19 پیر , نومبر 2018

نيوز: خانپورمهر: چورن هٿان زخمي نوجوان جي وارثن جو احتجاج

خانپورمهر ۾ چوري جي ڪوشش دوران  مزاحمت تي هٿياربندن هٿان زخمي نوجوان  جي وارثن پاران  جوابدار  جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو

ڳوٺ رامڻ خان لنڊ ۾ ٻه ڏينهن اڳ چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي هٿيارن بندن هٿان زخمي ڪيل ايس ٽي پي ڪارڪن  ۽ سندس وارثن  جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  احتجاجي مظاهرو ڪيو

 ان موقعي تي گھرڌڻي نوجوان  ربنواز لنڊ صحافين کي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن پهريان ٽي هٿياربند گهر اندر چوري جي ارادي سان داخل ٿيا ۽ سجاڳ ٿيا سين ته هٿياربندن اسان تي هٿيار تاڻي زبردستي چوپايو مال ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي.

 هن ٻڌايو ته مزاحمت ڪرڻ تي هٿيارن بندن هٿيارن جا بٽ هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا

هن چيو ته هنن چورن کي سڃاتو جيڪي گلزار لنڊ،غلام مصطفى ۽ شفيع لنڊ هئا پر   پوليس ڪو به جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي نه ئي انهن جي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ٿي

 هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين واس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري واقعي جا سمورا جوابدار گرفتار ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: چيلهار: گئوچر ۽ ترائي جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج

چيلھار ۾ ڳوٺاڻن پاران رڙلي ترائي، ٻيلي ۽ گئوچر جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے