16 جمعہ , نومبر 2018

ساٿي ساريم سي جي هئم هيئين ٿوڻيون:مشتاق باگاڻي

سکر ۾ شيخ اياز جي آفيس جي ڀرسان فتاح ملڪ جي آفيس هئي، آئون شيخ اياز سا ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ساڻس ملڻ اوڏانهن هليو ويس، عبدالفتاح ملڪ وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان مليو، حيدرآباد جي دوستن جا احوال پڇيائين ۽ ادبي سرگرمين بابت گفتگو ڪئي. هو نهايت ئي پر اعتماد نظر آيو. ٻئي ڏينهن معصوم شاهه جو منارو ڏسڻ ويس، مناري جي پيڙهه وٽ سندس گهيرو 84 فوٽ، سندس اوچائي به 84 فوٽ ۽ ڏاڪڻ کي به 84 ڏاڪا هئا. هن مناري جو بنياد 1003 هجري ۾ رکيو ويو هو، مير محمد معصوم بکري اڪبر بادشاهه جي دربار تائين رسائي حاصل ڪئي، بهادر انسان هو، مختلف جنگين ۾ حصو ورتائين، جتي به ويو ڪتبا کڙا ڪرايائين، گجرات، قنڌار ۽ ايران ۾ به رهيو، اڪبر بادشاهه خوش ٿي کيس درٻيلي، ڪاڪڙي ۽ چانڊوڪي جا پرڳڻا جاگير طور ڏنا، اڪبر جي مرڻ کانپوءِ جهانگير کيس ”امين الملڪ “ جي عهدي تي فائز ڪري بکر موڪليو، هو وڏو شاعر هو، طبابت به ڄاڻندو هو پر هن کي هڪ ايماندار تاريخ نويس جي حيثيت سان ڄاتو وڃي ٿو، سندس تصنيف تاريخ سنڌ عرف تاريخ معصومي شاندار ڪارنامو آهي، هن روهڙيءَ جو عيد گاهه ۽ ٻيون ڪيتريون عمارتون تعمير ڪرايون، آخر 1019 هجري ۾ وفات ڪري ويو، سندس قبر معصومي مناري ۽ فيض محل جي اوڀر ۾ هڪ چوڪنڊيءَ جي هيٺان موجود آهي، ( تاريخ معصومي )

سکر کان سنڌو موري واپس آيس، ناصر مورائي واري ڳالهه ذهن تي هئي، راشد مورائيءَ کي ڳولي وڃي لڌم، انهن ڏينهن ۾ راشد اڃان ڪچي سندس ڳوٺ جو ڻالي ۾ رهندو هو، موري جي اديبن سان سندس ڏيٺ ويٺ ضرور هئي، جو ڻالي ۾ پاڻ هڪڙي ڏينهن موري جي شاعرن جي دعوت ڪيائين، جنهن ۾ عظيم سنڌي جيڪو اڃان مس وهي چڙهي رهيو هو ۽ مون به شرڪت ڪئي هئي، ٻهراڙيءَ جي ان شاندار ڳوٺاڻي دعوت ۾ خوب مزو آيو، اتي اسانجي ملاقات سندس والد سعيد علي شاهه ۽ سندس ڀاءُ روشن علي شاهه سان پڻ ٿي، جيڪي ٻئي ڀلوڙ شاعر هئا، سعيد علي شاهه جي شاعريءَ جو نمونو پڙهو.

دلبر دي ديدار باغ بهار هي ڪيتا

عشق اڪار ٻيڙا پار تي مختيار هي ڪيتا

روشن علي شاهه جي شاعريءَ جو انداز مختلف هو، مثال طور.

عشق پهچائي ٿو اُت اجتِ موت خود مريو وڃي.

ان دور ۾ موري ۾ اڃان سينئر شاعرن جو ڌاڪو ڄميل هو، انهن جا سرواڻ سائين محمد ڇتل ۽ قاضي اختر هئا، موري ۾ خوب مشاعرا ٿيندا هئا، محفلون مچنديون هيون سماجي سرگرميون به چوٽ تي هيون، مورو سجاڳ هو، آئون جيئن ته حيدرآباد ۾ رهندو هوس، انهن ادبي سرگرمين ۾ شريڪ ٿي ڪو نه سگهندو هوس.

هتي آئون پنهنجي سادگيءَ جو هڪ دلچسپ واقعو قلمبند ڪندو هلان، سکر کان واپسيءَ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ مونکي پنهنجي منظوم ڊرامي جو مسودو ياد پيو، پنهنجا ڪاغذ پٽ ۽ ڪتاب جاچيم پر اتي هجي ته لڀي، آخر پريشانيءَ جي عالم ۾ ڪَڪَڙَ کان ڪجهه مفاصلي تي چنڊڻ تي هڪ ٻڍڙي عورت فار وجهندي هئي، ان وٽ وڃي پهتس، کوڙ سارا ٻيا سوالي به پٽ تي ويٺا هئا، هر ماڻهو جوار جي اَنَ جو اڌ سير، پاءُ پاڻ سان کڻي ويندو هو، اها عورت ان مان ڪجهه ڪڻا هٿ تي رکي گهمائي ڏس پتو ۽ ڏڍ ڏيئي سواليءَ کي مظمعن ڪري اماڻيندي هئي. ڪافي انتظار کان پوءِ اها ٻڍڙي عورت لوڙهي کان ٻاهر آئي، هر سواليءَ کي ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائيندي مطمعن ڪندي رهي، جڏهن منهنجو وارو آيو ته جُوئر جا داڻا هٿ تي ڦيرائي چيائين، ابا ڪاشئي وڃائي اٿئي..؟ ظاهر آهي ڪاشئي گم ٿي وڃڻ يا چوري چڪاريءَ جي فار وجهرائڻ لاءِ ئي ته ماڻهو ان وٽ ويندا هئا ۽ اهڙن ويساهه وسوڻل ماڻهن سان سوال جواب ڪرڻ جو هن کي خوب ڏانءُ ۽ تجربو ٿي چڪو هو، ان ٻڍڙي عورت جي سوال تي مون چيو ها ڏاڏي ڪاغذ وڃايا اٿم، هن چيو ابا ڪٿي وڃي ويٺو هوندين اتي وسري ويا هوندئي، هڪدم منهنجو خيال سکر هليو ويو، پنهنجي بي وقوفيءَ تي پشيمان ٿي ۽ ان اڻ پڙهيل ٻڍڙي عورت جي ڪامن سينس کي داد ڏيئي واپس وريس، ٻئي ڏينهن سکر پهچي جيئن ئي رشيد ڀٽيءَ جي آفيس ۾ داخل ٿيس ته ڀٽي صاحب ڏسندي ئي چيو، ادا هي تنهنجي منظوم ڊرامي جو مسودو وساري ويو هُئين، ڪجهه دير ساڻس گفتگو ڪري واپس موري آيس، اهو مسودو پوءِ مون راشد مورائيءَ کي ڏيکاريو، جنهن ان ۾ فني اصلاح ڪئي، راشد مونکي علم عروض مطابق بحروزن تي شاعري ڪرڻ جو مشورو ڏنو، مثال طور.

رات ڏٺم هڪ، ننڍڙو نينگر، رئندي زارو، زار الا

فعلن فعلن، فعلن فعلن، فعلن فعلن، فعلن فا

مون اهو مشورو قبول ڪيو ۽ علم عروض جي ڄاڻ خاطر مرزا قيلچ بيگ، ڪاڪي ڀيرومل، ڀاوناڻي جهٽ مل خوبچنداڻي ۽ ڊاڪٽر ابراهيم خليل جا علم عروض تي لکيل ڪتاب پڙهيا، جيڪي شاعريءَ ۾ منهنجا رهنما ۽ مدد گار ثابت ٿيا.

مون محسوس ڪيو ته نثر هجي يا نظم سهڻي ۽ پڪي تحرير لکڻ لاءِ علم بديع، علم عروض، قافيي ۽ رديف جي بنيادي ڄاڻ تمام ضروري آهي، مرزا قيلچ بيگ لکي ٿو، ”جيئن ته نثر لفظن جي پکيڙڻ کي چوندا آهن ۽ نظم پکڙيل لفظن کي پوئڻ چوندا آهن، جيئن مڻهيار ٿڙيل موتين کي ڌاڳي ۾ پوئي هار جوڙيندا آهن، نثر ۾ مسجع، مرصع ۽ تشبيهات جو خيال رکيو ويندو آهي، نظم جا ٽي اصول سبب، وتد ۽ فاصلا آهن، نظم جا اٺ ارڪان آهن، فعولن، فائلن، مفاعيلن، مستفعلن، مفاعلتن، مفتاعلن، فاعلاتن ۽ مفعولات. فعولن مان عولن جنهن جي بدران فعلن جو اثلم سڏبو آهي، جنهن جو مثال مٿي غزل جي هڪڙي سٽ ۾ ڏيئي آيا آهيون، اهڙا زحافات ڪل پنجٽيهه آهن. انهن جي ڄاڻ تمام ضروري آهن، وزن ڇائيتاليهه آهن، قافيو اهو لفظ آهي جو شعر جي آخر ۾ اچي ٿو، رديف ان جي پڃاڙيءَ ۾ انهن سڀني اصولن جي ڄاڻ سان گڏ صنايع ۽ بدايع ۽ ڇند وديا يعني آوازن جي ماپ تور لاءِ ماترائن جي ڄاڻ واري علم جو مطالعو به ضروري آهي، ڇا ڪاڻ ته معياري شاعريءَ ۾ بحروزن ۽ سُر کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي، ڇند وديا ۽ ماترائن جي سمجهڻ لاءِ ڊاڪٽر موتي لال جو تواڻي جو ڪتاب “Shah abdul latif his life and work”  پڙهڻ گهرجي، آغا سليم ڪنهن انٽرويو ۾ چيو هو ته ”تازو ڪنهن چيو آهي ته، ليکڪ گرامر جو محتاج ڪونهي ۽ ضروري ناهي ته هو ڪو وڏو ويا ڪرڻ پڙهي پوءِ لکڻ ويهي، آئون ان کي مڃان ٿو پر جڏهن به ڪاشئي وجود ۾ اچي ٿي ته پاڻ سان پنهنجي زنده رهڻ جا ڪي طبعي اصول به کڻي اچي ٿي، انهن جو ڄاڻڻ يا نه ڄاڻڻ ايترو اهم ڪونهي پر انهن جو استعمال ضروري آهي، سنڌي ٻولي به گرامر جا طبعي اصول پاڻ سان کڻي آئي آهي، ڪاڪي ڀيرومل يا مرزا قيلچ بيگ اهي اصول ڪو نه ٺاهيا آهن. ٻولي جي زنده رهڻ لاءِ اهي فطري اصول ضروري آهن ۽ انهن جي ڀڃڙي ڪندڙ ٻوليءَ کي هاڃو ٿا رسائين.“ نه ته ديوان فاضل ۾هڪ شعر آهي.

ڀڃي لٺ لئيءَ مان اٿي ٿين شاعر،

سنڌي شاعرن سٽ سڃاتي نه سائي،

آئون جيئن جيئن شيخ اياز جي شاعري پڙهندو ويس، ان سان ذهني هم آهنگي وڌندي وئي، ان دور ۾ شيخ اياز جي هنن سٽن،

جي هانءَ نه هارين ڪو هيارل هي ڏينهن به گهاري وينداسين

ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين

يا

”هيءَ سين نه ڏيندي چين اٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا“

جي پڙهيل لکيل شاگرد طبقي ۾ وڏي پذيرائي هئي پر زبان زد عام وري سندس هي بيت ۽ گيت هئا، جيڪي فنڪارن ڳايا ۽ وڄايا پئي.

جاڳ ڀٽائي گهوٽ، توکي سنڌڙي ٿي سڌڙا ڪري

سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار وو يار

يا

ڪانگ لنوي، ڪانگ لنوي، ڪانگ لنوي ٿو

اها فطرت جي دين آهي. هر شاعر اديب جي ڪنهن نه ڪنهن گيت يا غزل کي سٺي موٽ ملندي آهي، ڪا ڪافي، ڪلام، وائي، سٽ يا ڪهاڻي مشهوري ماڻي وٺندي آهي.

مثال طور جمال ابڙي جي ڪهاڻي پيراڻيءَ جو جملو ، ”او منهنجو پيراڻي ننڍڙو، نسيم کرل جو ٻاجهه ڪانگهاري نه ڪري.“

امر جليل جو ”راتين جا رولاڪ“ علي بابا جو ”موهن جو دڙو “ يا ”جنم ڀومي شهنشان ڀومي“ امداد حسينيءَ جو ”هُيل بسنتي رت جي آئي لال ليار پٽنداسين.

ميرو سيرو ڦاٽل ساٽل جهول اسين به جهلنداسين، يا ”ڌرتي توتي دانهيندي“ تاج بلوچ جو، ”ڪير گلن جا پوئي، هار هٿ سڀن جا زخمي رخميءَ، راشد مورائيءَ جو، دل ويران رڻ تي، ڪڪر بانورا، ٿورڙوئي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيئي، استاد بخاريءَ جو، جاني جون مهينا آيا، ڏاڍي ڏينهن تتي ني.

محمد خان مجيديءَ جو مٽي آخر مٽي آهي، ڳاڙهي ڳوڙهي ڳٽي آهي“ سرويچ سجاوليءَ جو، ”مان توکان ڪيئن محصول وٺان، ابراهيم منشيءَ جو، ”اسانجو رت ٿيو نيلام، يا وچينءَ ويلي ولر واري، وٿاڻن ڏي وريا هوندا.

تنهن تي تار پيڃاري تنواريندي تريا هوندا، ۽ تاجل بيوس جي، ”سنڌ  منهنجي امان“ کي ته سنڌ توڙي هند ۾ خوب ڳايو ويو. هنڌستان لڏي ويل سنڌين جو ته اهو ماڳهين قومي گيت بڻجي ويو.

اهڙي طرح مون مسڪين جي وائي، تو جو ڀانيو ڀت ريڍارن جو رت ٺاري ٺاري کائجانءِ تي ادبي حلقن ۾ گهڻي پزيرائي ملي، ايتري قدر جو اها سٽ پهاڪي طور استعمال ٿيڻ لڳي، شيخ اياز ته هڪڙي ڪيس ۾ ڪورٽ ۾ دليل ڏيندي اها سٽ پڙهي، اها وائي آڪٽوبر 1974ع واري سو جهري جي پرچي ۾ منهنجن ٻين نَونَ واين سان گڏ چپي هئي، شيخ اياز پنهنجي ڪتابن ۾ منهنجي شاعريءَ جي مڃتا جو بر ملا اظهار به ڪيو، جون 1985ع ۾ منهنجي بدلي ٿي وئي، آئون سڀ کان پهريان شيخ اياز وٽ ملاقات لاءِ حاضر ٿيس، پاڻ نهايت ئي ٻاجهه سان مليا، سندس پا ٻوهه ڀريو پنهنجائپ وارو پيار شايد ئي ڪنهن جونيئر شاعر کي نصيب ٿيو هجي، ان کان پوءِ عبدالفتاح ملڪ ۽ رشيد ڀٽيءَ وٽ حاضر ٿيس، ان کانپوءِ ملاقات جو اهو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو.

شيخ اياز ڏاهپ ۽ دانائيءَ جو مجسمو هو، هن جو ذهن تيز طاقت ور ۽ سجاڳ هو، تخليقي اظهار جي غير معمولي قوت هئڻ سبب هن جي دل ۾ سچ کي کولي ظاهر ڪرڻ جو اٿاهه جذبو موجود هو، جنهن کي هن اثرائتي نموني ظاهر ڪري، لوڪن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، صدين کانپوءِ سنڌ سون جهڙو سچيت سرجڻهار ڄڻي جڳ کي ڏيکاريو ته سندس ڪُک اڃان ڪانگهاري ڪا نه ٿي هئي، ٻئي طرف اياز کي به سنڌ ۽ سنڌي لوڪن سان اوتروئي پيار هو جيترو سنڌ کي ساڻس هو، هو سنڌ جي مستقبل کان نا اميد جو لفظ ٿورو ڳرو ٿو لڳي، البت فڪر مند ضرور هو،

چپ اچي ويا چنگ چڙا.

پورنما

خاموشي درياهه جيان آ.

پورنما  ( ش.ا )

1956ع کان شيخ اياز جا بيت رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا، بيت جي باري ۾ پاڻ لکن ٿا، ” منهنجي بيت جي هيئت قديم شاعريءَ جي بيت جهڙي آهي، باقي ان جي موضوع ۾ جدت آهي، بيتن ۾ ڪم آندل ٻولي ٺيٺ سنڌي آهي، ڇو ته بيت جي ٻوليءَ ۾ فارسي آميزيءَ جي گنجائش بلڪل نه آهي ۽ هندي آميزيءَ جي گنجائش به گهٽ آهي، بيت سنڌي زبان جي منفرد صنف آهي، شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ جي مقفيٰ شعر ۾ هم قافيه لفظ ايئن سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن سنڌي بيت ۾ آهن، اهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي ته ان جي پهرين ۽ پوئين سٽ جي آخر ۾ نه قافيو آهي نه رديف، پر ان جي باوجود بيت ۾ ترنم ۽ هم آ هنگي ٻيءَ هر صنف سخن کان زياده آهي. در اصل سٺي سنڌي بيت جي تخليق نهايت مشڪل آهي ۽ سٺو بيت اهو ئي لکي ٿو سگهي جنهن کي روح ۾ رواني ۽ ٻوليءَ تي بي انتها قدرت هجي، سنڌي بيت الهامي شعر آهي.

آيت آهي

( ڀنور ڀري آڪاس )

بلا شبهه بيت سنڌي شاعريءَ جي اعليٰ صنف آهي، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي بيت لاءِ لکي ٿو.

It is noteworthy  that among the extant seven baits by qazi qadan, two are dohas, there are baro dohas, one is soratha and one is Tuveri  doha again out of 92 baits by Shah Abdul karim, as many an 84 are baro dohas, dohas, sorathas and tunveri dohas put to to gather . Its break up is 30,25,16, and 13 respectively shah inat and shah abdul latif  abound is there four varieties of doha and present the baits in which they appear inter linked. Thust, the sindhi bait is a common name for the doha, sorathe, baro doha, tunveri doha and there varied juxta position . (shah abdul latif his life and works)

ڪن عالمن طرفان شيخ اياز تي اها تنقيد ڪئي ويندي آهي ته هو 1956ع کان اڳ اردوءَ ۾ لکندو  هو، ان تي جواب اهو ٿو ڏنو وڃي ته هو ان وقت ڪراچيءَ ۾ رهندو هو، جتي اردو زبان پنهنجي پوري طاقت ۽ مشينري جي زور سان چائنجي چڪي هئي، اياز تي ان ماحول جو اثر پوڻ لازمي هو، بلاشڪ شيخ اياز اردوءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو، هن جو حلقه احباب سنڌي عالمن ۽ اردو دانن تي مشتمل هو، هن شاهه لطيف جي ڪلام جو منظوم اردو ترجمو ڪيو، جيڪو هڪ وڏو ڪارنامو تسليم ڪيو ويو، پر پوءِ يا ان کان اڳ هن جو سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ته ڪمال درجي تي وڃي رسيو، هن تي تنقيد جا زهر آلوده تير چوڌاري وسڻ لڳا، ان لاءِ هن فقط ايترو لکيو.

”منهنجي انانيت ۽ حد کان زياده خود اعتمادي ( جا گهڻو ڪري هر فنڪار ۾ هوندي آهي) ۽ پنهنجي تخليق لاءِ بي انتها محبت، منهنجي صحيح اندازي جي راهه ۾ ضرور حائل ٿيندي ۽ شايد اوهانجي دور جا توهمات، فن ۽ زندگيءَ جو مانوس تخيل ۽ پنهنجي همحصر جي فن کي تسليم ڪرڻ ۽ ان لاءِ تحسين جو اظهار ڪرڻ کان فطري گهٻراهٽ، اوهانجي صحيح جائزي ۽ نتيجي تي اثر انداز ٿين، نه فقط منهنجي تخليق جو پرهر فنڪار جي تخليق جو منصف فقط وقت آهي، مان فقط ايترو يقين سان لکان ٿو ته منهنجو فن ۽ فڪر ڪنهن به تقليد يا مصلحت آميزيءَ کان ڪوهين دور آهي ۽ مون اهڙي هڪ سٽ به نه لکي آهي، جا منهنجي روح جي گهراين مان چيرجي نه نڪتي هجي، (ڀنور ڀري آڪاس )

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے