13 جمعرات , دسمبر 2018

عام چونڊون ۽ ملڪ تي ايندڙ امتحان

علي محمد ميمڻ

ملڪ جي پارليامينٽ ،قومي اسمبلي  ۽ صوبن جون اسيمبليون پنهنجي پنجن سالن واري ٽئين آئيني مدت پوري ڪري ڪجهه مهينن ۾ تحليل ٿيڻ وڃي رهيون آهن. سينيٽ آف پاڪستان جي  اڌ  ايوان جي چونڊن بعد،ملڪ جي قومي اسمبلي پڻ 31 مئي 2018ع تي 5سالن واري مدت لڳاتار ٽيون ڀيرو مڪمل ڪري تحليل ٿي ويندي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان چونڊن واري قانون 2017ع تحت ملڪ ۾ 2018ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي تاريخن جي ڪيل اعلان موجب  قومي اسيمبلي 31مئي تي پنهنجو مدو پورو ڪري تحليل ٿي ويندي. جڏهن ته صوبن مان  سنڌ، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان  واريون صوبائي اسمبليون ان کان چار  ڏينهن اڳ 28 مئي  تي پنهنجو مدو پوروڪنديون ۽ پنجاب اسيمبلي 31 مئي2018ع تي پڄاڻيء َ تي پهچندي.

ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ ٿيندڙ تيارين بابت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ڪيل رٿابندي واري خبر موجب ،   2018ع جي عام چونڊن لاءِ 20 ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويندا، جن تي 2 ارب رپيه لڳ ڀڳ خرچ ايندو. اليڪشن ڪميشن طرفان هن ڀيري، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو واٽر مارڪ وارا بيلٽ پيپر ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم خانگي پرنٽنگ پريس کان نه ڪرائڻ ۽ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم سمورن سرڪاري ڇاپي خانن ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي .

بيشڪ! عام چونڊن جو عمل پنهنجا مختلف انتظامي مرحلا ته پورا ڪري رهيو آهي پر ان ڏس ۾ اهو پڻ ضروري آهي ته  پارليامينٽ جي مدت پوري ٿيڻ کان اڳ ملڪ ۾ ٿيل تازي آدمشماري جي درست رپورٽ ۽  آبادي جا پڪا انگ اکر ريڪارڊ تي آڻڻ سان گڏوگڏ  2018ع وارين عام چونڊن لاء ووٽر لسٽن جي تياري پڻ اهم ۽ اصل معاملو آهي. جنهن جي آڌار تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ نئين پارليامينٽ ۽ وفاقي ۽ صوبائي اسمبلين کي وجود ۾ اچڻو آهي.

ملڪ جي شهرين جي درست ڳڻپ جي انگن اکرن ۽ نئين درست ووٽر لسٽن جي تياري ۽  اعلان  بعد صوبن ۾ نئين تڪبندين جو سلسلو مڪمل ٿيڻ پڻ لازمي آهي. ملڪ جي آئين ۽ قانون تحت ملڪ جي مالڪ شهرين يا عوام کي پڌرو ڪرڻ ۽ ريڪارڊ تي آڻڻ کانسواء عام چونڊن جو عمل شروع ٿي نٿو سگهي ۽ ملڪ جي ڪابه ڌر، شخص يا سياسي جماعت، امڪاني تڪراري چونڊ عمل کي ملڪ جي عدالتن ۾ پڻ چيلنج ڪري سگهي ٿي. ڪنهن پرڏيهي شهري يا ڌارين آبادين کي پاڪستان جي شهرين وارا حق ڪنهن به صورت ۾ نٿا ملي سگهن. ڇاڪاڻ جو ملڪ جي شهرين ۽ ووٽرن ذريعي ئي چونڊن تحت قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسمبلين جي ميمبرن جا اعلان ٿيڻا آهن ۽ ان بعد وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي قائم ٿيڻ جا فيصلا ٿيڻا آهن.

ملڪ ۾ ٿيل تازي آدمشماري 2017 جي غير سرڪاري  اطلاعن موجب پاڪستان جي آبادي 13 ڪروڙ 23 لک کان وڌي 21 ڪروڙ 31 لک کان وڌي ويئي آهي. نئين آدمشماري تحت،  1998ع کان 2017ع تائين آبادي ۾ٿيل واڌ جي انگن  اکرن موجب ملڪ جي آبادي ۾  60 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. جنهن تحت ملڪ ۾ 19 سالن جي وچ واري عرصي دوران 7 ڪروڙ 87 لک کان وڌيڪ شهري وڌيا آهن. پنجاب جي آبادي 7 ڪروڙ 36 لک مان وڌي 11 ڪروڙ 10 لک، سنڌ جي آبادي 3 ڪروڙ 4 لک کان وڌي 5 ڪروڙ 10 لک، خيبرپختونخوا جي آبادي هڪ ڪروڙ 77 لک مان وڌي 3 ڪروڙ 10 لک ، بلوچستان جي آبادي 65 لک مان وڌي هڪ ڪروڙ 15 لک ۽ فاٽا جي آبادي 31 لک مان وڌي 55 لک ٿي وئي آهي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي آبادي 8 لک هئي، جيڪا هن  ڇهين آدمشماري ۾ وڌي 21 لک ٿي وئي آهي.

ملڪ ۾ ٿيل آدمشماري 2017ع واري ڳڻپ  تي صوبن ۽ پارليامينٽ ۾ موجود جماعتن طرفان اعتراز اٿارڻ  ۽ انهن جي تڪراري نتيجن تي ٿيل فيصلي تحت ملڪ جي 5 سيڪڙو آدمشماري بلاڪن جي ٻيهر آڊٽ يا جاچ جو عمل هلندڙ آهي. جنهن جي مڪمل ٿيڻ تي  وفاقي حڪومت جي شماريات کاتي واري ڊويزن طرفان مڪمل رپورٽ تيار ڪري شايع ڪئي ويندي ۽ اها اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي پڻ پيش ڪئي ويندي، جنهن تي ملڪ ۾ ٿيندڙ نئين تڪبندين جي عمل کي درست ٿيڻو آهي.

اڄڪلهه اهي خبرون گرم آهن ته شايد سپريم ڪورٽ طرفان نااهل قرار ٿيڻ باوجود  ميان نواز شريف طرفان سينيٽ آف پاڪستان جي اميدوارن کي پنهنجي صحي سان جاري ڪيل ٽڪيٽ قبول نه ٿين ۽اهي رد ٿي وڃن ۽ مسلم ليگ نواز ملڪ ۾ هلندڙ سينيٽ چونڊ عمل کان ئي ٻاهر ٿي وڃي.ان کان علاوهه  عام چونڊن جي سمورن انتظامي مرحلن جي اڪري پار پوڻ  باوجود  اليڪشن ڪميشن ۽ قائم ٿيندڙ نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي جيڪي سڀ کان وڏا مسئلا ۽ امتحان سامهون اچڻا آهن. انهن ۾ ملڪ جي  سپريم ڪورٽ ، صوبن وارين عدالتن، نيب ۽ احتساب عدالتن جي فيصلن ۽ ڪارروائين تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي. جنهن ۾ملڪ تي حڪمران جماعت جي نااهل قرار ڏنل  اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ ان کان علاوهه ٻين اهم جوابدار ڌرين کي ملڪ جي آئين، قانون کي تسليم ڪرائڻ  گوڏا کوڙائڻ لازمي عمل آهي.

ملڪ جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ڳالهائيندي چيو هو ته هن کي يقين آهي ته سينيٽ چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ عام چونڊون به 15 جولاءِ جي لڳ ڀڳ ٿينديون، هن وقت مون کي ڪو به آئيني بحران نظر نه پيو اچي، مون سميت حڪومتي توڙي مخالف پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن ۽ ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا نه ٿئي. شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف عدالتي فيصلي کانپوءِ مون کي وزيراعظم لاءِ نامزد ڪيو، جيڪا مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، نواز شريف اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به معاملي ۾ مداخلت ناهي ڪئي، سندس مداخلت جي حوالي سان اهي ماڻهو خبرون ڏيندا آهن، جيڪي نواز شريف کي نٿا سڃاڻن.

تازي خبر موجب،    قومي احتساب بيورو ٻن ضمني ريفرنسز ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي سڌو جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. نيب طرفان 14 فيبروري تي احتساب عدالت ۾ العزيزيه ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ بابت داخل ريفرنسز جا نقل حاصل ڪيا ويا. ضمني ريفرنسز ۾ نيب طرفان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي سڌو جوابدار نامزد ڪيو ويو ۽ چيو ويو آهي ته نواز شريف سمورن اثاثن جو پاڻ مالڪ هو.  ضمني ريفرنسز موجب نواز شريف اثاثا پنهنجي ٻارڙن جي نالي ڪري رکيا هئا. ضمني ريفرنسز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف جي سرمائي بابت جاچ ڪئي وئي ۽ نيب لنڊن وڃي به نواز شريف جي اثاثن جي جاچ ڪئي. ضمني ريفرنسز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف پنهنجي اثاثن بابت بي گناهي ثابت نه ڪري سگهيو جڏهن ته کيس جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو ته هو حاضر نه ٿيو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے