17 ہفتہ , نومبر 2018

پاڪستاني عوام جو غيرمعمولي مسيحا: عاصمه جهانگير:عوامي آواز رپورٽ

پاڪستان ۾ سچي عوام جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ، انساني حقن جي واسطي سڀ کان وڏو ۽ نرالو آواز عاصمه جهانگير 11 فبروري 2018ع تي ٻنپهرن جو لاهور ۾ پنهنجي گهر ۾ دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب گذاري ويئي. سندس ڪُمهلي موت سڄي پاڪستان تي جيڪي اثر پيا آهن، تنهن ۾ وڏي ۾ وڏو تصور اهو اڀرو آهي ته هن وانگر دليريءَ ۽ بي ڊپائي سان ڳالهائيندڙ اهڙي ڪابه شخصيت ڪانه هئي.

 

عاصمه جهانگير اها تند هئي جيڪا مرد بالادست سماج ۾ حق ۽ سچ لاءِ تلوارن سان وڙهندي رهي.

هوءَ پهرين عورت هئي جنهن کي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ٿيڻ جو اعزاز به حاصل هو. هي ملڪ ۽ هن ملڪ جو سماج جتي حق ۽ سچ جي پاسي بيهڻ، غلط کي غلط ۽ درست کي درست چوڻ لاءِ به وڏو جگر گهرجي اتي عاصمه جهانگير نه رڳو انساني حقن لاءِ سگهارو آواز بڻيل رهي پر آمريت خلاف، جمهوريت تي راتاهو هڻندڙن خلاف ۽ غيرآئيني ۽ غيرقانوني قدمن کي نظريه ضرورت جي جُبي ۾ جائز قرار ڏيڻ واري روش خلاف به عاصمه جهانگير جو آواز سڀني کان مٿانهون ئي رهيو.

گذريل ٽن ڏهاڪن  سان هن ملڪ سان فيصلي سازي ۾ جيڪا جُٺ ڪئي وئي آهي، عوام کي فيصلن کي عملن کان ٻاهر رکي فرد واحد کي سڀ اختيار ڏيڻ جي جيڪا ريت هتي رهي آهي تنهن ۾ ڄڻ ته حق ۽ سچ جي پوک ناياب ٿي وئي هئي ۽ ان ناياب ماحول ۾ به عاصمه جهانگير هن ڌرتيءَ مان ڦٽل هڪ اهڙو سلو هو جنهن جي پاڇي ۾ ۽ جنهن جي اوٽ ۾ حق ۽ سچ چوڻ جا ڪيئي ڪردار پيدا ٿيا جيڪي ناجائزين ۽ ناانصافين خلاف ڀرپور آواز اٿاريندا رهيا. عاصمه جهانگير نه رڳو جنسي متڀيد جي خلاف جدوجهد ڪئي پر هن بنيادي انساني حقن لاءِ به پتوڙيو، جمهوريتن تي راتاهو هڻي اقتدار تي قبضو ڪندڙ يحيٰ خان هجي، يا جنرل ضياءَ يا وري جنرل مشرف هجي، عاصمه جهانگير هر آمريت خلاف روڊن تي ۽ عدالتن ۾ بيٺل نظر آئي.

عاصمه جهانگير جو وڇوڙو اهو سانحو آهي، جنهن جو ازالو شايد ئي ممڪن ٿي سگهي، هن هميشه آئين ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي، هن عوامي راڄ جي خواهش ڪئي هئي ۽ ان ڏس ۾ جيڪي به قوتون ۽ جيڪي به ڌريون ۽ جيڪي به ادارا رڪاوٽ هئا، جن جو ڪردار ناڪاري به هئو ۽ ڪنهن کان ڳجهو به ڪين هئو تن خلاف به هن بنا ڪنهن ڊپ ۽ ڊاهه جي چٽو موقف رکيو جنهن جي ڪري کيس غداريءَ جي لقبن سان به نوازيو ويندو رهيو ته مذهب جي منڪر جا لقب به کيس ڏنا ويندا رهيا پر هن انهن فتوا بازن جي ڌمڪين ۾ اچڻ بدران حق ۽ سچ جي واٽ تي هلندو رهڻ ئي بهتر سمجهيو ۽ آخري وقت تائين ان ئي واٽ تي هلندي رهي.

سنڌ سرڪار ۽ سيد  مراد علي شاهه جو اهم خط:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملڪ جي وزيراعظم کي هڪ تڪڙو خط لکي کيس مشورو ڏنو ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي اهم اڳواڻ عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي کيس پاڪستان ۾ سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي ۽ کين اجازت ڏني وڃي ته ان جي لاڏاڻي جي ڏک ۾ هڪ ڏينهن پاڪستان جو جهنڊو اڌ نوايو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير ان موقعي تي اهو پڻ اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ ڇنڇر ڏينهن هڪ ڏينهن جو سوڳ ملهايو ويندو ۽ 12 فيبروري تي ميڙاڪا ڪيا ويندا.

منفرد عورت جي منفرد جنازي نماز:

سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر، انساني حقن جي علمبردار، سماجي ڪارڪن عاصمه جهانگير جي جنازي نماز 13 فيبروري تي قذافي اسٽيڊيم ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز نامياري اسڪالر حيدر فاروق مودودي پڙهائي، جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين رضا رباني، ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سڌ سماءَ واري اڳوڻي وفاقي وزير  سينيٽر پرويز رشيد، پيپلز پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره، سينيٽر اعتزاز احسن، پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي،  لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ياور علي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن، اٽارني جنرل اشتر اوصاف، جسٽس (ر) ناصره جاويد اقبال، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شڪيل الرحمان خان، پنجاب جي اڳوڻي گورنر شاهد حامد، محي الدين واني، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار، لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي عهديدارن، قانون دانن، اعليٰ سول ۽ بيورو ڪريٽ، سياسي سماجي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. عاصمه جهانگير جي وصيت مطابق کيس لاهور جي علائقي بيديان روڊ تي واقع سندس فارم هائوس ۾ دفنايو ويو.

عاصمه جهانگير جي جنازي نماز به سندس زندگي جيان منفرد رهي جو ان ۾ عورتن جي به وڏي انگ شرڪت ڪئي. عاصمه جون ڌيئرون منيزي ۽ سليمه جهانگير انساني حقن جون اڳواڻ عورتون به شامل ٿيون ۽ انهن جنازي نماز ادا به ڪئي. ڪيتريون ئي عورتون ۽ ڪيترائي مرد جنازي نماز وقت عاصمه کي ياد ڪندي روئيندا رهيا.

عاصمه جهانگير تي عالمي راءِ :

  • گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوٽريز عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته دنيا انساني حقن جي هڪ علمبردار کان محروم ٿي وئي. عاصمه هڪ شاندار، اصول پرست، بهادر ۽ نيڪ دل هستي هئي. انتونيو گوٽريز جو چوڻ هو ته عاصمه جهانگير بطورپاڪستاني وڪيل يا وري انساني حقن جي عالمي ميمبر طور عوام جي حقن ۽ برابري جي لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪئي ۽ هوءَ اهڙي اڳواڻ هئي جنهن کي وساري نٿو سگهجي.هن چيو ته عاصمه پنهنجي سڄي عمر هر ڪنهن جي انصاف لاءِ وڙهي. هوءَ پاڪستان جي جون آف آرڪ هئي.
  • سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) مشهور قانوندان ۽ انساني حقن لاءِ پتوڙيندڙ عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ عظيم شخصيت کان محروم ٿي ويو. سانا جي صدر چيو آهي ته عاصمه جهانگير پنهنجي سڄي حياتي غريب، بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن کي انصاف وٺي ڏيڻ ۾ ڪتب آندي ۽ هن ناانصافي ڪندڙ طاقت ور ڌُرين سان مهاڏو اٽڪايو، سندس لاڏاڻي سان دنيا هڪ عظيم هستي کان محروم ٿي وئي آهي.
  • صحافين جي عالمي تنظيم “رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز” عاصما جهانگير کي شاندار لفظن ۾ خراج پيش ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي سڄي حياتي اظهار جي آزادي جي بچاءَ لاءِ وقف ڪئي. رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز طرفان جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته عاصما جهانگير سدائين جمهوريت جي بالادستي جي جنگ وڙهي، ڪيترائي ڀيرا مٿس حملا ٿيا، کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون پر هوءَ سڀني رنڊڪن اڳيان بهادري سان بيٺي رهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عاصما جهانگير جو لاڏاڻو انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي واري مهم لاءِ وڏو نقصان آهي.
  • پاڪستان ۾ نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي جي والد ضياکدين يوسفزئي پنهنجي نياپي ۾ عاصمه جهانگير لاءِ چيو آهي ته هوءَ انساني حقن جو اهڃاڻ، جمهوريت جي چئمپين، بي آوازن جي سڀ کان اوچي آواز ۽ سڀ کان دلير هئي.
  • بالي ووڊ جي نامياري هدايتڪار مهيش ڀٽ پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو آهي ته هوءَ غيرمعمولي عورت هئي جيڪا عام ماڻهن لاءِ وڙهندي رهي. هن پنهنجي زندگي کي انصاف جي واسطي وقف ڪيو هو. اسان جي دور ۾ هوءَ پيدا ٿي، ان لاءِ سندس ٿورا.
  • ڏکڻ ايشيا جي سهڪاري تنظيم ”سارڪ“ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”هوءَ سدا اسان جي دل ۽ دماغن ۾ رهندي. عاصمه ڏکڻ ايشيا ۾ انساني حقن جي تحريڪ وانگر زنده رهندي“
  • ناولسٽ ڪاملا شمسي چيو آهي ته ” اسان هن جو وڃڻ برداشت نه ٿا ڪري سگهئون. اسان ڀاڳ وارا آهيون جو هوءَ اسان سان گڏ هوندي هئي“
  • اداڪار مائرا خان چيو آهي ته ” اسان لاءِ اهو ڏک جو ڏينهن آهي. اسان کان هڪ بي ڊپي عورت جدا ٿي ويئي.

 

سينيٽ ۾ خاص ريفرنس:

سينيٽ ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي تعزيتي ٺهراءُ قائد ايوان سينيٽر راجا ظفرالحق ُ پيش ڪيو ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ”هي ايوان ناليواري قانوندان۽ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو. عاصمه جهانگير انساني حقن جي علمبردار هئي، هن انساني حقن، عورتن جي حقن ۽ ٻارن جي حقن جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. 1987ع ۾ هن انساني حقن واري ڪميشن قائم ڪئي ۽ 1993ع تائين ان جي سيڪريٽري جنرل رهي جنهن کانپوءِ کيس ڪميشن جي چيئرپرسن بڻايو ويو. عاصمه جهانگير هڪ دلير عورت هئي. هن ٻين عورتن کي پنهنجي حقن جي لاءِ بيهڻ جو حوصلو ڏنو. سندس خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون“

جڏهن ڪير به نه هو تڏهن …….

  • پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي گهر واري تهمينا دراني جو چوڻ آهي ته جڏهن سندس پهرين طلاق ٿي ته کيس ان ڳالهه جو اندازو نه هيو ته سندس مدد ڪير ڪندو؟ اهڙي وقت ۾ عاصما جهانگير اڳتي وڌي ۽ هن منهنجي مدد ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي تهمينا دراني چيو ته جڏهن سندس پهرين طلاق ٿي ته مٿس ڪيترائي ڪيس ڪيا ويا. اهڙي وقت ۾ هن کي اندازو نه هو ته هو ڪنهن کان مدد گهري پر ان ڏکئي وقت ۾ عاصما جهانگير اڳتي وڌي ۽ هن جا ڪيس وڙهي. تهمينا دراني وڌيڪ چيو ته جڏهن هن ” ماءِ فيوڊل لارڊ“ ڪتاب لکيو ته ان وقت به عاصما جهانگير سندس همت وڌائي ۽ ڀرپور مدد ڪئي.
  • نامياري صحافي مظهر عباس چيو آهي ته ” ميڊيا جي ويج بورڊ ايوارڊ لاءِ عاصمه اسان جي هرڀيري مدد ڪئي. ايستائين جو جڏهن اعتزاز احسن به اسان جو ڪيس وڙهڻ کان نابري واري ته عاصمه اڳيان آئي ۽ اسان جو ڪيس وڙهيو.“

ٽپال جي ٽڪلي ۽ اداري مٿان نالو:

پ پ سٽي لاڙڪاڻو پاران سر شاهنواز ڀٽو لائبريري آڊيٽوريم ۾ عاصمه جهانگير بابت تعزيتي ريفرنس جي تقريب ۾ قراردادون پيش ڪندي اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته عاصمه جهانگير جونالو ڪنهن اداري يا انسٽيٽيوٽ سان منسوب ڪيو وڃي. تعزيتي ريفرنس ۾ وفاقي حڪومت کان اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته عاصمه جهانگير جي خدمتن جي مڃتا عيوض هڪ يادگار ٽپال جي ٽڪلي پڻ جاري ڪئي وڃي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو ته عاصمه جهانگير آمر يحيٰ کان وٺي آمر پرويز مشرف تائين هر ڊڪٽيٽر کي للڪاريو ۽ آمريتن جي خلاف ڀرپور جدوجهد ڪري آواز اٿاريو، ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪايو. هن چيو ته عاصمه جهانگير اصول پرست بهادر شخصيت جي مالڪ هئي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻن عبدالفتاح ڀٽو، خير محمد شيخ، وڪيل عنايت موريو، لاڙڪاڻي بار جي رفيق ابڙو، ليڊيز اڳواڻ ڊاڪٽر سڪينه گاد ۽ توقير فاطمه ڀٽو،  ليکڪ ۽ صحافي نثار کوکر،لاڙڪاڻي جي ضلعي ميئر اسلم شيخ ۽ پيپلز پارٽي سٽي لاڙڪاڻي جي صدر نورالدين ابڙو پڻ پنهنجا ويچار پيش ڪيا.

انساني حقن جي ڪارڪنن جي ڀيٽا:

  • آءِ اي رحمان:  عاصمه جهانگير جسٽس دراب پٽيل پاران ٺاهيل ”انساني حقن جي ڪميشن، پاڪستان“ ٺاهي ته ان ۾ اڄ تائين گهڻي ۾ گهڻو ڪم عاصمه جهانگير ئي ڪيو هو. هن ڀارت جي شهر ”آگرا“ ۾ پاڪ ڀارت ڪانفرنس جي موقعي تي موجود عاصمه لاءِ جنرل پرويز مشرف چيو هو ته ”دل ٿي چئي ته آئون کيس چماٽ هڻان“. هن چيو ته وڏي کان وڏا آمر هن کان ڊڄندا هيا. پرويز مشرف کيس منٿون ڪيون ته سندس ڪيس وڙهي پر هن کيس چيو هو ته ” هوءَ اصولن تي سوديبازي نه ٿي ڪري سگهي“ هن ٻڌايو ته نواب اڪبر خان بگٽي جي آخري ڏينهن ۾ عاصمه ساڻس ملڻ وئي ته هن جي گاڏيءَ تي فائرنگ ڪئي وئي. هن چيو هو ته ” اوهان جو گوليون ختم ٿي وينديون پر منهنجو سفر ختم نه ٿيندو“

مسٽر رحمان چيو ته هوءِ اوڌر رکڻ جي قائل نه هئي، جنهن مهل جنهن لاءِ جيڪي به کيس چوڻو هوندو هو، اهو چئي ڏيندي هئي. هوءَ جڏهن به سنڌ جي شهرن مٺي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ويندي هئي ته اتي جا ماڻهو اهو سمجهندا هيا ته ڄڻ سندن وڇڙيل ڀيڻ ساڻن ملي آهي.

  • نامياري شاعره ڪشور ناهيد چيو ته ٻه سال اڳ جڏهن عاصمه جهانگير کي ”امن جو عالمي ايوارڊ“ مليو هو ته اسان هو جشن لاهور ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو جتي هن شعر پڙهيو هو:

دنيا سوچي ۽ حيران ٿيندي هئي،

ڇا ڪو وقت ايندو جڏهن،

ڏاٽي سان گاهه ڪندڙ عورت

اُڀ تي ستارن جيئان چمڪندي؟

ڇا ڪڏهن ايئن به ٿيندو ته،

آڱوٺو هڻي پنهنجا حق ڏيندڙ عورت

دنيا کان پنهنجا حق گهرندي،

اها مهان عورت عاصمه جهانگير

جنهن حاڪمن کي للڪاريو هجي،

جنهن جي هڪ گونج سان،

باندي بڻايل عورتون هجن يا

سرن جي بٺن تي

غلام ابن غلام خاندان هجن،

ايئن وڳ ڪري اچن، جهومندا اچن،

ڄڻ لڏندڙ ٽاريون هجن،

ڄڻ خوشبو پکيڙيندڙ بهارون هجن،

هن ۾ ستُ هيو، طاقت هئي،

هوءِ ٽياس تي ٽنگيل،

انصاف جي تارازي هيٺ ننوائيندي هئي،

زمين تي راڄ ڪندڙ

خدائن کي للڪاريندي هئي،

پير ڪڙين کي پازيب ۾ بدلائي،

سزائن جي سياست جا سينا چيري،

واعظي فتوا فروشن کي ننگو ڪندي،

خزان بڻيل چهرن کي بهار پهرائيندي هئي.

(حوالو بي بي سي)

سنڌ سرڪار جنهن محترما عاصمه جهانگير کي سرڪاري اعزاز سان دفنائڻ جي آس ڏيکاري هئي، تنهن خط لکڻ سان سنڌ سرڪار ته منفرد رهي پر، سياسي پارٽين، سياسي اڳواڻن ۽ ميڊيا جي وڏن وڏن گروپن کي ڄڻ تي ڪو کنڀي کڻي ويو هو. اڳي ته کنڀيلن لاءِ عاصمه جهانگير جون گونجون موجود هونديون هيون، پر اڄ اها گونج ئي موجود ڪونهي، جيڪا انهن بي روح جيئرن ماڻهن کي وري ٻڌائي انهن لاءِ مسيحائي ڪري سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے