18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: سيوهڻ سانحي جي شهيدن جي پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي

درگاهه حضرت لعل شهباز قلندر تي ٿيل آپگهاتي حملي کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، ڌماڪي ۾ زائرين سميت 88 ماڻهو شهيد ۽ 341 زخمي ٿيا هئا.

 شهيد ٿيلن جي پهرين ورسي اڄ سيوهڻ ۾ ملهائي پئي وڃي. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه درگاهه حضرت قلندر لعل شهباز تي حاضري ڀري حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺندو.

سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن پاران ڌمال ڪورٽ واري جاءِ تي قرآن خواني، نعت خواني جا پروگرام رٿيل آهن، جڏهن ته اوقاف کاتي طرفان قرآن خواني ڪرائي ويندي. مجلس وحدت المسلمين طرفان قديم علم پاڪ جي آڳنڌ تي پروگرام رٿيو ويو آهي.

ان کان علاوه شاهي بازار شاپ ڪيپرس ايسوسيئيشن پاران پڻ قرآن خواني ڪرائي ويندي.

 ان موقعي تي انتظاميا طرفان حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. شهر جي رستن تي پوليس کي الرٽ ڪيو ويو آهي. درگاهه جي چئني پاسن کان حددخليون هٽائي رستا صاف ڪيا ويا آهن.

هوڏانهن سيوهڻ سانحي بعد گذريل هڪ سال دوران درگاهه جي سيڪيورٽي سخت ڪري 3 انسپيڪٽر، 2 اي ايس آءِ، 100 پوليس اهلڪار ۽ 20 ليڊيز پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪري 11 واڪ ٿرو گيٽ، 120 ڳجهيون ڪئميرائون لڳائي ٻه ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا. ڌماڪي وقت بند پيل ٽراما سينٽر کي کولي ماهر ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته او پي ڊي ۾ خالي پيل 94 ڊاڪٽرن ۽ عملي سوين جاين کي ڀريو ويو. اسپتال کي 12 نيون ايمبولينسون پڻ فراهم ڪري اسپتال جي بجيٽ ۾ ٽيڻو اضافو ڪيو ويو آهي………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے