21 بدھ , نومبر 2018

مانائتي عبدالقادر منگيءَ جي ڪٿا جوئي آهيان سوئي آهيان:ابورافع

سچ پچ آتم ڪٿا ان کي قبولڻ کپي جنهن ۾ آتم به موجود هجي ۽ ڪٿا به !

ٻيءَ طرح آٿم ڪٿائن تي ٻڌل ۽ نهايت سهڻي نموني ڇپيل ڪيترائي ڪتاب دنيا جي ادب ۾ ۽ ائين سنڌي ادب ۾ موجود آهن، جن ۾ آتم آهي ته ڪٿا گهٽ آهي ۽ ڪن ۾ جيڪڏهن سگاري ڪٿا آهي ته انهن مان آتم گم آهي،

ظاهر آهي ته تخليقڪارن آتم ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي ۽ زندگي جي ٻين شعبن مان لکندڙن ڪٿا ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي، ڇا ڪاڻ ته انهن وٽ ڪٿا سنسار ويڪرو آهي، ائين دنيا ۾ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ اڄ ڪلهه ٻيئي صورتون ظساهر ٿي رهيون آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي اڄ ڪلهه ڀلائي اها ٿي رهي آهي جو ان ۾ شاعريءَ، ڪهاڻيءَ ۽ گهٽ تعداد ۾ ناول کانسواءِ غير افسانوي ادب به سر جي رهيو آهي، خاص طور آتم ڪٿائون ڳڻن جي تعداد ۾ شايع ٿي رهيون آهيون ۽ تازوئي هڪ اهڙي آتم ڪٿا سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿي آهي، جنهن ۾ سچ پچ ”آتم“ به موجود آهي ته ”ڪٿا“ به موجود آهي هن ڪتاب جو نالو آهي، جوئي آهيان، سوئي آهيا،

هيءَ آتم ڪٿا آهي، اسانجي هڪ سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان پيار ڪندڙ ۽ پڪ سان هيءُ ڪتاب لکي هڪ اديب وارو اعليٰ درجو ماڻيندڙ ليکڪ سائين عبدالقادر سولنگيءَ جي، کيس اڳوڻو ڪامورو لکندي، ٺيڪ نٿو لڳي، ڇا ڪاڻ ته اڄ جو ڪامورو مهڻي جي معنيٰ ۾ سڃاپجڻ لڳو آهي، يقين ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جو اهو الميو، ڳڻائڻ جهڙو آهي.

جيتوڻيڪ منگي صاحب جي سڃاڻپ سنڌ جي انهن ڪامورن ۾ ڳڻڻ جهڙي آهي، جيڪي سنڌ دوستي، علم دوستي ۽ اديب دوستي جي حوالي ۾ ياد ڪيا ويندا آهن، ڪيئن به اهو مٿيون سڀ، هن جي آٿم ڪٿا جو حصو آهي ۽ اهو الڳ نمونن سان هِن اهم ڪتاب ۾ تفصيل سان ۽ وڻندڙ انداز ۾ لکت جي صورت وٺي آيو آهي، ان ڪري اعتماد ڪرڻ گهرجي ته اهو سڀ جيڪو ليکڪ ۾ موجود هوندو آهي، اهو سندس لکت ٻڌائيندي آهي ۽ منگي صاحب جي هيءَ آتم ڪٿا اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي رهي آهي ۽ وڻندڙ انداز ۾ ٻڌائي رهي آهي.

تڪڙ ۾ ايترو چوڻ ته بلڪل اعتماد وارو به آهي ته قدرت الله شهاب کان وٺي منگي صاحب تائين لکيل اڳوڻن ڪامورن جو آتم ڪٿائون هڪ جهڙيون نه آهن، غير انسانوي ادب ۾ اردو ٻوليءَ ۾ شايد ڪنهن آتم ڪٿائي ڪتاب جا ايترا ڇاپا آيا هجن، جيترا ”شهاب نامي“ جا، مان واشواس رکان ٿو ته منگي صاحب جي آتم ڪٿا اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ اهڙو مرتبو ماڻيندي. نامياري اديب لڇمڻ ڪومل جي آٿم ڪٿا، وهي کاتي جا پنا ”۽ مها ڪوي شيخ اياز جي آتم ڪٿا، ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ آلڳ خاني ۾ رکيل آهن ۽ ٻئي خاني ۾ اهي آتم ڪٿائون آهن، جن جو مٿي ذڪر ٿيل آهن.

”جوئي آهيان سوئي آهيان“ نالو ان اظهار جو حوالو آهي، جيڪو اظهار شاعر ڪندا آهن. تخليقڪار ڪندا آهن. عاشق ڪندا آهن. ڪامورا نه ڪندا آهن. شايد منگي صاحب جي روحاني / دلي شخصي اڏاوت ۾ ٿوري مٽي: شاعر جي آهي، ٿوري مٽي، عاشق جي آهي، ٿوري وطن پرست ليکڪ جي آهي، ۽ باقي هڪ محبوب شخص جي آهي. هڪ اهڙو شخص جنهن کي هن سنسار ۾ اهي سڀ ڪم ڪرڻا هوندا آهن. جيڪي سندس حصي ۾ آيل آهن ۽ شخص ممڪن حد تائين ان کي الڳ الڳ بهانن سان لنوايو آهي

۽ ڪڏهن نه چاهيندي به اهو سڀ ڪجهه ڪري ويندو آهي، جيڪو هن جي سنسار جي گهرج ته هوندو آهي پر هن جي ” آتم “ جي گهرج نه هوندو آهي، پوءِ به اهو سڀ هُو پاڻ سان سانڍي رکندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان به سچ نه سليندو آهي ۽ جڏهن هو اهو سچ سليندو آهي ته ان ۾ هو نج هوندو آهي، ڪنهن به مرتبي، مصنوعت ۽ مربادا کان مٿاهون، هڪ اعليٰ انسان !

۽ شايد دنيا جا ڪيترائي اعليٰ انسان پنهنجون آتم ڪٿائون ان ڪري به نه لکي سگهيا هوندا ڇو ته هو ان ۾ (پاڻ ۾ ) نج / سچ ڪيترو آهن ۽ ڪيترو لکي سگهن ٿا.

اهو به سچ آهي ته ڪو به شخص جڏهن آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪندو آهي ۽ اهو پنهنجو ممڪن سچ ان ۾ اظهارڻ چاهيندو آهي ته ان کي گذاريل زندگي جي خوشين ۽ ڏکن واري سفر مان نئين سر گذرڻو پوندو آهي هو نئين سر ماڻيندو به آهي ته ڀوڳيندو به آهي ۽ منگي صاحب جي هيءَ روح سان لکيل آتم ڪٿا، اهڙي ئي سفر جي ڪٿا آهي، جيڪا پنهنجي مُنهن کلڻ لاءِ اتساهي به ٿي ته پاڻمرادو اکيون آليون به ٿي وڃن ٿيون. سبب ڪيترائي آهن. جيڪي هر پڙهندڙ الڳ الڳ نموني محسوس ڪندو آهي.

هن آتم ڪٿا ۾ جتي هڪ پياري شخص جي آخري کڻن وقت ڊاڪٽر کي چيل هڪ ننڍڙو جملو” پر هينئر ته ڳالهائي رهي هئي“ اکيون آليون ڪري وڃي ٿو، اتي ايتروئي ننڍڙو جملو نائيٽ ڪلب جي ان آفريڪن بابت آهي ته ” اهو ٻانهو کنجي غصي مان ڏسڻ لڳو ۽ مون لِڪڻ جي واٽ ورتي“ کلائي ٿو.

سڀ ڪجهه چوڻ / لکڻ ان دائري ۾ آهي، جنهن دائري ۾ شخص جو ٻاهر جو سنسار به آهي، ساڳئي وقت شخص جي اندر جو سنسار به ! جيڪو جيئن جو تيئن منگي صاحب جي آتم ڪٿا ۾ موجود آهي. پنهنجي سدا بهار ٻاهرين شخصيت ۽ اکين آلين واري اندرين شخصيت سميت ! ساڳئي وقت ممڪن حد تائين نرم ٻوليءَ ۽ لهجي ۾ سچ چوڻ جو ڏانءُ رکندڙ جنهن کي ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ ۾ ” چهنڊڙي پائڻ“ چئبو آهي.

هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ مون محسوسيو ته تنقيد ڪرڻ ايتري ڏکي به نه آهي، جيتري ان کي سمجهيو ويو آهي. منگي صاحب جو تنقيدي / وضاحتي لهجو به ايترو نرم جو اها تنقيد وڻڻ لڳي. ۽ مونکي جتي جتي اها وڻڻ لڳي، اتي اتي مونکي اسانجو مشهور ڪامورو ڪي بي رند صاحب وڌيڪ وڻڻ لڳو.

جيتوڻيڪ ڪتاب ۾ غصو به اظهاريل آهي پر نهايت مُهذب ٻوليءَ ۾ خاص طور ” جڏهن ڪتاب ۾ غصو ظاهر ٿيندو محسوس ٿيو اُتي، منهنجي اڳيان “ سر خاب جاپر جرڪڻ لڳندا آهن. ساڳئي وقت ڪتاب جا ڪيترا حوالا هڪ رومانوي سنسارُ به جوڙي وٺندا آهن. ۽ حسرت ٿيندي آهي ڪا حسين خاتون اسان کي ايئن چوي ته ” منهنجي ذڪر کان سواءِ تنهنجي آتم ڪٿا اڻ پوري هوندي“

شايد ايتري همت به اڄ جي ڪاموري ۾ نه هجي ته هو سرڪار جي مالڪن کي پنهنجي پوسٽنگ جي باري ۾ پڇا ڪرڻ تي چوي ته ” مونکي سر ڪار موڪليو آهي“ ، ايئن ننڍن جملن تي ٻڌل هيءَ وڏي آتم ڪٿا پڪ سان سنڌ جي دائري ۾ هڪ آبرودار ڪتاب جي صورت ۾ پڙهي ويندي ۽ شايد اڳتي به پڙهي وڃي. ۽ اسان جهڙا پڙهندڙ پنهنجي ڊائرين تي ڪي حوالا نوٽ ڪري رکن ۽ ڪئي جملا پنهنجي حافظي ۾ محفوظ ڪري رکن.

ڪيئن به گهڻي وقت کانپوءِ هڪ گهڻ رنگي ۽ گهڻ پا سائين آتم ڪٿا سنڌي ادب کي ڏئي، منگي صاحب پنهنجي لاءِ وڌيڪ احترام ۽ آبرو سهيڙي ورتي آهي. هڪ ليکڪ واري آبرو پڪ سان اها ئي سندس ميراث آهي. جيڪا کپائي کٽڻي نه آهي.

گهڻائي، حوالا کڻي ايندڙ هيءَ آتم ڪٿا گهڻو ئي وقت ياد رکي ويندي ۽ وري وري پڙهي ويندي ان وسواس سان مان رسمي ڳالهه ڏانهن موٽان ٿو.

هن سواڇهن ستون جي ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي رنگين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون پڻ آهن جيڪي به هڪ الڳ ڪٿا آهن اسان جي آبرودار اداري سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇاپيل هن ڊيلڪس سائيز ڪتاب جو مُلهه اٺ سئو روپيا آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے