهٻراهٽ جو سبب بڻيون هيون. هوءَ هميشه متحرڪ ڪردار طور آڏو آئي ۽ پوري زندگي هوءَ ثابت قدم رهي، هن ڪڏهن حوصلو نه هاريو پر هن حوصلي جي بلندين جو اهو مثال قائم ڪيو، جيڪو صدين تائين ڳايو ويندو، هوءَ ڪڏهن گهٻرايل نظر نه آئي، سدائين معاشري جو مثالي ڪردار رهي، هن بدترين حالتن ۾ به بهترين ڪردار ادا ڪيو، جيڪا دنيا جي وڏن ۽ عظيم انسانن جي سڃاڻپ رهي آهي،  انساني حقن جي علمبرداريءَ ذريعي هن نت نئين تاريخ رقم ڪئي. هوءَ هئي ته هڪ عورت پر غيرتمند ۽ مڙس ماڻهن کان به وڌيڪ پاڻ ملهايو، هن عورتن جو ڪنڌ مٿي ڪري، اهو مثال قائم ڪيو ته عورت به هيئن ٿيندي آهي،  ميڊم عاصمه جهانگير  جي زندگي ۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا پر هوءَ ڪڏهن به حالتن جي ٻوڏ ۾ نه لڙهي، هن وقت جي بي رحمين ۽ تلخين جي تاءَ باوجود وقت سان مڙس ٿي مقابلو ڪيو، حالتن سان ٺاهه ۽ مفاهمت هن جي ضمير ڪڏهن قبول ئي نه ڪئي، هن مٿان تنقيد جا تير به وسندا رهيا ۽ تهمتن جا طوفان به ايندا رهيا،

لاهور ۾ جنم وٺندڙ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جو نالو ملڪي سياست جي افق تي ننڍي عمر ۾ ئي آڏو آيو هو، ڊسمبر 1972ع ۾ سندس والد ملڪ غلام جيلاني ان وقت جي آمر جنرل يحيٰ خان جي مارشل لا جي حڪومت کي غير قانوني ۽ غاصب قرار ڏنو هو، جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو، ان وقت عاصمه پنهنجي والد جي آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، ان وقت هن جي عمر 21 سال هئي، سڀني وڪيلن سندس والد جو ڪيس وڙهڻ کان انڪار ڪيو پر هن ننڍي عمر ۾ وڏي حوصلي جو مثال قائم ڪيو، جنهن بعد هن پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي ڪيس وڙهيو ۽ هڪ سال بعد يحيٰ خان جي حڪومت ختم ٿيڻ تي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن ۾ فوجي حڪومت کي غير قانوني قرار ڏنو ويو، اها سندس زندگيءَ جي پهرين ڪاميابي هئي، عاصمه 1978ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان وڪالت جي تعليم مڪمل ڪئي، جنهن بعد هن ڪاروباري شخصيت طاهر جهانگير سان شادي ڪئي، 1980ع ۾ هن پنهنجي ڀيڻ حنا جيلاني ۽ ٻين عورتن سان گڏجي پاڪستان ۾ عورتن جو پهريون وڪالت جو ادارو قائم ڪيو، ضياءَ جي آمراڻي دور ۾ هن ڪيترن ئي مظاهرن ۾نه صرف حصو ورتو پر جدوجهد جي علامت رهي،

عاصمه جهانگير يحيٰ خان کان وٺي جنرل مشرف تائين سڀني آمرن کي چئلينج ڪيو ۽ سندن خلاف بغاوت جو علم بلند رکيو، انساني حقن ۽ جمهوريت لاءِ سڄي ڄمار جدوجهد ڪندڙ هن شخصيت ڏيهه پرڏيهه ۾ شهرت ماڻي، آمريت خلاف آواز اٿارڻ تي عاصمه کي پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي ڀيرا غداري ۽ توهين مذهب جي الزامن کي به منهن ڏيڻو پيو، پر پوءِ به هن پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايو، ايتري قدر جو سندس گهر تي به ڪيترائي ڀيرا حملا ڪيا ويا، پر هن اڏول ۽ بهادر خاتون انهن حملن ۽ الزامن جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ آخر تائين بهادري سان ثابت قدم رهي، هن عورت اهو مثال قائم ڪيو ته اسان وٽ بهادريءَ جي علامت عورت به بڻجي سگهي ٿي، هن ملڪ جي مظلوم عورتن سان گڏجي ناانصافين خلاف آواز اٿاريو،

ملڪ ۾ انساني حقن جي ٿيندڙ سنگين ڀڃڪڙين کي وائکو ڪيو، هن دفاعي ادارن کي به تنقيد جو نشانو بڻايو، هن کي ڪيترائي ڀيرا جيل به وڃڻو پيو ۽ نظربندي جي سزا به کائڻي پئي، دنيا ۾ انساني حقن جي علمبردار طور سڃاڻپ رکندڙ عاصمه وڏي عرصي تائين ايڇ آر سي جي چيئرپرسن رهي ۽ ملڪ جي مظلوم عوام جا ڪيس وڙهيا، انهن جو آواز بڻجي سامهون آئي، هوءَ 2007ع ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي پهرين خاتون صدر به چونڊي وئي، عاصمه جهانگير ڊڪٽيٽر مشرف جي دور ۾ عدليه بحالي تحريڪ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو، توڙي جو آمر مشرف هن کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ۽ هن مٿان ڪئي ظلم به ڪيا، پر هيءَ عظيم عورت پنهجي موقف ۽ جدوجهد تان ذرو به پوئتي نه هٽي،  انساني حقن لاءِ بهادري سان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي کيس ڏيهه پرڏيهه ۾ اعزازن سان نوازيو ويو، هن کي 2010ع ۾ هلال امتياز ۽ ستارا امتياز جو ايوارڊ مليو، کيس يونسيڪو ۽ مارٽن اينيلز جا ايوارڊ به مليا، کيس 1995ع ۾ رامون ميگ ايوارڊ سان به نوازيو ويو، جيڪو ايشيا جو نوبل انعام تصور ڪيو ويندو آهي، عاصمه جهانگير لاءِ وڏو اعزاز ته هوءَ هميشه انسانيت ۽ دلين جي علمبردار رهي، عاصمه گڏيل قومن ۽ مذهبي آزادي لاءِ وڏو ڪم ڪيو، هوءَ جنيوا ۽ وائيس چيئرپرسن ڊفينس فار دي چلڊرين انٽرنيشنل رهي، عاصمه آئين جي آرٽيڪل ايف ون جي تشريح واري ڪيس ۾ به دليل ڏنا، آخري ڀيرو 9 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ٿي، عاصمه هميشه انتهاپسند قوتن کي للڪاريو، هوءَ پاڪستان ۾ ظلم جو شڪار عورتن لاءِ ڀرجهلو هئي، هن سدائين آمريت خلاف آواز اٿاريو ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي،

عاصمه جهانگير اسان جي ملڪ جي اها شخصيت هئي جنهن کي ملڪ جي هر طبقي جو انسان وڏي احترام جي نظر سان ڏسي ٿو، ڇو جو هوءَ پوري انسانيت جي علمبردار هئي، هوءَ پوري انسانيت جي وڪيل ۽ پوري انسانيت لاءِ اهو اتساهه ۽ جدوجهد جي جوت هئي، جيڪا جوت اسان جي ملڪ ۾ اسان جي معاشرن ۾ اها روشني ڇڏي وئي آهي، جيڪا روشني اسان جي معاشري ۽ ملڪ کي هميشه روشن قائم ۽ دائم رکندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۽ صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند

علي محمد ميمڻ ملڪ ۾تبديلي واري نئين وفاقي سرڪار اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے