16 اتوار , دسمبر 2018

حڪومت لاءِ ادارا خانگائڻ آخر ڇو ضروري آهن؟

مصطفيٰ  جمالي

پاڪستان مسلم ليگ ن جي وزير اعظم خاقان عباسي پاڪستان اسٽيل ملز کي خانگائڻ جو شايد پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي.ڇو ته لڳي ائين پيو ته شايد حڪومت کي نجڪاري ۾ ئي ڇوٽڪارو نظر اچي رهيو آهي. جنهن ڪري حڪومت گهڻي عرصي کان نجڪاري جي مهم هلائي رهي آهي. چيو وڃي پيو ته آءِ  ايم ايف جي اڳيان جهليل جهول ۽ ڪجهه پئسا وجهندي حڪومت کي اهو احساس ڏياريو وڃي ٿو ته نجڪاري ڪيو.!!جڏهن ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن کان باربار اهو چورايو پيو وڃي ته ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي.!پر وزيراعظم جو ته وس ئي نه پيو هلي جيڪڏهن سندس وس هلي ته پاڪستان جي هر اداري کي نجڪاري ۾ تبديل ڪري ڇڏي.پر هي معاملو صرف خاقان عباسي جو ناهي ان کان پهرين سندس اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف  ضياءِ الحق،جرنل. پرويزمشرف،۽ ٻين سياسي پارٽين پنهنجي پنهنجي ادران اندر نجڪاري جو عمل ڪري چڪا آهن. پر سوال اهو ئي آهي ته انهي نجڪاري مان ملڪ کي ڇا مليو.سواءِ ادارن جي تباهي جي.

زيل پاڪ سمينٽ فيڪٽري کان ويندي پي ٽي سي ايل جي وڪري  تائين. پاڪستان کي ڇا مليو. جڏهن ته اڄ تائين اها پوري رقم به نه ملي سگهي آهي جيڪا زيل پاڪ سمينٽ فيڪٽري ۽ پي ٽي سي ايل سان ملي ڪري نجڪاري جو سودو ڪيو ويو هو.!! افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته هي ڪهڙا انسان آهن جيڪي نجڪاري جو ڌندو کولي ويٺا آهن.پي ٽي سي ايل جي وڪڻڻ کان پوءِ هي حال آهي جو فون استعمال ڪندڙ کي پنهنجو نمبر چيڪ ڪرڻ لاءِ به پئسا ڀرڻا پئجي رهيا آهن.جڏهن ته حڪومت کي ايم سي بي،حبيب بنڪ،يو بي ايل،جي وڪڻڻ سان به ڇا مليو.  افسوس ٿو ٿئي ته حڪومت انهن ادارن کي هٿي ڏئي انهن کي ترقي جي راهه ڏانهن نيئڻ بجاءِ انهن ادارن جي نجڪاري ڪري انهن ادارن کي تباهي کي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي.شايد هن وقت به حڪمران باهه ۽ گاسليٽ هارڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن، ڇو ته ڪنهن به اهو ناهي سوچيو ته ادارن کي ترقي ڏياري انهن ادارن مان ن آءِ ايم ايف جو قرض لاٿو وڃي.

پر هت ته رواج ئي ابتو آهي.قرض لاهڻ بجاءِ وڌيڪ قرض کڻڻ جي رٽ لڳائي ڇڏي آهي. پرنجڪاري جي معاملي ۾ اهڙا ادارا به نجڪاري جي ور چڙهي ويا جيڪا ترقي ڪري منافعو ڪمائي رهيا هئا. نجڪاري ڪميشن اڄ به پنهنجي رڪارڊ جو جائرو وٺي.ته ان کي احساس ٿيندو،ته انهن پاڪستان کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ ڪهڙا ڪارنام انجام ڏنا آهن.سنڌ اندر کنڊ پيدا ڪندڙ شگر ملون جيڪي ڪرڙوين رپين ۾ وڪرو ڪيو ويون.اهي ڪنهن به طرح سان قومي محاذ ۾ شامل نه هنيون.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان ڪير پڇا ڪري ته ان 45ڪروڙ پين جي ماليت جي هڪ شگر مل صرف 9 ڪروڙ ۾ ڇو ورتي.ان ڪري اڪثر دارا اهڙي ئي نوعيت سان وڪرو ڪيا ويا آهن جنهن سان  قومي مال جي نقصان کان اعليٰ عوام ۽ مزدور طبقي کي پڻ تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.ڪيترائي محنت ڪندڙ مزدور ويچارا بي روزگار ٿي ويا آهن.

آءِ ايم ايف ته اهو نه چيو آهي ته اوهان پي آءِ اي جي نجڪاري ڪيو.!پر حڪومت ته بنا سوچڻ جي ئي نجڪاري جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي وئي،کيس اها به خبر نه هئي ته انکان پوءِ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا. آءِ ايم ايف چيو ته توهان بجلي ورهائڻ واري شعبي جي نجڪاري ڪريو. انهن بنا سوچي سمجهي فيصلو ڪري ڇڏيو.حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هو عوام جي روزگار جي موقعا مهيا ڪري. پر پاڪستان ۾ ان جي ريت رسم بلڪل به ابتڙ آهي. هت روزگار جا موقعا فرام ڪرڻ بجاءِ روزگار جي موقعن کي ختم ڪيو پيو وڃي.

حڪومت کي گهرجي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ ادارن کي مضبوط ڪري انهن جي ترقي لاءِ جاکوڙ ڪري.پر هت ادارن جي واڌ ۽ ترقي ڪرڻ بجاءِ هر روز ڪنهن نه ڪنهن اداري جي وڪرو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي. ان ڪري اهو اهم سوال آهي ته ڇا حڪومت کي نجڪاري کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڇو ڳوليو نه ٿو ٿي.پر شايد هن وقت جي حاڪمن جي نيتن ۾ رولو آهي .جنهن جي ڪري هو قومي ادارن جي ڪروڙين رپين جي ملڪيت پنهنجي من پسند ماڻهن کي ٽڪي جي ملهه ۾ وڪڻڻ ٿا چاهين.ڇو ته هتي هر معاملي ۾ کوٽ نظر ٿي اچي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جي حڪومت مفاهمت کانسواءِ نه هلي سگهندي

مسلم ميراڻي وزير اعظم عمران خان  حڪومت ۾ اچڻ‌ کان اڳ ۽  حڪومت ملڻ‌ کانپوءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے