13 منگل , نومبر 2018

موهن جي دڙي تي اڻپوري تحقيق:شاهد علي “صوف” ابڙو

ڪجهه مهينا پهرين 2017ع ۾ موهن جي دڙي بابت انٽرنيشنل ڪانفرنس ٿي هئي جيڪا ثقافت ۽ سياحت کاتي سنڌ جي ميزبانيءَ ۾ ڪرائي وئي هئي هن ڪانفرنس ۾ دنيا جا ماهر ۽ مڃيل آرڪيالاجسٽ، سائنسدان، دانشور ۽ عالم شريڪ ٿيا جن دنيا جي سڀ کان اَوائلي تهذيب جي نشاني موهن جي دڙي جي قدامت ۽ اصل آثارن بابت  ڳالهايو ۽ موجوده آثارن جي تحفظ بابت رايا ڏنا، جن ۾ هڪ رايو هن دڙي کي هميشه لاءِ ڍَڪي ڇڏڻ بابت به هئو هن رائي سنڌو تهذيب جي ديوانن ۽ سنڌواسين سان گڏ دنيا واسين کي ڏندي آنڱريون ڏئي ڇڏيون، اڃان اصل موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جو عمل به شروع نه ٿيو آهي، اُهو اصل شهر جيڪو هن دڙي جي هيٺان دفن ٿيل آهي، جنهن جي کوٽائيءَ سان اَوائلي انساني ۽ حيواني ارتقاءَ جا راز پڌرا ٿيندا، ساڍا يارهن هزار سال پهريان تباهه ٿيل هن  دڙي جي تباهيءَ جا سبب به چٽا ٿيندا، هن دڙي جي وڌيڪ کوٽائيءَ سان اهو به ثابت ٿيندو ته جڏهن سڄي دنيا برف جي ڇپن سان ڍڪيل هئي تڏهن سنڌ ئي واحد خطو هو جيڪو برف کان آجو هو ۽ هن خطي ۾ نباتاتي، حيواني ۽ انساني زندگيءَ جو وجود هئو، جن جي گهڻو پوءِ دنيا ۾ پکيڙ ٿي آهي، موهن جو دڙو، هڙاپه، ميهرڳڙهه، ڪاهوءَ جو دڙو، جکهر جو دڙو، ڍولاويرا ڪڇ ڀڄ جي ٻين دڙن کان آمريءَ جي دڙي ۽ تهذيب کان عراق ۽ مصر جي تهذيبن سان سنڌو تهذيب جو بڻ بڻياد ڳنڍيل هئڻ کان انهن جي تباهين جي سببن ۽ ماڻهن جي نڪري ٻيا علائقا ۽ تهذيبون آباد ڪرڻ بابت لاتعداد شاهديون ۽ مواد ملندو، مون هن موضوع تي 16 سال تحقيق ڪئي آهي، جنهن ۾ سڀ کان پهريان انسانن، حيوانن ۽ وڻن  ٻوٽن، ڪيڙن، وغيره جي سنڌ ۾ پيدائش جون شاهديون سائنسي شاخن، زولاجي، باٽني، بائلاجي، آرڪيالاجي، جيالاجي وغيره ۽ مذهب ۾ قرآن شريف، توريت، ويد، شاستر، پراڻ، اپنشد، صحائف اولا وغيره مان مليون آهن. پهرين انسان جو جنم، پرورش، رهائش ۽ ابتدائي رهڻي ڪهڻيءَ جون ۽ انساني حياتي لاءِ ڪتب ايندڙ شين جي وجود ۾ اچڻ جو ماڳ مڪان سنڌ ۾ ئي مليو آهي، ڇارلس ڊارون، ڊاڪٽر الفرڊرسل ويلاس، لامارڪ وغيره جا خيالي نظريا رد ٿي ڇڪا آهن، انسان جو پهريون قدم سنڌ ۾ پيو آهي نه ڪي آفيڪا يا عرب خطي ۾ قديم آثارن جا ماهر سالن جي تحقيق کانپوءِ چئن وادين کي انساني تهذيب جي پاليندڙن جو نالو ڏين ٿا جن ۾ انساني تهذيب پهرين پير کڻڻ شروع ڪيا انهن ۾ سنڌو تهذيب ۽ سنڌ ڌرتي سڀ کان اَوائلي ڄاڻائن ٿا. هن ڌرتيءَ تا انساني ارتقاءَ جو سفر شروع ٿيو جيڪو اڄ به سڄي دنيا ۾ تسلسل سان جاري آهي، دنيا جي پهرين انسانن مختلف علمن ۽ فنن جو بنياد وڌو، سنڌي قوم کي قدرت اڄ جي سائنسي دور کان به گهڻو ذهين بڻايو، اها قوم جا ميٽري جي به باني قوم آهي، هن تهذيب جي باني قوم انگن ۽ اکرن جو سرشتو جوڙيو، تور، ماپ لاءِ وٽ ۽ تارازي ٺاهيا، هن وقت دنيا ۾ رائج جا ميٽري جا اصول ۽ قائدا عمر خيام جا جوڙيل ٻڌايا وڃن ٿا جيڪي 1040ع ۾ جوڙيا ويا هئا، جڏهن ته موهن جي دڙي، هڙاپا ۽ ٻين سنڌو تهذيب جي ماڳن تا مليل مُهرون جا ميٽريءَ جي اصول مطابق تيار ڪيون ويون هيون، دنيا ۾ سڀ کان پهرين پڪي ( ٺِڪَرَ جي ) سر به سنڌين ايجاد ڪئي ۽ اها به جا ميٽري جي اصولن تي ٺهيل آهي، زراعت جي باني هن اَوائلي قوم آبپاشيءَ جو نهري نظام جوڙيو، کوهن کي پڪين سرن سان ٻڌو ويو پاڻي پهچائڻ لاءِ پڪين سرن جُون ناليون ٺاهيون، نارن وسيلي هر وقت پاڻي حاصل ڪيو ويندو هو، ڍڳن ڍورن کي زراعت ۾ استعمال ڪيو ويو، ڦيٿو ۽ ڏاند گاڏي به ٺاهي ۽ بحري سفر لاءِ ٻيڙيون، ٻيڙا ٺاهي شپنگ جو بنياد وڌو، مٽي، لوهه، ٽرامي، پتل، پٿر کي ڪار آمد بڻائي ٿانوَ ۽ ٻيا اوزار ٺاهيا، سون، چاندي ۽ پٿرن مان خوبصورت زيور ٺاهيا، ڪپهه جو فصل پوکي ان مان ڌاڳو ٺاهي ڪپڙو ايجاد ڪيو، جسماني توڙي ذهني واڌ ويجهو ۽ پختگيءَ لاءِ راندين جو بنياد وڏو، نَوَ ٽڻ، ڪوڏيون شطرنج وغيره رانديون ايجاد ڪيون، پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ، خوشيون ملهائڻ، نچڻ ۽ ڳائڻ جو بنياد به هن ڌرتيءَ تي هن تهذيب جي بانين وڌو، مجموعي طرح ايئن چوڻ ۾ ڪو به واڌءُ نه ٿيندو ته سنڌ ڌرتي دنيا ۾ انساني، حيواني ۽ نباتاتي ارتقاءَ جو پهريون ماڳ ۽ مرڪز رهي آهي، دنيا جي پهرين جاندارن جي جنم ڀومي به سنڌ آهي جن جا ڪيترائي نشان اڄ به موجود ملن ٿا، گذريل سال 2016ع جي آخر ۾ پنجاب يونيورسٽي جي ٽيم گجرات ( موجوده پنجاب ) ۾ کوٽائيءَ دوران لکين سال پراڻا مختلف جانورن جا ڍانچا ڳولي لڌا آهن اهي قديم جانورن جا ڍانچا جنهن ايريا مان مليا هئا ان جي ويجهو ٽومي دريا جي ڪناري سان بڙيلا شريف ڳوٺ ويجهو حضرت نوح عليه اسلام جي قبر به موجود آهي، مئي 2017ع جي پهرين هفتي ۾ سوهاوا  ڀرسان به پنجاب يونيورسٽي جي تحقيقات ٽيم کي هاٿيءَ جي ڄاڙيءَ لڌي آهي جيڪا تقريبن ڏيڍ ڪروڙ سال پراڻي آهي، انساني وجود جي تاريخ ۾ پهرئين انسان جي جنم ڀومي ۽ رهائش ” سنڌ ڌرتي“ کي ئي ٻڌائن ٿا، ساڍا 12 لک چورس ميلن تي پکڙيل سنڌو تهذيب جي سرانديپ جبل ۾ انسان جو ظاهر ٿيڻ ۽ هڪ وڏي انساني پير جي نشان کانسواءِ زندگيءَ کي جاري وساري رکڻ لاءِ اناج، ميووا، معدنيات، نباتات، چرند، پرند، جيت جڻيا وغيره هئڻ ۽ ڌرتيءَ تي ٺهندڙ سڀ کان آگاٽا جبل جن ۾ 3 ارب 5 ڪروڙ سال اڳ ننگرپارڪر جي جبلن جون چوٽيون ٺهيون، 48.62 ملين سال پهريان رني ڪوٽ جو جابلو سلسلو ٺهيو، دنيا جي ٻئين دور  Eocent Period  ۾ 39 کان 47 ملين سال اڳ لڪيءَ کان جهمپير تائين جابلو سلسلي جي تخليق ٿي، هن جابلو سلسلي مان ملندڙ چوني جي پٿر جي سائنسي اڀياس موجب هتي پهرين پيليوسين دور ۾ موجود سائي ڪائي ۽ لِوَ مان جنم وٺندڙ ڪيڙن، ماڪوڙن، مڇين، پکين، چوپائين، ننڍن وڏن جانورن، وڻن، ٻوٽن وغيره جي نشونما ( واڌ ويجهه ) ٿي، رني ڪوٽ، ٿاڻي بولا خان، دادو، لاڙڪاڻي، قمبر شهداد ڪوٽ ۽ قلات ضلعن تائين پکڙيل کير ٿر جي جابلو سلسلي جي پنج وڏن جابلو سلسلن لڪي، کير ٿر، ناري، گنج، منڇر ۽ ڪاڇي تائين پکڙيل آهي ۾ پرورش وٺي ڌرتيءَ جي ٻين خطن ڏانهن پکڙيا، سائنسي تحقيق جي حوالي موجب جيڪڏهن سنڌ ۾ پهرين ساهواري، حياتيءَ جي جراثيم Life Cell جو جنم ٿيو آهي ۽ اُن جي پرورش مختلف جاندارن وڻن، ٻوٽن وغيره جي شڪل ۾ سنڌ جي مٿين جابلو سلسلن ۾ ٿي آهي ته پوءِ پهرين انسان جي پيدائش به سنڌ ۾ ٿي آهي ۽ ان پهرين انسان جي نسل سنڌ ۾ اَوائلي تهذيب جو بنياد وڌو ۽ اڄ به سنڌو تهذيب دنيا جي پهرين ۽ پراڻي تهذيب  آهي “ سنڌو لکت تي ٿيل تحقيق جو جائزو” ۾ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو سنڌي تهذيب جي ابتدا بابت مختلف سن ڄاڻايا آهن، ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو “ اهو ابتدائي زمانو ڪڏهن شروع ٿيو اهو اڃان طئي ٿيڻو آهي، سنڌي تهذيب جي ابتدا بابت ڪي 3،200 قبل مسيح ته ڪي 2600 يا 2400 قبل مسيح ٻڌائن ٿا، سنڌ جي تهذيب برصغير کان وچ ايشيا تائين پکڙجي وئي هڪ طرف بلوچستان، پنجاب کان ويندي موجوده افغانستان ۽ ترڪمانستان تائين ته ٻئي طرف گجرات کان دهلي جي حدن تائين ساڍا ٻارنهن لک چورس ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ ايراضيءَ ۾ سنڌي تهذيب جا آثار ۽ اهڃاڻ ملن ٿا، سنڌ سان لاڳاپيل “ مهر ڳڙهه” ۾ سنڌي تهذيب جا اثر 6،700 قبل مسيح کان باقائدي طئي ڪيا ويا آهن، اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته سنڌي تهذيب جا بنياد 6700 قبل مسيح کان تمام گهڻو اڳ وڌا ويا هوندا، مارچ 2014ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي طرفان ٽن ڏينهن وارو ٻيون عالمي سيمينار “ سنڌ صدين کان ” جي عنوان  سان ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ مختلف ملڪن کان آيل ۽ مقامي عالمن، دانشورن، محققن، تاريخدانن، اديبن سنڌو تهذيب تي جديد تحقيقي مقالا پيش ڪيا ۽ روشني وڌي، هن سيمينار ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب عراق ۽ مصر کان به وڌيڪ پراڻي آهي، موهن جي دڙي جي 10 سيڪڙو به کوٽائي نه ٿي آهي، قبل مسيح ۾ سنڌ تهذيب جي هنج سان گڏ ڪيترن ئي ثقافتي ۽ نسلي گروهن جي ميلاپ جو ماڳ رهي آهي، 15 لک سالن جي شاندار انساني تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿي، آمريڪي اسڪالر جو ناٿن مارڪنائر چيو ته “ سنڌوءَ جون ٽيڪنالاجيز، چن، مٽيءَ جون شيون، زيور، ڪپڙو، لکت، سنڌ جي سماجي، اقتصادي، نظرياتي ۽ سياسي تنظيم ڪاري، سنڌوءَ جي شروعاتي شهرن، هڙاپا دور جي سنڌو روايت جو عڪس پيش ڪن ٿيون، جو ناٿن موجب موجوده پاڪستان ( اڳوڻي سنڌ ) جي شهرن لاکين جي دڙي، موهن جي دڙي ۽ هڙاپا، ڀارت جي ڍولاويرا ۽ گجرات جي ٻين شهر مان مليل مهرن ۽ ٻين نادر شين جي مطالعي مان سنڌ (موجوده بلوچستان ۽  پنجاب ) ۽ گجرات جي وچ ۾ داخلي واپار جي پيچيده نظام جي باري ۾ نئين سوجهه (ساڃاهه) ملي آهي، هن انهن تهذيبن جي آس پاس ٿيل مک کوجنا جي وضاحت ڪندي سنڌو سڀيتا ۾ پيدا ٿيندڙ شين جي ڪاروبار ۽ سنڌوءَ جي واپارين جي امڪاني چرپر ۽ ڀرپاسي جي هنرمندن جي باري ۾ به ڄاڻ ڏني، ميجي يونيورسٽي جاپان جي ماهر آرڪيالاجسٽ ايٽوشي نوگوچي پنهنجي تحقيقي مقالي ”درياءِ رڻ جي وچ ۾ لاڳاپا“ ۾ انساني تاريخ ۽ سنڌ جي لکين سالن جي تاريخ تي روشني وڌي هن چيو ته “ سنڌ قبل مسيح ۾ تهذيب جو هنج هجڻ سان گڏ ڪيترن ئي ثقافتي ۽ نسلي گروپن جي ميلاپ جو ماڳ رهي آهي. سنڌوءَ جو جن علائقن سان واپار هلندڙ هو انهن ۾ عمان ۽ نار گريٽر، ميوپوٽيما (عراق ۽ ايران ) ۽ وچ ايشيا جي باري ۾ گهڻيون ٺوس شاهديون مليون آهن. نوگوچي چيو ته ٿر رڻ جي ويسر ماٿريءَ مان هڪ ٻيو پٿر جو اوزار مليو آهي، هن پراجيڪٽ تي جاپان ۽ پاڪستان جو گڏيل آرڪيالاجي مشن ڪم ڪري رهيو آهي. اهي ان پراجيڪٽ ذريعي تاريخ ٽڪاءُ ۽ هوموسيپائنز ذريعي آرچيڪ هومو جي تبديلي بابت اهم انڪشاف ٿيندا، برف جي دور کانپوءِ ٽن قسمن جا مختلف معاشي وجود سامهون اچن ٿا، ٿر، رڻ جي اولهندي حصي ۽ سيلائين دوابي واري ڍنڍ مان 15 هزار سال پراڻي ڪهاڙي ملي آهي، ٿر جي رڻ ۾ نئين مائڪرو بليڊ ٽيڪنالاجي ذريعي تحقيق جاري آهي. هندستان جي اديب ڊاڪٽر جينو لالواڻي “ سنڌو ماٿريءَ جا قديم آثار” تحقيق مقالي ۾ چيو ته ڍولاويرا ۽ 20 صدي جي ٽيئن ڏهاڪي ۾ موجن جي دڙي جي کوٽائي دوران سنڌو ماٿري جي قديم ۽ منظم تهذيب جي دريافت دانشورن ۽ محققن کي اتساهه ڏنو ته دنيا جي انساني تهذيب جي نئين تاريخ قلمبند ڪن، هن مهل تائين دريافت ٿيل ماڳن ۾ هڙاپا، مهين جو دڙو گانيريوالا، راکيڳڙهه، ڪاليبالگن، رپناگر، لوٿل ۽ ڍولا ويرا شامل آهن. هن چيو ته گجرات جا لوٿل ۽ ڍولاويرا دڙا به وڏي اهميت رکن ٿا، کوٽائي دوران اهو ڏٺو ويو ته شهر اٽڪل 48 هيڪٽرن جي مستطيل ماپ جي علائقي ۾ آباد ڪيا ويا هئا ۽ انهن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو هو اهي شهر فن تعمير جو بيمثال نمونو آهن شهر ۾ راج محل سميت رٿا بنديءَ سان گهر ٺاهيا ويا موهن جي دڙي وانگر انهن ۾ مٿانهان رستا، گهٽيون، شاندار گهر، پڪا کوهه، تلاءُ، هر گهر ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو سهولتون شامل آهن. مشهور جرمن آرڪيالاجسٽ مائيڪل جانسن موجب ته ميوپوٽيما ۽ مصر نه پر ان دور ۾ تهذيب جو مرڪز موهن جو دڙو هو 90 سيڪڙو موهن جو دڙو مٽيءَ ۾ پوريل آهي. سنڌ ۾ وچيئن دور جو واحد قديم آثار جهرڪ ۾ مليو هو جڏهن انسان شڪار ڪرڻ ۽ خوراڪ جمع ڪرڻ جا طريقا سکيا ۽ ايندڙ دورن ( نيو لٿڪ ۽ ڪيلڪو لٿڪ ) ۾ مستقبل لاءِ خوراڪ جي جنسن جي ضرورت پوري ڪرڻ جو هنر حاصل ڪيو ۽ خوراڪ جي پيداواري معيشيت تي عبوري حاصل ڪيو ان ئي دور ۾ اوزارن ٺاهڻ جي صنعت جو بنياد پيو اهڙا اوزار سيوهڻ، ڪوٽڙي، ننگرپارڪر تعلقي مان مليل قديم آثارن مان مليا آهن، 40 هزار کان 10 هزار سال اڳ آخري دور ۾ اهي اوزار وڌيڪ بهتر، محفوظ ۽ سٺي انداز ۾ ٺاهيا وڃڻ لڳا ۽ قديم دور جو سنڌ ۾ رهندڙ انسان شڪار ۽ پنهنجي رهائشن کي وڌيڪ بهتر ۽ محفوظ بڻائڻ لڳو، زراعت ڪرڻ ۽ مال متاع پالڻ شروع ڪيو، ماڻهن ڳوٺ ٻڌي رهڻ شروع ڪيو جيڪي اڳتي هلي منتظم، نفيس ۽ ڀرآسائش شهرن جي شڪل بڻيا، ڪپهه، ڪڻڪ ۽ ٻيا زرعي فصل باقائده هر  هلائي نارن ذريعي پاڻي ڏئي پوکيا ويندا هئا، ڪپڙي جي صنعت ( آڏاڻن ) جو بنياد پيو، کاڌي پيتي لاءِ ٿانوَ ٺاهيا ويا ۽ ڪنڀارڪي فن جي شروعات به هتان ٿي، سفر ڪرڻ لاءِ جانورن کانسواءِ ڏاند گاڏيءَ کي ٺاهيو ويو، ڏاند گاڏيءَ جي ڦيٿي کي چَڪَ جي شڪل ۾ ڪنڀارڪي ڪم ۾ استعمال ڪيو ويو، سنڌ ۾ ٿانوَن ۽ ڪنڀارڪي فن جي شروعات 3 هزار سال قبل مسيح کان به اڳ آمريءَ ۾ ٿي هئي، 1960ع فرانسيسي قديم آثارن جي ماهرن آمريءَ جو دڙو ڳولهي لڌو جتان پتل ۽ ٽرامي جي دور وارو سامان به مليو، هتان آمري تهذيب ثقافت ۽ آبادڪاريءَ جا گهٽ ۾ گهٽ 60 کن ماڳ مليا هئا جيڪي جابلو سلسلي گجو ڳوٺ تائين پکڙيل هئا. هندوستان جي قديم آثارن واري کاتي جي سروي سيڪشن جي ملازم آر ڊي بئنر جي ( R.D Baner)  1922ع ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جو ڪم ٻڌ بابت آثار ڳولهڻ لاءِ شروع ڪيو ته کيس وڏي مقدار ۾ مهرون مليون جن تي سنڌو لکت اُڪريل هئي، اهڙيون مهرون هڙاپا مان به مليون هيون، ان کانپوءِ 1927ع ڌاري مصري آثارن ۽ تهذيب بابت سٺي ڄاڻ رکندڙ، آثار قديم جي مشهور ماهر مسٽر مئڪي کوٽائي شروع ڪئي ته هڪ شاندار ۽ وسيع تهذيب نظر آئي،لکين ايڪڙ ايراضي ۽ اندازن 1000 وڏن شهرن تي ٻڌل هن تهذيب ۾ شهري رٿابندي، پاڻيءَ جي رسد ۽ نيڪال جو  سرشتو، صنعتي علائقا، رهائشي علائقا، هوادار گهر، وڏو تلاءُ  ( سوئمنگ پول ) ڪپڙو، اناج، واپاري سرشتو، مهرون ڪتبا، لکت جون نشانيون مليون، دڙي جي کوٽائيءَ جي نگران ۽ انڊيا آرڪيالاجي کاتي جي ڊائريڪٽر سرجان مارشل جون وايون بتال ٿي ويون دنيا  جي سڀ کان قديم ۽ سڌريل تهذيب ڏسي دنيا به حيران ٿي وئي جنت جي نشانين سان مشاهبت رکندڙ سنڌو ماٿريءَ جي رهواسين جي بڻ بڻياد، عقيدن، سماجي جوڙ جڪ بابت ڪيترائي نظريا سامهون آيا، موهن جي دڙي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين دڙن ۾ هاري ۽ پورهيت به صاف سٿرن ۽ عاليشان گهرن ۾ رهندا هئا، مڪمل رٿابنديءَ سان اڏيل انهن گهرن ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو مڪمل بندوبست ٿيل هو ۽ مٺي پاڻيءَ جا کوهه به بنا ڪنهن طبقاتي فرق جي سڀني جي لاءِ هئا. اڄ صرف 10 هزار سال پهرين سنڌي قوم اڄ جي سائنسي دور کان تمام گهڻو ذهين هئي ۽ اِها قوم جا ميٽري جي به باني قوم آهي، هن تهذيب انگن جو سرشتو جوڙيو، تور، ماپ لاءِ وٽ ۽ تارازي ٺاهيا، هن وقت دنيا ۾ رائج جا ميٽري جا اصول ۽ قائدا عمر خيام جا جوڙيل ٻڌايا پيا وڃن جيڪي 1040ع ۾ جوڙيا ويا هئا، جڏهن ته موهن جي دڙي، هڙاپا ۽ ٻين سنڌو تهذيب جي ماڳن تا مليل مُهرون جا ميئريءَ جي اصول مطابق تيار ڪيو ويون هيون، دنيا ۾ سڀ کان پهرين پڪي سر به سنڌين ايجاد ڪئي ۽ اُها به جاميٽري جي اصولن تي ٺهيل آهي، زراعت جي باني هن قوم آبپاشيءَ جو نهري نظام جوڙيو، کوهن کي پڪين سرن  سان ٻڌو ويو پاڻي پهچائڻ لاءِ پڪين سرن جُون ناليون ٺاهيون، نارن وسيلي هر وقت پاڻي حاصل ڪيو ويندو هو، ڍڳن ڍورن کي زراعت ۾ استعمال ڪيو ويو ڦيٿو ۽ پوءِ ڏاند گاڏي به ٺاهي ۽ بحري سفر لاءِ هن تهذيب وارن ٻيڙي ايجاد ڪئي، جسماني توڙي ذهني واڌ ويجهو ۽ پختگيءَ لاءِ راندين جو بنياد وڌو نوَ ٽڻ، ڪوڏيون، شطرنج وغيره رانديون ايجاد ڪيون، پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ، خوشيون ملهائڻ، نچڻ ۽ ڳائڻ جو بنياد به هن تهذيب وڌو،هنن جو مذهب صرف هڪ الله وحد هو لاشريڪ لهه جي عبادت ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ هو، سڀ انسان برابر آهن ڪو به اَمير غريب ننڍو، وڏو، اعليٰ، اُتم، نيچ، حقير، فقير نه آهي، واپار جو بنياد به هنن وڌو خُشڪي رستي ۽ پاڻيءَ رستي پنهنجي ملڪ جون جنسون ٻين ملڪن ۾ وڪڻندا هئا، مصر، ايران، عراق جي تهذيبن جو بنياد به هنن ئي وڌو، ڪپڙو به هنن جي ايجاد آهي مصر جا فرعون، بابلي ۽ يوناني سنڌ جو ڪپڙو پائيندا هئا. سنڌو تهذيب اندر عورت جو اعليٰ مقام ۽ وڏي عزت هئي. قتل ۽ ويڙهه ڏوهه هئا. سنڌو تهذيب جي اهم اهڃاڻن موهن جو دڙو ۽ ان جي ماتحت دڙن هڙاپا، لوٿل جو دڙو، ڊولا ويرا، رنگ پور، مالوان جو دڙو، سرڪوٽاڊاسائيٽ، چانهيون جو دڙو، مهر ڳڙهه، لاکين جو دڙو ۽ ٻيا دڙا جن جي اڃان مڪمل کوٽائي نه ٿي آهي. ساڍا ٻارهن لک چورس ملين ۾پکڙيل سنڌو تهذيب جي موهن جي دڙي ۽ اُن جي شهرن جيڪي دڙن جي شڪل ۾ موجود آهن ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب جا ماڻهو تمام گهڻا ذهين ۽ سائنسدان هئا، شايد انسان ۽ ٻيا سڀ ساهوارا جن جو سڀ کان پهريون جنم هن ڌرتي سنڌ تي ٿيو هو هتي پرورش حاصل ڪري مختلف ٿڌن ۽ گرم دورن، ٻوڏن ۽ برساتن، زلزلن ۽ ٻين آفتن سان مهاڏو اٽڪائيندي زندگيءَ کي محفوظ، آسان ۽ پر آسائش بنائڻ لاءِ ايجادن جو سلسلو شروع ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيائون ۽ سکي ستابي زندگي گذارڻ جو فن ايجاد ڪيائون ۽ دنيا جي ٻين انسانن کي به فيض ڏنائون، حضرت آدم ۽ سندس اولاد جو پهريون وطن سنڌ دنيا ۾ سڀني لاءِ هڪ نمونو بڻجي ظاهر ٿي، سنڌين هٿيار پنهنجي حفاظت لاءِ ٺاهيا پر علم ۽ ڄاڻ کي طاقتور هٿيار بڻايو، منصوبه بنديءَ سان شهر اڏيا-ڊرينيج ۽ واثر سپلاءِ سسٽم ٺاهيو، وهنجڻ لاءِ تلاءُ ۽ غسلخانه، باٿ روم ٺاهيا، ڪپهه، ڪڻڪ، تر، جَوَ ۽ ٻاجهري دنيا ۾سڀ کان پهريان پوکي اٽي ڳوهڻ لاءِ جنڊ ٺاهيو، ڪپڙي ۽ ڌاڳي ٺاهڻ جون مشينون ٺاهيون، سون، چاندي، پتل، جست ۽ پٿر مان زيور ٺاهيا، وڏا ٻيڙا ۽ بحري جهاز ٺاهيا ۽ ٻيون به انيڪ ايجادون ڪيون مطلب ته ترقيءَ جي عروج  تي هئا، زلزلن، ٻوڏن ۽ ٻين قدرتي آفتن کان بچاءُ ڪرڻ به ڄاڻيندا هئا ، پر هاڻي سوال اهو آهي ته هن وشال تهذيب جو مرڪز موهن جو دڙو ۽ ان جا ٻيا شهر تباهه ڪيئنَ ٿيا، ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ جانور ڪيڏانهن غائب ٿي ويا..؟ موهن جي دڙي  جي تباهي بابت مختلف خيالي ۽ تصوراتي بنيادن تي مختلف رايا قائم ڪيا ويا آهن ڪجهه عالمن ۽ دانشورن موجب سنڌو ڌرياءُ جي رخ مٽائڻ ۽ پوڏ جي نتيجي ۾ شهر تباهه ٿيو، ڪجهه عالمن موجب ٻاهران کان آيل حمله آورن جن کي آريو چيو ويو آهي انهن حملو ڪري شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو، آريا ڪير هئا ۽ ڪٿان آيا اهو ڪير به نه ٿو ٻڌائي، جڏهن ته تاريخي تحقيق موجب آريو ٻاهران آيل ناهي آريو سنڌي قوم جو ئي لقب آهي. اسان جي ڪجهه محققن هوا ۾ تير هلائيندي آرئي کي ٻاهران آيل حمله آور وغيره ڪري پيش ڪيو آهي پر انهن اڄ تائين آرين جو ڪو حسب نسب، ملڪ يا علائقو ظاهر نه ڪيو آهي، موهن جي دڙي جي تباهي جا پيش ڪيل سبب ڪا به حقيقت نه ٿا رکن، جيڪڏهن درياءُ جي ٻوڏ سبب موهن جو دڙو تباهه ٿئي ها ته پوءِ ڪا به ڀت يا گهٽي سلامت نه هجي ها، سڀ ڪجهه لڙهي وڃي ها، جيڪڏهن ٻاهران آيل حمله آور شهر کي تباهه ڪن ها ته صرف هڪ موهن جو دڙو تباهه ٿئي ها پر موهن جي دڙي سان لاڳاپيل هڪ هزار کان وڌيڪ شهر مٽيءَ ۾ دٻجي ڪيئنءَ تباهه ٿيا…؟ اسان جا محقق ۽ دانشور ان سلسلي ۾ ڪو به ڪم نه ڪري سگهيا آهن، صرف سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪري عوام جو پئسو ضايع ڪرڻ ۾ رڌل آهن پر اصل ڪم ڪرڻ بجاءِ صرف ٿيل ڪم جو بار، بار لفظي جادو گريءَ سان ورجاءُ ڪرڻ ۾ مصروف آهن، موهن جي دڙي ۽ ان سان واڳيل هڪ هزار کان وڌيڪ شهرن جي تباهي اڄ کان ساڍا يارهن هزار سال پهريان آيل مٽيءَ جي طوفان جي نتيجي ۾ ٿي آهي ان طوفان جا نشان ٻولهاڙي، آمري، ڪاڇي کان گجرات ۽ هڙاپا تائين اڄ به موجود آهن،صرف ٻولهاڙي واري ايريا ۾ 15 کن ميٽر کوٽائي ڪرڻ سان به ڪافي مستند ڄاڻ ملي سگهي ٿي، موهن جي دڙي جي مٽيءَ جي طوفان سبب تباهي ٿي، موهن جي دڙي جا رهواسي ان طوفان جي اچڻ کان آگاهه هئا، موهن جي دڙي جا ذهين ماڻهو فلڪيات ۽ موسم جا به ماهر هئا. طوفان اچڻ کان پهريان پنهنجو مال متاع، جانور، ٻار، عورتون وغيره ٻيڙن ۾ چاڙهي نڪري ويا ۽ وڃي مصر ۽ عراق جي تهذيبن جو بنياد وڌائون، اهو ئي سبب آهي ته دڙي جي کوٽائي دوران ڪنهن ٻار، عورت يا جانور جو ڪو به ڍانچو نه مليو آهي، اهو ئي سبب آهي ته مصر ۽ عراق جي تهذيبن جي شهرن جي کوٽائي دوران سنڌو تهذيب جون مهرون ۽ پليٽون  مليون آهن، طوفان سبب شهر مٽيءَ ۾ دٻجي ويا مٽيءَ جي وزن سبب گهرن جون ڇتون ڪري پيون باقي ڀتيون سلامت بيٺيون رهيون، موهن جي دڙي جي تباهي جو سبب بڻجندڙ طوفان تقريبن ساڍا يارهن هزار سال قبل مسيح ۾ آيو جنهن جو ذڪر قرآن شريف جي سورت هود ۽ سورت نوح ۾ آيو آهي، ان کان سواءِ ٻين الهامي ڪتابن ۾ به ذڪر آيل آهي، موهن جي دڙي جي تباهيءَ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، موهن جي دڙي کي ڍڪي ڇڏڻ ۽ دفن ڪري ڇڏڻ جو مطلب دنيا جي اوائلي قوم ۽ تهذيب کي جيئري پوري ڇڏڻ آهي، موهن جي دڙي کي ڍڪڻ بجاءِ ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، ان سان ڌرتيءَ تي انسان جي ابتدائي رهائش ۽ تهذيب جي بنيادن پوڻ بابت وڌيڪ نوان راز کلندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے