13 جمعرات , دسمبر 2018

رائو انوار بابت منهنجي واتان غلط لفظ نڪتا، ڪنهن کي تڪليف ٿي ته افسوس آهي: آصف علي زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ مفرور ايس ايس پي ملير رائو انوار بابت پنهنجي بيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.  آصف زرداري چيو ته رائو انوار بابت منهنجي واتان غلط لفظ نڪتا، رائو انوار بابت منهنجن لفظن سان ڪنهن کي تڪليف ٿي ته مون کي افسوس آهي.  عدالت کان مٿانهين قتل جي ڪا به معافي ناهي جڏهن ته ماڻهن کي جبري گم ڪرڻ ۽ ڪوڙن مقابلن ۾ ماڻهو مارڻ نفرت جوڳو عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهرين کي زبردستي غائب ڪرڻ ۽ عدالت مٿانهون قتل ٻئي هڪ جهڙا ڏوهه آهن، سوچي به نٿو سگهان ته پيپلز پارٽي اهڙن قدمن کي سپورٽ ڪندي. هن چيو ته رائو انوار ڏوهاري آهي ته قانون جي گرفت ۾ ايندو، عدالت کان مٿانهين قتل جي حمايت نٿا ڪيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي ن ليگ سان مفاهمت نه ڪندي، نواز شريف جي ڪري اسان پاڻ کي پريشاني ۾ مبتلا نٿا ڪري سگهون. سندس چوڻ هو ته بلاول ۽ آصفه ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندا، جڏهن ته آصفه لياري مان چونڊ وڙهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے