14 بدھ , نومبر 2018

ٻيرن ۾ لڪيل بي شمار قدرتي فائدا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٻير کائڻ ۾ جيترو مزيدار آهن ايترو ئي صحت لاءِ به فائدي مند آهي. ان جي  ذائقي جي سڀني کي خبر هوندي پر ڇا توهان ان ۾ موجود قدرتي ۽ حيرت انگيز فائدن کان واقف  آهيون؟ جڏهن تي هي هڪ ڀرپور غذائيت وارو ميوو آهي جيڪو پروٽين، وٽامن ، ڪيلشم،ڪاربوهائڊريٽ، سوڊيم ۽ مينگنيشيم سان ملامال آهي. ٻير ۾ آئرن ۽ فاسفورس به وڏي مقدار  ۾ ڏٺو ويندو آهي جيڪو جسم ۾ رت جي گردش کي وڌائيندو آهي ۽ آئرن جي گهٽتائي کي ختم ڪندو آهي. اڄ ڪهل هر ماڻهو ۽ عورت کي هڏين جي سور جي شڪايت آهي. ان ۾ ٻير کائڻ هڏين لاءِ فائدي مند آهي ڇو ته ان ۾ موجود ڪيلشيئم، آئرن ۽ فاسفورس هڏين کي مضبوط ڪندو آهي. ٻير هڪ گهٽ ڪيلوريز وارو آهي پر فائبر سان ڀرپور ميوو آهي جنهن سان وزن ۾ اضافو به ناهي ٿيندو ۽ وزن گهٽ ڪرڻ ۾ بي حد فائدي مند آهي. ٻير ۾ وٽامن اي، وٽامن سي ۽ مختلف نامياتي مرڪب به ڏٺا ويندا آهن جيڪي جسم کي طاقت وڌائڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. ان کي کائڻ کان سواءِ جيڪڏهن ان جوس به ٺاهيون وڃي ته اهو به فائدي مند آهي. ٻير جو جوس پيئڻ سان منهن جي چمڙي کي نرم ۽ ٿيندي آهي جيڪڏن چمڙي ڪو ايگزيما يا الرجي ٿي وڃي ته ان کي ختم ڪرڻ ۾ به مدد ڪار آهي. ٻير کائڻ سان قبضي، سيني جو سڙڻ، معدي جي تيزابيت ۽ هاضمي جو نظام جي شڪايت ختم ٿي ويندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Your Sleep Schedule Might Be Messing With Your Hydration Levels

رات جو ننڊ نه ڪندڙ ڪهڙين بيمارين جو شڪار ٿين ٿا؟ : تحقيق

نيويارڪ/بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به شخص لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے