16 جمعہ , نومبر 2018

شاندار تعليمي معيار جو شرط: بهترين استاد ۽ ايماندار آفيسر

سنڌ سرڪار صوبي ۾ انگريزي جي تعليم ۾ بهتري لاءِ انتهائي اهم ڪوششون ڪري رهي آهي. جنهن وسيلي سنڌ ۾ شاگردن جي تعليمي اهليت لاءِ بنيادي وکون کنيون وينديون. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، سنڌ ۾ هندن پاران جيڪي به آڱرين تي ڳڻن جيترا اسڪول ۽ ڪاليج کوليا ويا هئا انهن جي تعليمي معيار جي جائزي مان پروڙ پئجي سگهي ٿي ته ان دور ۾ هتان کان پرڏيهه ويندڙ شاگردن جي ڪنهن به حالت ۾، ڪنهن به حساب سان ۽ لاڳاپيل پڙهي ويل سبجيڪٽن ۾ ڪابه کوٽ نه هوندي هئي. جنهن ڪري ان دور جا سکيل سمورا شاگرد اڳتي هلي پنهنجي کيتر ۾ وڏا ماڻهو به بڻيا ۽ وڏا وڏا ڪم به ڪري ڏيکاريائون. ان پراڻي سلسلي ۾ 80 ورهين کان پوءِ ٻيهر سنڌ سرڪار جيئاري رهي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته  سنڌ ۾ پڙهائي جو ڪئمبرج سسٽم شروع ڪيو ويندو ۽ انگلش ميڊيم اسڪول خانگي مئنجمينٽ تحت هلايا  ويندا، سمورو خرچ سرڪار برداشت ڪندي. اسڪولي تعليم جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ ڏنل بريفنگ ۾ چيو ويو ته انگلش ميڊيم اسڪولن  جي 25 عمارتن مان 15 تيار آهن، جيڪي شهيد بينظيرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، نوشهروفيرو، سانگهڙ، خيرپور، ميرپورخاص، ٽنڊومحمد خان، گهوٽڪي، ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊوالهيار، مٽياري ۽ ڄامشورو  ۾ آهن اتي تعليمي عمل شروع ڪيو ويندو،جڏهن ته حيدرآباد، عمرڪوٽ، دادو، قمبر-شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، ٿرپارڪر ۽ ملير  ۾ تعمير ٿيندڙ اسڪول   19-2018ع ۾ مڪمل ٿيندا، جڏهن ته شڪارپور، ڪشمور ۽ ڪراچيءَ جي ٽن اسڪولن تي ايندڙ سال ڪم شروع ڪيو ويندو.   سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اقبال درانيءَ چيو ته 25 ڪمپري هينسو اسڪولن مان 6 يونٽس مارچ 2018ع تائين تيار ٿي ويندا، جڏهن ته 9 ڊسمبر 2018ع تائين تيار ٿي ويندا ۽ باقي رهيل 10 اسڪولن جي ٽينڊرنگ وارو عمل ايڊوانس مرحلي ۾ آهي. اسڪولي سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته پنجن اسڪولن جي ايس اين اِي منظور ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻين ڏهن اسڪولن جي  ايس اين اِي اڃا تائين ناڻي کاتي منظور ناهي ڪئي. وڏي وزير موقعي تي ناڻي کاتي کان فائيل گهرائي ۽ اجلاس دوران منظوري ڏني.

وڏي وزير سيڪريٽري تعليم کي هدايت ڪئي ته هُو انگلش ميڊيم اسڪولن لاءِ  ناميارن تعليمي ماهرن ۽ تعليمي ادارن  دلچسپي  بابت معلوم ڪري اهي انگلش ميڊيم اسڪول خانگي مئنجمينٽ تحت هلايا وڃن. انهن جي معيار سان سرڪاري اسڪولن تي پڻ صحتمند اثر پوندو. هن چيو ته سنڌ سرڪار سمورا خرچ برداشت ڪندي جنهن ۾ ٽيوشن في، ٽيسٽ بوڪ، مشقي مواد، رجسٽريشن في، امتحاني في ، تدريسي ۽ غيرتدريسي عملي جون پگهارون شامل آهن. سيڪريٽري اسڪولز اجلاس  کي ٻڌايو ته 6000 استادن جي ڀرتيءَ لاءِ قائدن جي تشڪيل ريگيوليشن ونگ تحت عمل هيٺ آهي. انتظامن جي منظوري بعد هر انگلش ميڊيم اسڪول ۾ 39 سکيا ڏيندڙن سان گڏ ڪل 69 اسٽاف رکيو ويندو. 15 اسڪولن لاءِ فرنيچر خريد ڪيو ويو آهي، هر اسڪول ۾ مڪمل سامان سان سائنس ليب، ڪمپيوٽر ليب، هڪ بهترين لائبريري ۽ اسٽينڊ باءِ جنريٽر جون سهولتون مهيا هونديون، اهي اسڪول انگلش ميڊيم هوندا ۽ ڪيمبرج سسٽم تحت هلايا ويندا.

ان موقعي تي وڏي وزير تعليم کاتي کي 6000 جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز (جي اِي ايس ٽي) ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ارلي چائلڊ هوڊ ايجوڪيشن سسٽم، انگلش ميڊيم ۽ ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول شروع ڪري سگهجن،  هن چيو ته اهم تعليمي ادارن جي معرفت انگلش استاد تيار ڪرائي اهي ٻهراڙين ۾ پڻ مقرر ڪرڻ جي ڪوشش وٺجي ، ڇوته، حڪومت لاءِ اهو نهايت ڏکيو آهي ته اهي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بهترين او-ليول استاد ڀرتي ڪري انڪري اهو هدف بهترين تعليمي ادارن کي ڏئي سگهجي ٿو. صوبائي تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کي اهو هدف ڏنو ٿو وڃي ته اهي اهم تعليمي ادارن سان گڏ انگلش ميڊيم اسڪولن جي مئنيجمنٽ کي هلائڻ لاءِ ڳالهايو وڃي ۽ پوءِ مقابلي ذريعي ان جي چونڊ ڪئي وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته شروعاتي ٻاراڻي تعليم لاءِ استاد  تخليقي عمل ذريعي ڀرتي ڪيا وڃن ۽ انهن نون استاد کي لازمي طور تي انگريزي، سائنس ۽ حساب سٺي طريقي سان اچڻ گهرجي، ان ڪري اهڙي حساب سان استادن جي چونڊ لاءِ سوالي پيپر تيار ڪيا وڃن. هن چيو ته استادن جي سکيا تمام اهم آهي ۽ مان چاهيان ٿو ته سرڪاري شعبي ۾ ڪم ڪندڙ استادن جي اهليت ۾ واڌاري لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي.

سنڌ سرڪار پاران تعليمي صلاحيتن جي واڌاري  توڙي سنڌ ۾ معياري تعليم واسطي جيڪي به قدم کڻي رهي آهي، ان جي ساراهه ڪري سگهجي ٿي. پر ان تعليمي ترقي ۾ ٻن بنيادي شرطن تي لازمي عمل ڪرايو وڃي. ٻي حالت ۾ اهي سموريون رٿائون ۽ سرڪار جا ڪم پنهنجا نتيجا ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندا. سنڌ جي تعليم سان جيڪي به گهٽ وڌايون ٿيون آهن هاڻي اهي بي احتياطيون بند ڪرائڻ گهرجن. انهن ٻن بنيادن ۾ هڪ آهي ته اسڪولن ۾ تعليم ڏيندڙ تربيت يافته استادن کي مقرر ڪيو وڃي ۽ ٻيون ته موجود بجيٽ جا سمورا مرحلا ايماندار آفيسرن ۽ سنڌ لاءِ درد رکندڙ نيڪ نيت ماڻهن جي حوالي ڪيا وڃن. انهن ٻن ڳالهين کانسواءِ جيڪا به ترقي هوندي، جيڪي به بلڊنگون هونديون اهي ڏيکاءَ کانسواءِ وڌيڪ نه هونديون.

ڇنڇر 17 فيبروري  2018ع، 30 جمادي الاول 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪامريڊ شهيد حسن ناصر جي ياد ۾ !

1980ع کان 1990ع وارو ڏهاڪو نه صرف سوويت روس پر سڄي دنيا لاءِ اهم آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے