13 جمعرات , دسمبر 2018

نيوز : گهوٽڪي: نوجوان انجنيئر امان الله کوسو 2 سالن کان جگر جي بيماري سبب بستري ڀيڙو

*گهوٽڪي ضلعي اندر علم جو ڏيئو روشن ڪندڙ نوجوان انجنيئر امان الله کوسو 2 سالن کان جگر جي بيماري سبب بستري ڀيڙو آهي.

نوجوان 2 سالن کان  جگر جي بيماري  ۾ وڪوڙيل آهي، هن مختلف شهرن ڪراچي ، سکر ۽ ٻين شهرن مان علاج ڪرايو پر کيس ڪو فائدو نه ٿيو .

ڊاڪٽرن نوجوان جو 80 فيصد جگر ختم ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي ۽ کيس 80 لک خرچ ٻڌايو آهي، جڏهن تھ  نوجوان  غربت سبب  علاج ڪرائڻ کان قاصر بڻيل  آهي.

ان موقعي ته نوجوان امان الله کوسو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو تھ جگر جي بيماري آخري حد تي پهچي وئي آهي ،  جگر 80 فيصد ختم ٿي ويو آهي،  ڊاڪٽر 80 لک خرچ ٻڌائن پيا، جڏهن تھ مون مسڪين وٽ 80 رپيا ناهن ته علاج ڪٿان ڪرايان.

امان الله کوسي چيف جسٽس آف پاڪستان ، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ  خدارا مون مسڪين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي زندگي بچائي وڃي…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے