15 ہفتہ , دسمبر 2018

نواز شريف کي وزير اعظم بڻجڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته هو گهر جي ڀت تي وزير اعظم لکي: فواد چوڌري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف کي وزير اعظم بڻجڻ جو جيڪڏهن ايترو ئي شوق آهي ته هو گهر جي ڀت تي وزير اعظم لکي پنهنجي ٻارن کي چئي کيس وزير اعظم سڏن. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو نواز شريف جي لوڌران واري جلسي کي خطاب تي رد عمل جو اظهار ڪندي چوڻ هو ته شاهد خاقان عباسي رڳو ڪاغذي وزير اعظم  کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي، سندس پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد اصل  وزير اعظم لڳندو آهي. هن چيو ته هاڻ نواز شريف آئيني ۽ قانوني طور تي وزير اعظم ناهي ڇو ته سپريم ڪورٽ هن  کي تاحيات نااهل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن هن کي وزير اعظم بڻجڻ جو شوق آهي ته پنهنجي گهر جي ڀت تي وزير اعظم لکي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي پي 168: ن ليگي رانا خالد مقبول جي درخواست تي ننڍي چونڊ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي تڪ پي پي 168 (لاهور 25) جي ريٽرننگ آفيسر مسلم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے