21 اتوار , اکتوبر 2018

ايم ڪيو ايم ۾ ڀڃ ڊاهه يا منطقي نتيجو!

امتياز عالم

پنجابيءَ جا محاورا به ڏاڍا ظالم آهن، اڄ جڏهن متحده قومي موومينٽ ايم ڪيو ايم  بابت لکڻ جو سوچي رهيو هوس ته فاروق ستار جو انتهائي لاچاريءَ وارو بيان نظر مان گذريو. انتهائي رحم جوڳي حالت ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بيوس سربراهه جي اندر مان آواز نڪتو ته” مون وٽ بانيءَ ۽ قائد جهڙو ڏنڊو ڪونهي“ هو  سپاهه سالار ته آهي پر سپاهه کان بغير جي نه ته رابطا ڪميٽيءَ جي ڪهڙي مجال هئي جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ها.  ڪو وقت هو جو ” قائد جو جيڪو غدار آ، سو موت جو حقدار آ، جي لٺ ڦرندي هئي، وري اهو به چيو ويو ته ” منزل نهي قائد، هاڻي نه اهو قائد رهيو ۽ نه ئي قائد جي حڪم تي پنهنجي ڀائرن کي ڀڃي ڇڏيندڙ ڪَنَ ڪٽيلن جا وحشتناڪ دستا، پر ڇا ڪجي جو ڏنڊا ٻه آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي رڌڻي ۾ ئي رولو پيل آهي، هاڻي هڪ پاسي اهڙو ڏنڊو آهي، جيڪو بگڙيلن کي سنئين دڳ تي آڻڻ جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ گهڻو ڪامياب به ٿيو آهي.

بهرحال ”ميري  بلي، مجهه سي ميائون ميائون“  آخر ڪيترو هلي ها ۽ وري جي سامهون آئي به ته سياسي انجنئرنگ ذريعي تيار ڪيل پاڪ سر زمين۽ سا به قومي جهنڊي جي پاڇي ۾، آگسٽ جي ان منحوس شام جو قائد آپي مان اهڙو نڪتو جو ايم ڪيو ايم جي ڀائي لوگن جي منزل رهي نه قائد. ويچارو فاروق ستار جيڪو قائد جي جانثارن هٿان مارون کائڻ ۾ عافيت سمجهندو هو ۽ اهي سڀ به جيڪي هينئر رابطا ڪميٽيءَ ۾ رونق افروز آهن، ڪڏهن قائد جي هڪ آواز تي ساهه کڻڻ کي به ثواب جو ڪم سمجهندا هئا، سڀئي ڦهڪو ڪري منهن ڀَر زمين تي اچي ڪريا.

جڏهن زندگي ۽ سياسي مال بچائڻ جو وقت  آيو ته وڏن وڏن جڳاڙين  کي به قائد سان غداريءَ کي ئي منزل جي حاصلات واري پاڻ بچائڻ جي راهه جي ڳولا ۾ بند در کڙڪائڻ تي مجبور  ڪري وڌو پر اتي اڳ ئي اڳوڻو ميئر مصطفيٰ ڪمال پنهنجي معافيءَ جي درخواستن سميت گناهه بخشرائي حب الوطنيءَ جي سند تي براجمان ٿي چڪو هو. هاڻي ويچارو فاروق ستار ته ” هيڏانهن جا رهياسين نه هوڏانهن جا رهياسين“ واري چوڻيءَ وانگر ڪڏهن هن جي پير تي ٿو ڪري ته ڪڏهن هُن جي پير تي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاداريءَ جا قسم ته کڻي ٿي پر قائد جي سحرَ مان نه نڪري سگهي آهي. قائد جي مذمت بنا لنڊن سيڪريٽريٽ  سان تدبيري طلاق مشڪوڪ سمجهي وئي. فاروق ڀائي تبديل ٿيل وفاداريءَ جي پڪ ڏيارڻ لاءِ سمورن درن جون حاضريون ڀريندو رهيو پر شڪ جو گهڻو فائدو حاصل ڪري نه سگهيو.

هڪ پاسي رابطا ڪميٽيءَ  وارا هئا، جيڪي اڄ به مهاجر سپاهه جي تائيد ڪرڻ لاءِ لڪي لڪي قائد جي نالي جو ساهه کڻن ٿا ۽ ٻئي پاسي مجروب فاروق ستار هو، جيڪو مضبوط ڏنڊي جي مهربانيءَ جو طلبگار. نه پاڻ فاروق ڀائيءَ وفاقيءَ جي خاطري ڏيارڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا نه قسم کنيا هوندا ۽ واعدا ڪيا هوندا، جن جي رابطا ڪميٽيءَ وارن کي ڪهڙي خبر پر جي خبر هئي به کڻي ته ٻٽي رويي ۾ اسان جي متحده وارن جو ڪو ثاني ڪونهي. فاروق ڀائي درست ته رڙي پيو ته ايم ڪيو ايم جون هڏيون ايئن وچ چواٽن تي ڇو ٿا ڀڃو، ڏنڊ وجهي ته خير جي ان ڪم ۾ هو پاڻ ڪٿي پٺ تي رهڻ وارو هو، هاڻي سينيٽ جي چونڊن لاءِ اميدوارن جون فهرستون به ٻه آهن ۽ ڏنڊا به ٻه، هڪ قائد جي پراڻي وفادارن جو ۽ ٻيو سٺائيءَ جي ضمانت ۽ تقاضا ڪندڙن جو. قائد جو ڏنڊو ته ڪڏهن ڪو ڀڄي چڪو ۽ اصل ڏنڊي جي امين ٽشوريءَ جهڙن نون شامل ٿيل متبادل  حب الوطنن جي فهرست فاروق ستار جي هٿ حوالي ڪئي وئي هئي. هاڻي رابطا ڪميٽيءَ وارا پنهنجي آئين طور ايم ڪيو ايم پنهنجي آئين جا ڪيترا به ۽ ڪهڙا به ڏوراپا  ڇو نه ڏين، نظريه ضرورت جو رستو ڪير ٿو روڪي سگهي. هونئن به فاروق ڀائي خير سان آئيني طور ايم ڪيو ايم رجسٽرڊ طرفان پنهنجي يرغمال ٿيل پارٽي جي سينيٽ لاءِ اميدوارن  جي فهرست  ڏيڻ جو مجاز آهي.

هارايل  ايم ڪيو ايم جو اهڙو مذاق وارو منظر ڪنهن 30 سالن ۾ ڏٺو هو. رهبر ثانيءَ جي هٿ ۾ جيڪا فهرست آهي. سا هن جي ناهي ۽ جيڪا فهرست رابطا ڪميٽيءَ وارا کنيو گهمندا وتن ٿا سا به انهن جي ناهي.فاروق ڀائي اهڙي رهبريءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهي پر هٿ ۾ ڏنل فهرست تي ڄمي بيٺل آهي، رابطا ڪميٽيءَ  وارن جي فهرست ۾ شايد هڪ اڌ اهڙو نالو آهي، جيڪو قابل قبول هجي ۽ سو به اڳوڻي سپاهه سالار جي مهربانيءَ سان جيڪو مهاجرن جي قيادت لاءِ بيتاب رهندو آهي.

مهاجر قومي موومينٽ جن مضبوط هٿن سنڌ ۾ نسلي بنيادن تي جمهوري تحريڪ کي ورهائڻ جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ٺاهي هئي ۽ جنهن کي اهي وقتن به وقتن سياسي لاهن چاڙهن لاءِ اعتماد به ڪندا  رهيا هئا. سا متحده جو روپ اختيار ڪرڻ   باوجود پاڪستان جي اصل مالڪن لاءِ ڀوائتو روح بڻيل رهي. جڏهن اهي دشمن سان ملندي نظر آيا ۽ پاڪستان جي صنعتي راڄڌاني  بلڪل ٽي ايم ايم جي هٿان يرغمال بڻجي وئي ته رياست جي غصبناڪيءَ آخرڪار پنهنجي نافرمان ٻار کي کائڻ شروع ڪيو هو. هاڻي ان ملبي، جنهن جو نالو ايم ڪيو ايم آهي، ان کي ڪٻاڙين حوالي ڪرڻو آهي، ڇو جو ڪراچيءَ ۾هونئن به گهڻو ڪچرو پيل آهي. هاڻ ڪٻاري واڪَ لڳائي رهيا آهن. رابطا ڪميٽيءَ پارا سمجهي ويا ته ٺيڪ جي نه ته پاڪ سرزمين پارٽي جي عافيت واري جاءِ ته آهي. يا وري فاروق  ڀائيءَ جو واڪ قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج.

هونئن به ڪراچي جتي سمورين قومن جو اجتماع آهي. ان کي ڪو به هڪ گروهه ڪيئن ٿو  يرغمال بڻائي سگهي. اسان جي اردو ڳالهائيندڙ  ڀائرن کي هاڻي پاڪستان جو مامو ٿيڻ يا وري مهاجر قوم بڻجڻ جي عدم جزب پذيري جي خلوت ۾ سوڙهو ٿيڻ بدران سنڌ ڌرتيءَ کان امان حاصل ڪرڻ لاءِ سجدو ڪرڻ / جهڪڻ گهرجي. ڇا اهو گهٽ آهي ته اهي ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ امير شهر مان سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اردو ٻولي خير سان قومي رابطي جي ٻولي آهي ڪراچي ڪا سمو پوليٽن آهي ۽ اردو ڪنهن هڪ نسلياتي گروهه  جي ٻولي ناهي، اها ته آهي ته گهڻ نسلي اختلاج جي پيداوار، سو ان کي ترقي جو باعث بڻائڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي. پاڪستان جون سموريون ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو اردو سکن ۽ڳالهائن ٿا. پنجاب جا سمورا مهاجر پنجابي ۽ سرائڪي ڳالهائڻ ۾ عار محسوس نه ٿا ڪن. سو سنڌ جي شهرن ۾ رهندڙ هن چوٿين نسل کي سنڌي ڳالهائڻ ۾ ڇا جي جهجڪ آهي.

يقيني طور ميونسيپل حڪومت جو نه هئڻ ڪراچيءَ لاءِ وڏو مسئلو آهي. هاڻي ايم ڪيو ايم جي ڀڃ ڊاهه سان جيڪو سياسي خال پيدا ٿي رهيو آهي. سو ملڪ گير جماعتن کي ڀرڻ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو. ايم ڪيو ايم مان ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد کي جيڪو خون خرابو نصيب ٿيو. ان سان ڏتڙيل طبقي جي ڪردار بابت ڳالهيون.

ڦهلايون ويو، تڏهن کان توبهه تائب ڪرڻ جو وقت آهي. دنيا اندر هيٺيون ۽ ڏتڙيل طبقو جتي فسطائي جماعتن جي ڪرنگهي  جو هڏ بڻيو. اتي جمهوريت ۽ روشن خياليءَ جو هر اول دستو به ڪيترو نه ڀلو ٿيندو جو ڀائي لوگ فسطائيت ۽ تفرقي واري لسانيت کان  توبهه تائپ ڪن ۽ سبط حسن جهڙن روشن خيال استادن سان رابطو ڪن. پنجابي چوڻي کان قطعي نظر جمهوريت کي هنئين سان هنڊائڻ ۾ سندن ڀلو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۽ صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند

علي محمد ميمڻ ملڪ ۾تبديلي واري نئين وفاقي سرڪار اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے