16 اتوار , دسمبر 2018

افغانستان ۾ دهشتگردن جا ٿاڪ موجود آهن، قوم جي گڏيل ڪوششن سان دهشتگردي جو خاتمو آندو: آرمي چيف

ميونخ (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته انتهاپسندي کي جهاد نه چوڻ گهرجي، جهاد جو حڪم ڏيڻ جو اختيار رڳو رياست کي آهي، سڀني فرقن جي عالمن مذهب جي نالي تي ٿيندڙ دهشتگردي خلاف فتويٰ ڏني آهي، پاڻ تي قابو رکڻ بهترين جهاد آهي. جرمني جي شهر ميونخ ۾ سيڪيورٽي معاملن بابت عالمي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ ڳري قيمت ادا ڪئي، اسان القاعدا، جماعت الاحرار ۽ طالبان کي شڪست ڏني، فخر سان چئي سگهون ٿا ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ٿاڪ ناهن. هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جون محفوظ پناهه گاهون موجود آهن، افغان سرزمين تان پاڪستان تي حملا ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۽ افغانستان جي سرزمين هڪٻئي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسان 2017ع ۾ آپريشن ردالفساد شروع ڪيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري رهيا آهيون، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رڳو ملٽري آپريشن نه ڪري رهيا آهيون، دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. آرمي چيف چيو ته سڄي قوم جي گڏيل ڪوششن سان دهشتگردن جو خاتمو آندو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

5 سالن ۾ گهڻيون نوڪريون ڏئي وينداسين: رزاق دائود

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار رزاق دائود چيو آهي ته 5 سالن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے